ٺٽو
-
جون- 2011 -21 جون
نوجوان جي قاتلن جي اڃان گرفتاري عمل نه آئي
ٺٽي شهر ۾ قتل ٿيل نوجوان ضياءُ الله شاهه پٺاڻ جي قتل ڪيس سندس چاچي ۽ ان جي پٽ خلاف داخل، ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي، ٻه ڏينهن اڳ ٺٽي شهر ۾ قتل ٿيل نوجوان جو ڪيس ٺٽي ٿاڻي تي سندس پيءُ بخت علي شاهه جي فرياد تي مقتول جي چاچي نور علي شاهه ۽ ان جي پٽ مدثر خلاف داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي .
وڌيڪ پڙھو -
20 جون
مڪلي تي مقامي بيروزگار نوجوانن جو احتجاجي مظاهرو، ڊي سي او آفيس اڳيان ڌرڻو
ٺٽي ضلعي ۾ سرڪاري کاتن توڙي اين جي اوز ۾ مقامي نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ بجاءِ غير مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ واري عمل خلاف مڪلي تي مقامي بيروزگار نوجوانن جو احتجاجي مظاهرو، ڊي سي او آفيس اڳيان ڌرڻو. ٺٽي جي بيروزگار نوجوانن پاران پبلڪ پارڪ کان هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي ريلي ۾ شامل نوجوانن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جيڪي نعريبازي ڪندي ڊي سي او آفيس اڳيان پهچي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي ڪندڙ ممتاز علي شيخ، غلام حيدر سرڪي ٻين چيو ته ضلعي ٺٽي جا نوجوان ڊگريون هٿن ۾ کڻي نوڪرين لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن، پر ان جي باوجود ضلعي جي چونڊيل نمائندن پاران ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ويو، جڏهن ته نا انصافي جي حد اها آهي ته هتي ڪم ڪندڙ غيرسرڪاري تنظيمن ۽ مختلف کاتن ۾ ٻاهرين ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
20 جون
اين جي اوز جي گاڏي هلائيندڙ نوجوان قتل
ٺٽي ۾ پراڻي دشمني تان هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، هڪ اين جي اوز جي گاڏي هلائيندڙ نوجوان ضياءُالله شاهه پٺاڻ کي کيربازار ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا، ٺٽو پوليس لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال مڪلي آندو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي پيءُ بخت علي شاهه صحافين کي ٻڌايو ته مونکي شڪ آهي ته منهنجي پٽ کي منهنجي ڀاءُ نور شاهه قتل ڪرايو آهي هن چيو ته چار سال اڳ ڪراچي ۾ نور شاهه جو پٽ مارجي ويو هو جنهن جي قتل جو الزام اسان تي هنيو ويو هو جڏهن ته فوتي نوجوان جو مڙهه مڪلي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
19 جون
ڪراچي کان چوهڙجمالي ويندڙ مسافربس ۾ ڦر
گهارو ويجهو ڪراچي کان چوهڙجمالي ويندڙ مسافربس ۾ مسافرن جي روپ ۾ سوار 6 هٿياربندن هٿيارن جي زور تي مسافرن کي يرغمال بڻائي کانئن هزارين رپيا روڪ رقم موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ڦر جي ويل مسافر گهاري ويجهو قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون. بعد ۾ پوليس پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.
وڌيڪ پڙھو -
19 جون
ڌاٻيجي ڀرسان وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٻه ڄڻا فوت 8 زخمي
ڌاٻيجي ڀرسان وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٻه جڻا فوت 8 ڄڻا زخمي، ڪراچي کان ڪينجهر طرف پنهنجي خاندان سان گڏ پڪنڪ ملهائڻ لاءِ ايندڙن جي وين جو ڌاٻيجي ڀرسان انڊس آئل رفائنري وٽ قومي شاهراهه تي ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي جي اورنگي ٽائون جا رهواسي ٻه نوجوان 19 سالا ريحان ۽ 18 سالا شاهد ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته ارسلان، جنيد، منان، شعيب، جاويد سميت 8 جڻا زخمي پيا جن کي گهارو رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو بعد ۾ سندن وارث زخمين ۽ فوتين کي ڪراچي کڻائي ويا
وڌيڪ پڙھو -
16 جون
ٺٽي ۾ هڪ دفعو ٻيهر وڏي ٻوڏ جو امڪاني خطرو
ٺٽي ۾ هڪ دفعو ٻيهر وڏي ٻوڏ جو امڪاني خطرو چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج مٺل خان عباسي سپرينٽينڊٽ ڪلر بگاڙ سرڪل عبدالقادر عباسي سان گذريل ٻوڏ ۾ تباه ٿيندڙ پنياري شاخ ۽ ايم ايس حفاظتي بند تي هلندڙ تعميراتي ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ ٺٽي پهچي ويو. هن آبپاشي کاتي لوئر پنياري ۽ اپر پنياري جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي 20 جون تائين هر حالت ۾ ڪم مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. ان ڏس ۾ اين اين آءِ پاران اڳواٽ ئي ان ڳالهه جي نشاندهي ٿي چڪي آهي ته ايگزيڪيوٽو انجنيئر اپر پنياري سرڪل جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر سهيل بلوچ پاران ايم ايس حفاظتي بند جو ٺيڪو پنهنجي من پسند ٺيڪيدارن کي ڳري ڪميشن جي ڪري ڏنو جن ۾ هڪ ٺيڪيدار نور الدين شيخ مڪمل طور تي نابين آهي اهو ڏسي به نه ٿو سگهي پر ان جي باوجود حساس نوعيت جي ايم حفاظتي بند جي مرمت جو ڪم ان جي حوالي به ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف اين اين آءِ کي هي ڄاڻ ملي آهي ته آبپاشي کاتي ڪچي ۾ رهندڙ هزارين ماڻهن کي نوٽس جاري ڪري گهر خالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
6 جون
اياز شاهه شيرازي پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
مسلم ليگ (ق) جي مرڪزي ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري قومي اسيمبلي ميمبر سيد اياز علي شاهه شيرازي پنهنجي هڪ بيان ۾ پارٽي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندي چيو آهي ته هو پنهنجي ذاتي مصروفيتن سبب پارٽي سرگرمين کان عليحده ٿي رهيو آهي. ان ڪري پارٽي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪريان ٿو. هوڏانهن مسلم ليگ (ق) ضلعي ٺٽي جي صدر سيد نصير حسين شاهه شيرازي ضلعي جنرل سيڪريٽري امجد سعيد، حيدرآباد ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري سيد سرفراز شاهه، تعلقي ٺٽي جي صدر منور هيجب، سجاول جي صدر حاجي حسين ٻارڻ، بٺورو جي حاجي حبيب ميمڻ، ساڪرو تعلقي جي طفيل احمد ٿهيم، گهوڙا ٻاري جي نظير احمد ڪيهر، يوٿ ونگ ضلعي ٺٽي جي صدر عبدالعزيز ميمڻ سميت پارٽي جي نون ئي تعلقن جي عهديدارن، مسلم ليگ (ق) جي ذيلي تنظيمن يوٿ ونگ، ايم ايس ايف، ليبر ونگ جي عهديدارن احتجاجن پارٽي جي عهدن تان استعيفيٰ ڏيندي چيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
5 جون
ملڪاڻي شريف ويجهو ناري مبينا طور اغوا، 7 جوابدارن تي ڪيس داخل، 2 گرفتار
ملڪاڻي شريف لڳ ڳوٺ محمد شريف راجپوت ۾ 16 سالن جي نوجوان ناري آمنه ڌيءَ محمد اشرف راجپوت کي مبينا طور گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو ويو، پنگريو ٿاڻي تي ناري جي پيءُ محمد اشرف راجپوت گناهه نمبر 70 تحت 7 جوابدارن مير حسن، الهه بچايو، مبارڪ، الهڏنو، عبدالله، جمعون ۽ خالق ڏنو ڀٽي خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار رات جو گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي ناري کي اغوا ڪري ويا، پوليس ٻن جوابدارن خالق ڏنو ۽ مبارڪ ڀٽي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، علائقي ۾ اهي چوٻول آهن ته ناري مير حسن ڀٽي سان گهران نڪري فرار ٿي وئي آهي.
وڌيڪ پڙھو