ٺٽو
-
اگست- 2011 -2 اگست
ڊاڪٽر واسديو لوهاڻو ٺٽي کان پنهنجي گهر ويندي گلشن حديد واري علائقي مان اغوا
ٺٽي جي مشهور چيسٽ اسپيشلسٽ ۽ ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر واسديو لوهاڻو ٺٽي کان پنهنجي گهر ويندي گلشن حديد واري علائقي مان اغوا، هندو برادري سميت ڊاڪٽرن ۾ ڳڻتي ڇانيل صحت کاتي جي مرڪزن ۾ ٽوڪن هڙتال جو سڏ. رپورٽ. موجب ٺٽي ضلعي جي مشهور چيسٽ اپيشلسٽ ۽ صحت کاتي ٺٽو جي ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر واسديو جي لوهاڻا گذريل رات پنهنجي ٺٽي ۾ ڪلينڪ بند ڪري بس ذريعي گلشن حديد ۾ پنهنجي گهر روانو ٿيو جيڪو گلشن حديد جي مين اسٽاپ تي لهڻ کان پوءِ گهر نه پهتو، ۽ سجي رات گهر وارن پاران انتظار ڪرڻ کان پوءِ ڪالهه صبح جو سندس موبائيل فون ذريعي اغوا ڪندڙن سندس گهر فون ڪري ڊاڪٽر کي اغوا ڪرڻ جو اطلاع ڏنو، جنهن کان پوءِ سندس گهرڀاتين توڙي ڊاڪٽر برادري ۾ سخت ڳڻتي ۽ پريشاني ڦهلجي ويئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
جولائی- 2011 -31 جولائی
فشرفوڪ فورم پاران شهر ذوالفقار آباد لاءِ زمينون خالي ڪرائڻ خلاف مزاحمت جو اعلان
ضلعي ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۾ اعلانيل نئون شهر ذوالفقار آباد جي اڏاوت خلاف فشرفوڪ فورم پاران سامونڊي علائقي ۾ مهم شروع، کاروڇاڻ ۾ مقامي رهواسين جو ميڙاڪو پنهنجون اباڻيون زمينون نه ڇڏڻ ۽ ڌارين جي امڪاني طور تي سامونڊي پٽي ۾ زمينون خريد ڪرڻ خلاف احتجاج جو چتاءُ. ضلعي ٺٽي جي سامونڊي پٽي جي تعلقي ڪيٽي بندر ، کاروڇاڻ، شاهبندر ۽ جاتي جي 3 لک 28 هزار زميني ايراضي تي اعلانيل نئين جديد شهر ذوالفقار آباد کي سرڪار پاران جوڙائڻ جي ڪيل تيارين کان پوءِ سامونڊي پٽي جي رهواسين پاران پنهنجي پاڻ کي امڪاني طور تي بيدخل ڪرڻ جي سازشن کي سامهون رکندي ان عمل خلاف سخت مزاحمت ڪرڻ جو اعلان ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
31 جولائی
ماهيگير تنظيمن ڍنڍن ۽ ڍورن تي بااثر ماڻهن جي قبضن ۽ ملاحن کي روزگار جا موقعا فراهم نه ڪرڻ خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو
ٺٽي ضلعي جي ماهيگير تنظيمن ڍنڍن ۽ ڍورن تي بااثر ماڻهن جي قبضن ۽ ملاحن کي روزگار جا موقعا فراهم نه ڪرڻ خلاف احتجاجي تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ رمضان شريف دوران دستخطي مهم هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته هزارين ملاحن جي صحيحن سان درخواست تيار ڪري صدر آصف زرداري ۽ وزير اعلي سنڌ قائم علي شاهه کي اماڻي ملاحن سان ٿيندڙ نا انصافي بابت آگاهي ڏني ويندي، مڇي مارڪيٽ ٺٽو ۾ ڪينجهر فشرمين ويلفيئر سوسائٽي ٺٽو جي چيئرمين آدم گندرو جي صدارت هيٺ ملاح اتحاد تحريڪ، ماهيگير ايڪشن ڪميٽي ۽ ڪينجهر فشرمين ويلفيئر سوسائٽي جو گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٺٽي ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۽ سنڌو درياهه جي مياڻين، سونهري مياڻ، دولت پور، مٽڪا، جهمپير، فقير جو ڳوٺ، هڏيرو ڍنڍ، سانول پور، سونڊا، جهرڪ ، گهوڙاٻاري ۽ ٻين علائقن جي ملاحن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
31 جولائی
جوڊيشل پاليسي کان پوءِعدالتن جي ڪارروائي ۾ تيزي آئي آهي: جسٽس حسن اظهر رضوي
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي جي اڳواڻي ۾ هڪ انسپيڪشن ٽيم ٺٽي پهتل آهي جنهن گذريل ڏينهن ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ ٺٽو ۽ ان جي ماتحت عدليه جي ڪاڪردگي جو جائزو وٺي انسپيڪشن ڪئي جڏهن ته ساڳئي ٽيم گهارو، سجاول ۽ ميرپوربٺورو جي سول ڪورٽس جو دورو ڪري ڪورٽن پاران گذريل سال دوران ڪيسن جي حوالي سان ڪيل ڪارگذاري ۽ ڪيسن جي اڪلاءِ جو جائزو ورتو ۽ انسپيڪشن ڪئي ان کان اڳ ٺٽو ڊسٽرڪٽ بار جي بار روم ۾ مقامي وڪيل برادري کي خطاب ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته جڊيشل پاليسي کان پوءِعدالتن جي ڪارروائي ۾ تيزي آئي آهي پر ان کي وڌيڪ مئوثر ۽ فعال بنائڻ جي ضرورت آهي
وڌيڪ پڙھو -
29 جولائی
پاڪستان هلال اهمر سنڌ پاران ٺٽي جي ٻوڏ سٽيل علائقن جي رهواسين جي امدادي ساهائتا ڪرڻ لاءِ دورو
پاڪستان هلال اهمر سنڌ جي سيڪريٽري ڪنور وسيم ، مسٽر نگال ايجي، ياپ ٽائمر، مس پولا بيزان ۽ مظهرالاسلام تي مشتمل هڪ وفد پاڪستان هلال اهمر جي تعاون سان ضلعي ٺٽي جي ٻوڏ سٽيل علائقن جي رهواسين جي امدادي ساهائتا ڪرڻ لاءِ هلندڙ لائيولي هوڊ پراجيڪٽ ۽ کين پائلٽ پراجيڪٽ ذريعي شيلٽر تعمير ڪري ڏيڻ واري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ ڳوٺ سونا خان جماري ۽ ڳوٺ سليما خاصخيلي جو دورو ڪيو ، بعد ۾ ڊسٽرڪٽ برانچ آفيس ۾ هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي ويئي
وڌيڪ پڙھو -
29 جولائی
سنڌ حڪومت سياحت جي اهم مرڪز ڪينجهر ۽ گورک کي ترقي وٺرائڻ جو جو اعلان ڪري ڇڏيو
سنڌ حڪومت سياحت جي اهم مرڪز ڪينجهر ۽ گورک کي ترقي وٺرائڻ جو ڪم شروع ڪرائڻ ۽ ڪينجهر جي نوري ريسٽورينٽ ۽ شاهجهان جامع مسجد ٺٽو جي ريسٽورينٽ کي پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت خانگي ماڻهن حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سياحت کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي سياحت جي سيڪريٽري دلاور منگي ۽ گورک هل جي ڊي جي نظير احمد جکراڻي سان گڏجي ڪينجهر ڍنڍ جي دوري دوران پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪينجهر ڍنڍ تي بهترين سياحتي مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ پرائيويٽ پارٽنر شپ پاليسي تحت 6 ارب رپين جي لاڳت سان 7 سئو 50 ايڪڙ ايراضي زمين مختص ڪري پلان تيار ڪيو ويو آهي ، جنهن ۾ ميوزيم، ڪنوينشن سينٽر، رهائشي هٽس سميت مختلف سهوليتون شامل هونديون، صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيوته ابتدائي مرحلي ۾ ڪينجهر جي پڪنڪ پوائنٽ تي سياحن ۽ پڪنڪ ملهائڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن جي سهوليت لاءِ فوري منصوبن تي ڪم شروع ڪرايو ويندو ، هن چيو ته 1985 ۾ ٺهيل هٽس جي پڻ مرمت ڪئي پئي وڃي
وڌيڪ پڙھو -
29 جولائی
سنڌ اندر الڳ صوبو ٺاهڻ ناممڪن آهي ۽ اها اڻ ٿيڻي سوچ آهي: سسئي پليجو
صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو چيو آهي ته سنڌ اندر الڳ صوبو ٺاهڻ ناممڪن آهي ۽ اها اڻ ٿيڻي سوچ آهي، ڪنهن به جيڪڏهن الڳ صوبي جي ڳالهه ڪئي آهي ته ان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه پاڪستان جي سالميت جو دفاع ڪيو آهي ۽ دفاع ڪندي رهندي. اها ڳالهه هن ڪوٽ عالمون لڳ ايم ايس بچاءُ بند جي هلندڙ تعميراتي ڪم جي معائني بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پ پ جي حڪومت ۾ سنڌ ۾ بچاءُ بندن جي مرمت ۽ انهن کي اصل ليول کان 6 فوٽ بلند ڪرڻ جو ڪم تمام معياري ۽ تسلي بخش ٿيو آهي جنهن بعد هاڻي ٺٽي سميت سموري سنڌ جي ماڻهن کي ٻوڏ جو ڪو به خاطرو ناهي. هن چيو ته بچاءُ بندن جو ڪم 31 جولاءِ تائين هر صورت ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ آبپاشي عملدارن ۽ ٺيڪيدارن کي پابند بنايو ويو آهي ته جيئن وقت سر بندن جو ڪم مڪمل ٿي سگهي. هن چيو ته بندن جي مرمت واري ڪم ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئ ويندي ۽ ڪوتاهي ڪندڙ عملدارن توڙي ٺيڪيدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي
وڌيڪ پڙھو -
29 جولائی
هندستاني جيلن مان آزادي ماڻيل ٺٽي ضلعي جي ساحلي علائقي جا 13 ماهيگير پنهنجي ڳوٺن ڏانهن پهچي ويا
هندستاني جيلن مان آزادي ماڻيل ٺٽي ضلعي جي ساحلي علائقي جا 13 ماهيگير پنهنجي ڳوٺن ڏانهن پهچي ويا ، سندن علائقي ۾ خوشي جي لهر، 9 ماهيگير اڃان تائين هندستان جي جيلن ۾ قيدي بڻيل ، فشرفوڪ فورم سميت ملاح تنظيمن پاران سيرڪريڪ جي حد بندي وارو تڪرار فوري طور نبيرڻ جو مطالبو. تازو پاڪستان ۽ هندسستان جي حڪومت پاران گرفتار ڪيل ملاحن کي مٽا سٽا واري پاليسي تحت آزاد ڪرڻ کان پوءِ ٺٽي ضلعي سان تعلق رکندڙ کاروڇاڻ تعلقي جي ساحلي علائقي آٿرڪي جا رهواسي 13 ملاح آزادي ماڻڻ بعد ڪراچي پهچڻ کان پوءِ گذريل رات ديرسان پنهنجي ڳوٺن ڏانهن پهچي ويا آهن ڪراچي پهچڻ تي ڪاتيار ۽ سولنگي برادري جي 13 ماهيگيرن جو ڪراچي ۾ سندن مائٽن استقبال ڪري سندن آجيان ڪرڻ بعد کين جلوس جي صورت ۾ پنهنجي ماڳن ڏانهن وٺي آيا، جتي جشن جو سماءُ نظر اچي رهيو هو
وڌيڪ پڙھو -
29 جولائی
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو عباسي رمضان المبارڪ دوران ضلعي ۾ عام واهپي جي 52 شين جي اگهن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو محمد جعفر عباسي رمضان المبارڪ دوران ضلعي ۾ عام واهپي جي 52 شين جي اگهن جي لسٽ جاري ڪندي واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن تي زور ڀريو آهي ته هو رمضان جي مهيني جو پورو احترام ڪن ۽ عام واهپي جي شين جو وڪرو ضلعي انتظاميا پاران مقرر ڪيل اگهن تي ڪري پنهنجو اخلاقي ۽ قانوني ذميواريون نڀائين اها ڳالهه هن دربار هال مڪلي ۾ ضلعي پرائس ڪنٽرول ڪميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪئي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران رمضان شريف دوران عام واهپي جي شين جي مقرر ڪيل اگهن کان وڌيڪ اگهه وٺندڙ ۽ ذخيره اندوزي ۽ منافي خوري ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي، ۽ اهڙن واپارين توڙي دڪاندارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هن سب ڊويزنل مئجسٽريٽن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي ته هو رمضان دوران عام واهپي جي شين جي وڪري تي ڪڙي نظر رکن
وڌيڪ پڙھو -
29 جولائی
نجي ٽي وي چئنل خلاف ٺٽو ۾ مظاھرو
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران نجي ٽي وي چئنل خلاف ٺٽو ۾ ناٿو خان بروهي، نوشاد خميسو چانڊيو، عطا محمد بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان نجي چئنل سنڌ جي ورهاڱي لاءِ جيڪا مهم هلائي رهيو آهي ترقي پسند پارٽي ان جي سخت مذمت ڪري ٿي ۽ چئنل کي چتاءُ ڏيندي چيو ته فوري طور سنڌ دشمن مهم بند ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سجي سنڌ ۾ تحريڪ هلائي ويندي.
وڌيڪ پڙھو