ٺٽو
-
اگست- 2011 -15 اگست
ٺٽي ضلعي ۾ برسات، اڪثر شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڏيڍ کان ٻه فوٽن تائين پاڻي بيهي رهيو
ضلعي ٺٽي اندر برسات ، شهري علائقا ۽ ڪيترائي ڳوٺ برساتي پاڻي هيٺ، ڪينجهر ڪناري لڳ ڳوٺ سونهري ۾ 40 کان وڌيڪ ڪچا گهر ڊهي پيا، زندگي جو سمورو ڪاروهنوار سخت متاثر ، مواصلاتي نظام درهم برهم، سومر واري رات کان شروع ٿيل تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جي تيز وسڪاري ضلعي ٺٽي جي مختلف علائقن ٺٽو، مڪلي، جهمپير، جنگشاهي، ڌاٻيجي، ميرپورساڪرو، ڳاڙهو، ٻگهاڻ، ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، گهوڙاٻاري، ور، غلام الله سميت ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ شهرين توڙي ڳوٺاڻن جي زندگي سخت متاثر ڪري ڇڏي آهي، اڪثر شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڏيڍ کان ٻه فوٽن تائين پاڻي بيهي رهيو آهي، جڏهن ته ڪينجهر ڪناري تي آباد مهاڻن جي وڏي ڳوٺ سونهري ۾ تيز هوائن سان گڏ پوندڙ برسات 40 کان مٿي ڪچا گهر ڊاهي ڇڏيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
15 اگست
ٺٽي ضلعي کي فورن آفت زده ضلعو قرار ڏيئي طوفاني برسات کان متاثر ماڻهن جي واهر ڪئي وڃي: ايازعلي شاهه شيرازي
ايم اين اي سيد ايازعلي شاهه شيرازي صدر آصف علي زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان گهر ڪئي آهي ته ٺٽي ضلعي کي فورن آفت زده ضلعو قرار ڏيئي طوفاني برسات کان متاثر ماڻهن جي واهر ڪري کين کاڌ خوراڪ، دوائون مهيا ڪرڻ سان گڏ رهائش جو بندوبست ڪيو وڃي، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته تازين طوفاني برساتن سبب ٺٽي ضلعي ۾ وڏي تباهي آئي آهي ماڻهن جا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ، ماڻهو پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي بندن تي اچي ويٺا آهن. سجي ضلعي ۾ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. سيد اياز علي شاهه شيرازي چيو ته ٺٽي ضلعي جو عوام اڳ ئي ٻوڏ جي تباهڪارين کان بي حال هو ، ماڻهن پنهنجا زيور ، مال وڪڻي قرض کڻي ٻيهر فصل ڪيا، پر طوفاني برساتن انهن جا فصل تباهه ڪري ڇڏيا
وڌيڪ پڙھو -
15 اگست
جشن آزادي جي موقعي تي مشهور پهلوان ميرمحمد ۽ سندس ساٿين ڏندن ۽ وارن سان گاڏيون ڇڪي ۽ وزني پٿر چيل سان ٻڏي جواني جا جوهر ڏيکاريا
جشن آزادي جي موقعي تي مڪلي پوليس لائين گرائونڊ تي هڪ تقريب منعقد ڪئي ويئي جنهن ۾ ٺٽي جي ڊي سي او محمد جعفر عباسي پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائي تقريب جو افتتاح ڪيو، جڏهن ته (اج) ضلعي جي سمورن اسڪولن ۾ موڪل جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي اسڪولي ٻارڙن ۽ ٻارڙين پاران ٽيبلوز پيش ڪيا ويا ۽ تقريرون ڪرايون ويون جڏهن ته سنڌ جي مشهور پهلوان ميرمحمد ۽ سندس ساٿين ڏندن ۽ وارن سان گاڏيون ڇڪي ۽ وزني پٿر چيل سان ٻڏي جواني جا جوهر ڏيکاريا. ان موقعي تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ٺٽي جي ڊي سي او محمد جعفر عباسي چيو ته آزادي وڏي نعمت آهي ۽ اسان خوش نصيب آهيون جو اسان جي وڏن جي قربانين سبب اج اسين آزاد ملڪ جا رهواسي آهيون ۽ پنهنجي خودمختياري سان زندگي گذاري رهيا آهيون
وڌيڪ پڙھو -
15 اگست
هلال احمر ٺٽو پاران ڊسٽرڪٽ برانچ آفيس ۾ جشن آزادي جي موقعي تي هڪ تقريب منعقد ڪئي ويئي
14 آگسٽ جي موقعي تي هلال احمر ٺٽو پاران ڊسٽرڪٽ برانچ آفيس ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي ويئي، تقريب جو افتتاح هلال احمر ضلعي ٺٽي جي هانرري سيڪريٽري حاجي محمد حنيف ميمڻ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائي ڪيو، تقريب کي خطاب ڪندي حاجي محمد حنيف ميمڻ چيوته نوجوانن، بزرگن پاران جانين جي ڏنل عظيم نذراني کان پوءِ 1947 ۾ پاڪستان جي صورت ۾ هي ملڪ مليو آهي . هن چيو ته اسان خوش نصيب آهيون جو اسين آزاد ملڪ جا رهواسي آهيون ۽ پنهنجي خودمختياري سان زندگي گذاري رهيا آهيون،
وڌيڪ پڙھو -
15 اگست
ايس ايس پي ٺٽو فداحسين مستوئي جي بدلي فوري روڪي وڃي: شھري
ٺٽي جي سڄاڻ ڌرين ايس ايس پي ٺٽو فداحسين مستوئي جي بدلي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سندس بدلي روڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ، جڏهن ته ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي سنڌ حڪومت سان رابطو ڪري ايس ايس پي فداحسين مستوئي کي واپس ٺٽي ۾ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ٺٽي مان بدلي ٿيل ايس ايس پي فداحسين مستوئي جي مان ۾ پوليس لائين مڪلي ۾ٿيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي واپاري ايسوسيئشن ٺٽو جي اڳواڻ شهزاد هاشماڻي، انساني حقن واري تنظيم جي اڳواڻ نظير جاکرو، سماجي اڳواڻ رشيد جاکرو ۽ ٻين چيو ته فداحسين مستوئي ضلعي ٺٽي اندر پنجن مهينن دوران ڏوهن ته ڪنٽرول ڪري امن امان جي صورتحال کي بهتر بنائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ سندس دور ۾ ڪنهن اغوا ۽ وڏي ڏوهه جي واردات نه ٿي هنن چيو ته ايس ايس پي فداحسين مستوئي ضلعي جي سمورن فردن سان گڏجي ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بنائڻ ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪئي تنهنڪري سندس هتان تڪڙي بدلي هتان جي عوام کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
13 اگست
ڪمشنري نظام جي خاتمي خلاف ٺٽي شهر سميت ضلعي اندر مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال. ٽائرن کي باهيون
قومپرستن جي سڏ تي ڪمشنري نظام جي خاتمي خلاف ٺٽي شهر سميت ضلعي اندر مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال. ٽائرن کي باهيون، سنڌياڻي تحريڪ سميت مختلف سياسي پارٽين پاران احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، اڳوڻي وفاقي وزير بابر اعواڻ جي پتلي کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو ، حفاظتي انتظام انتهائي سخت. سنڌ جي قومپرست ڌرين پاران جوڙيل سنڌ بچايو ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ٺٽي شهر ۾ مڪمل طور شٽربند ۽ ڦيٿاروڪ هڙتال ڪئي ويئي ٺٽي شهر جون سموريون بازارون جن ۾سونارا بازار، شاهي بازار، چاندني چوڪ، مڇي مارڪيٽ، سبزي مارڪيٽ، گوشت مارڪيٽ ، کيربازار، سميت سمورا ڪاروباري مرڪز دڪان، پئٽرول پمپ ۽ سي اين جي اسٽيشن بند رهيا جڏهن ته ٺٽي کان حيدرآباد ڪراچي ۽ بدين ويندڙ نيشنل هاءِ وي تان ٽريفڪ غائب رهي ۽ ڦيٿو نه ڦريو هڙتال کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ گذريل ڏينهن صبح سوير عوامي تحريڪ ، ايس ٽي پي ۽ ايس يو پي جي ۽ جسقم جي ڪارڪنن ٺٽو بائي پاس وٽ نيشنل هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي ۽ رڪاوٽون وجهي ٺٽو ڪراچي ۽ سجاول روڊ بند ڪري ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
13 اگست
ٺٽي برستات متاثرين لاءِ رليف ڪيمپون قائم
ٺٽي ضلعي اندر مسلسل برساتن سبب متاثر ٿيل ماڻهن لاءِ سجاول، جاتي ۽ جهوڪ شريف ۾ 7 رليف ڪئمپون قائم ڪري سندن سهائتا لاءِ ضلعي حڪومت سنڌ حڪومت کان مدد طلب ڪري ورتي آهي، 3 ڏينهن کان لڳاتار زوردار برساتن سبب سجاول شهر جي ڪچي آبادي جي رهواسي متاثرين 70 خاندانن کي ڊي ڊي او روينيو سجاول جي آفيس ۾ ڪيمپ قائم ڪري رهايو ويو آهي جڏهن ته جهوڪ شريف جي هاءِ اسڪول ۾ هڪ ڪيمپ قائم ڪري 15 خاندانن کي اتي منتقل ڪيو ويو آهي ٻئي طرف جاتي شهر جي ڪچي آبادي وارن علائقن ۾ پڻ برساتي پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري ڪيترائي ڪچا گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جن لاءِ جاتي جي مختلف سرڪاري عمارتن ۾ 5 مختلف رليف ڪيمپون قائم ڪري اتي 2 سئو ماڻهن کي رهايو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
13 اگست
سنڌياڻي تحريڪ پاران اڄ جي ھڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو
سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ فاطمه هاليپوٽو ضلعي ٺٽي جي صدر سلمه لاشاري سڪينه ميمڻ عائشه خشڪ آمنه لاشاري اجوڪي هڙتال جي حمايت ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ سمورن فيصلن خلاف سنڌياڻي تحريڪ سنڌي عوام سان گڏ ڀرپور نموني سان احتجاجي تحريڪ هلائيندي پريس ڪلب ٺٽو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هنن چيو ته موجوده حڪمران سنڌ کي مال غنيمت سمجهي ان جو سودو ڪري رهيا آهن ۽ ڪراچي توڙي حيدرآباد دهشتگردن حوالي ڪري سنڌ سان غداري وارو عمل ورجهايو آهي هنن چيو ته ذوالفقار مرزا سياستدان هوندي به ٻاراڻي تي لهي آيو آهي کيس سنڌ جي قومپرستن خلاف اختيار ڪيل ٻولي ڏکي پوندي
وڌيڪ پڙھو -
13 اگست
غلام الله ويجهو مسافر بس اونڌي، 15 ڄڻا زخمي
غلام الله ويجهو مسافر بس اونڌي، 15 ڄڻا زخمي، هڪ جي حالت نازڪ، خبر موجب، غلام الله شهر ويجهو گهوڙاٻاي کان ٺٽو طرف ايندڙ تيز رفتار بس ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري وڃڻ سبب اوندي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ بس ۾ سوار مسافر مصري ملاح، رزاق، حاجي غلام کوکر، مسمات الهوسائي، اسماعيل ، علي اڪبر ،الهڏنو گابار ، وحيد ۽ ٻيا شامل آهن زخمي ٿي پيا زخمين کي سول اسپتال مڪلي آندو ويو جن مان هڪ جڻي وحيد جي حالت نازڪ هئڻ سبب کيس ڪراچي اماڻيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
13 اگست
ٺٽي واسين پاران اڄ جي ھڙتال جي حمايت جو اعلان
ٺٽي جي قومپرست تنظيمن عوامي تحريڪ، جسقم ۽ ايس يو پي جي ڪارڪنن ضلعي اڳواڻن حاجي انور ڪرناڻي، مٺا خان لاشاري ۽ سرور خشڪ سان گڏجي ٺٽي شهر جو گشٽ ڪري (اج) اعلانيل هڙتال جي ڪاميابي لاءِ مختلف ڪاروباري ڌرين سان ملاقاتون ڪيون، قومپرست ڪارڪنن ۽ اڳواڻن واپاري تنظيمن ، ٽرانسپورٽرن، رڪشا يونين ، وين ايسوسيئشن وارن ۽ ٻين تظيمن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري کين (اڄ) واري هڙتال ۾ ساٿ ڏيڻ ۽ ڪاروبار بند رکڻ جي اپيل ڪئي جن کين مثبت موٽ ڏيندي هڙتال جي حمايت ڪري ڇڏي ، هوڏانهن ٺٽو شهري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ اسحاق خشڪ پڻ هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.
وڌيڪ پڙھو