ٺٽو

  • جولائی- 2011 -
    10 جولائی

    جيئي سنڌ محاذ پاران ڪراچي ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن ٺٽو ۾ مظاھرو

    جيئي سنڌ محاذ پاران ڪراچي ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن ۽ بيگناهه شهرين جي قتلام توڙي ڌارين جي آبد ڪاري خلاف ضلعي ٺٽي جي صدر محبوب ميمڻ، جنرل سيڪريٽري نعمان علي شورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺٽو ۾احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ هڪدم قتل عام بند ڪري دهشتگردي جي وارداتن ۾ ملوث دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 9 جولائی

    ٻوڏ متاثر ڳوٺن جي رهواسين پاران ٺٽو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي

    ٺٽي ۾ سجاول جي مختلف ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتون نه ملڻ ۽ ڳوٺ پڪا نه ڪرائڻ خلاف احتجاجي ريلي، انسٽيٽيوٽ فار سوشل موومينٽ پاران ارشاد لغاري ، محمد حسن خاصخيلي، رحمت الله پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقي سجاول جي مختلف ٻوڏ متاثر ڳوٺن جي رهواسين پاران ٺٽو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي، ان موقعي تي هنن چيو ته گذريل سال آيل مها ٻوڏ سبب سندن سڀ ڪجهه ٻڏي ۽ لڙهي ويو آهي هنن چيو ته سندن ڳوٺن کي رجسٽرڊ ڪرائي پڪو ڪيو وڃي ۽ بنيادي سهولتون ، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي، تعليم ، روڊ ۽ رستا ڏنا وڃن.

    وڌيڪ پڙھو
  • 8 جولائی

    ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 5 لک ڪيوسڪس کان مٿي پاڻي اچڻ جي صورت ۾ ٺٽي ضلعي اندر ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي: نيشنل ڊزاسٽرمئنجمينٽ اٿارٽي

    نيشنل ڊزاسٽرمئنجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ٺٽي ضلعي جي حفاظتي بچاءُ بندن تي هلندڙ مرمتي واري ڪمن جو معائنو ڪيو ۽ انديشو ظاهر ڪيو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 5 لک ڪيوسڪس کان مٿي پاڻي اچڻ جي صورت ۾ ٺٽي ضلعي اندر ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي جنهن لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، نيشنل ڊزاسٽرمئنجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ظفر اقبال پي ڊي ايم اي جي ڊي جي پيربخش جمالي سان گڏجي ٺٽي جي انتهائي حساس قرار ڏنل ۽ گذريل ٻوڏ ۾ تباهي جو سبب بڻيل پي بي بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ هلندڙ مرمتي ڪم جو دورو ڪري جائزو ورتو ان موقعي تي آبپاشي کاتي جي انتظاميا پاران بندن تي هلندڙ ڪم بابت بريفنگ ڏني ويئي ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ظفراقبال چيو ته هن وقت ملڪ ۾ ٻوڏ واريون حالتون گهٽ نظر اچي رهيون آهن البته ٻوڏن جو دارو مدار برساتن جي لڳاتار پوڻ تي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 7 جولائی

    هاڻ ٻوڏ نه ايندي، آبادگار پنهنجون زمينون آباد ڪن: حاجي مظفر شجراه

    سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي ٻيهر بحالي واري وزير حاجي مظفر شجراه چيو آهي ته هاڻ ٻوڏ نه ايندي، آبادگار پنهنجون زمينون آباد ڪن پر ان جي باوجود سنڌ حڪومت پنهنجون سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن هن اهڙن خيالن جو اظهار سجاول لڳ سماجي تنظيم پاران ٻوڏ متاثر ڳوٺ اسماعيل ميرجت ۽ پسند مائيسري ۾ تعمير ڪرايل گهرن جي معائني ڪرڻ بعد جيم خانه مڪلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو پاڻي کي روڪڻ لاءِ بندن جي ضرورت هوندي ۽هن وقت بند مضبوط آهن تنهنڪري هن سال پاڻي خير خوڀي سان گذري ويندو ۽ صرف ڪچي جا ڪجهه علائقا ٻڏندا، هن انڪاشف ڪندي چيو ته ته هن ڀيري 8 کان 10 لک ڪيوسڪس تائين ٻوڏ اچي سگهي ٿي پر ان سان بندن تي ڪو اثر نه پوندو ڪراچي جون 144 عمارتون انتهائي خطرناڪ قرار ڏيڻ بعد ماڻهو اتي زبردستي رهائش پذير آهن جنهن لاءِ بڊلنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ڪارروائي لاءِ چيو ويو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 5 جولائی

    پ پ سرڪار ۽ نام نهاد عدالتون انصاف کان قاصر آهن: نواز خان زنئور

    غلام الله ۾ جسقم آريسر گروپ پاران شهيد قربان کهاوڙ ۽ ساٿين جي ياد ۾ جلسو، شهيد قربان کهاوڙ جي پٽن جي شرڪت. شهيدن جي ڇڏيل مشن کي منزل راهه تائين پهچائڻ جو عهد. جلسي کي خطاب ڪندي جسقم جي وائيس چيئرمين اسلم خيرپوري خطاب ڪندي چيو ته شهيد قومن جي ميراث هوندا آهن جن جي نقش قدم تي هلي قومي آجپو ماڻينداسين. هن چيو ته شهيد قربان کهاوڙ ذاتي مفادن کان مٿي ٿي سنڌ سان عشق ڪيو ۽ پنهنجي قومي مقصد جي حاصلات واري جدوجهد ۽ زندگي ڏيئي ڇڏي. جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سرمد ميراڻي خطاب ڪندي چيو ته رياست قومي ڪارڪنن کي هيسائڻ منزل تان هٽائڻ ٿي چاهي پر سندن ارادا ناڪام بڻايا ويندا ۽ آجپي جي جدوجهد جاري رکنداسين

    وڌيڪ پڙھو
  • 3 جولائی

    ايم ڪيو ايم ۽ پ پ ٻئي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن ٻئي پارٽيون سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جون سڄڻ ناھن، عوامي تحريڪ

    عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس عوامي هائوس مڪلي تي ضلعي صدر گهنور خان زنئور جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري سردار انور سومرو ۽ مرڪزي اڳواڻ گل حسن ڪيڙانو چيو ته سنڌ انتهائي نازڪ دور مان گذري رهي آهي موجوده حڪمران بوگس آدمشماري ڪرائي سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهين ٿا، ايم ڪيو ايم ۽ پ پ ٻئي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن. اهي ٻئي پارٽيون سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جون سجڻ نه آهن هنن ڪوڙا نعرا ڏيئي سنڌ کي مال غنيمت سمجهي لٽيو ۽ ڦڙيو آهي هنن چيو ته هن سال وري به ٻوڏ جو خطرو آهي پر سرڪار اڃان تائين بندن جو مرمتي ڪم مڪمل نه ڪرائي سگهي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 2 جولائی

    آبپاشي کاتي جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ پي بي بند جو ڪم ٻيھر شروع ٿي ويو

    4 ڏينهن تائين پي بي بچاءُ بند جو ڪم بند ٿيڻ بعد نيٺ آبپاشي کاتي جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ شروع ٿي ويو آهي ٻئي ٺيڪيدار مشنري بند تي لڳائي بند جي مرمت جو ڪم شروع ڪرائي ڏنو آهي. ٺٽي جي فقير جي ڳوٺ ويجهو پي بي بچاءُ بند جو ڪم بلن جي عدم ادائگي جي جواز سبب 4 ڏينهن تائين بند رهڻ کان پوءِ ڪالهه ڇنڇر واري ڏينهن کان ٻيهر شروع ٿي ويو آهي ۽ آبپاشي کاتي جي اختيارين پاران پي بي بچاءُ بند تي ڪم ڪرائيندڙ ٻن ٺيڪيدارن کي نوٽيس جاري ٿيڻ بعد انهن پاران بند تي مشنري لڳائي ڇڏي آهي جڏهن ته پي بي بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ اڃان تائين پٿرن جي پيچنگ جو ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي ڪم شروع ڪرائيندڙ هڪ حصي جي ٺيڪيدار ٻڌايو ته بلن جي معاملا هجڻ ڪري مسئلا پيدا ٿيا آهن پر هاڻي وڌيڪ مشنري لڳائي ڪم کي تيز ڪيو ويو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 2 جولائی

    موجوده پ پ جي جهموري حڪومت عوام ۽ جهموريت ۾ ويساه رکندڙ حڪومت آهي: ڊاڪٽر موهن لال ڪوهستاني

    سنڌ جي اقليتي معاملن واري صوبائي وزير ڊاڪٽر موهن لال ڪوهستاني چيو آهي ته موجوده پ پ جي جهموري حڪومت عوام ۽ جهموريت ۾ ويساه رکندڙ حڪومت آهي جيڪا عوام جي بنيادي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪرڻ لاءِ محترما بينظير ڀٽو جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ عملي جدوجهد ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار هن چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا سان گڏجاڻي ۽ مختلف مندرن جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته موجوده حڪومت کي اقتدار ملڻ بعد وڏن چئلنجن کي منهن ڏيندي ملڪ مان بيروزگاري جو خاتمو، ترقيتاي ڪم ڪرائڻ ۽ عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات پاڻ تپوڙي رهي آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جو اسان جو ملڪ دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويندو. هن چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ سندس دوري جو مقصد اقليتي برادري کي درپيش مسئلا معلوم ڪري انهن کي حل ڪرڻ آهي.. هن چيو ته ٺٽي ۾ زبون حال چرچ ۽مندرن جي جلد مرمت ڪرائي اتي پوجا لاءِ ايندڙ اقليتي برادري جي ماڻهن کي يقيني بنايو وڃي ۽ سندن مئسلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 2 جولائی

    ڪراچي ۾ هڪ منظم سازش تحت سنڌي ماڻهن کي بيگناهه قتل ڪري ڪراچي ڇڏڻ جي مجبور بڻايو پيو وڃي: بشير خان قريشي

    ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٺٽي جي نوجوان ۽ جسقم جي ڪارڪن سهيل پارهيڙي جو لاش ٺٽي آندو ويو جتي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو فوتي نوجوان جو لاش مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ، تدفين وارين رسمن ۾ جسقم جي چيئرمين بشير خان قريشي سميت سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي ، بعد ۾ ٺٽو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بشير خان قريشي چيو ته ڪراچي ۾ هڪ منظم سازش تحت سنڌي ماڻهن کي بيگناهه قتل ڪري ڪراچي ڇڏڻ جي مجبور بڻايو پيو وڃي پر ان جي باوجود سنڌي ماڻهن جي ووٽن تي چونڊجي اقتدار حاصل ڪندڙ پ پ حڪومت ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي هن چيو ته لياري ۾ سنڌي ماڻهن کي بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي پر حڪمران ڪو به نوٽيس توڙي قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهن هن چيو ته ڪراچي جو امن تباهه ڪندڙن ۾ پ پ ۽ پيپلز امن ڪميٽي ، ايم ڪيو ايم، ايم اين پي برابر جون شريڪ آهن جيڪي نٿا چاهين ته ڪراچي ۾ امن قائم ٿئي

    وڌيڪ پڙھو
  • 1 جولائی

    پي بي بچاءُ جي مرمت جو ڪم اڃان تائين رولڙي جو شڪار، علائقي واسي پريشان

    پي بي بچاءُ بند تي ڪم بند ڪندڙ ٻن ٺيڪيدارن کي نيٺ آبپاشي کاتي ٺٽو جي انتظاميا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، 3 ڏينهن کان ٺٽي جي حدن اندر سنڌو درياهه جي ساجي پاسي گذريل ٻوڏ دوران تباهي جو سبب بڻيل فقير جو ڳوٺ لڳ پي بي بچاءُ بند تي مرمتي ۽ مضبوطي وارو ڪم بدستور بند پيل آهي ۽ ٺيڪيدارن پي بي بند تي ڪم روڪڻ بعد مشنري واپس ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب انتهائي حساس پي بي بچاءُ بند تي مرمتي ارٿ ورڪ ، پيچنگ ۽ بند کي 6 فوٽ مٿي ڪرڻ وارو ڪم 50 سيڪڙو به نه ٿي سگهيو آهي پي بي بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ کان 6 ميل تائين جو ٺيڪو نياز پهنور کي مليل هو جنهن جو ڪم 3 ڏينهن کان بند پيل آهي جڏهن ته ٻيو حصو 6 ميل کان 15 ميل تائين ٺٽي جي هڪ ٺيڪيدار انور ميمڻ جي نالي ڏنو ويو هو

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button