ٺٽو

  • ستمبر- 2011 -
    4 ستمبر

    بيروزگار نوجوان پاران 13 ڏينهن به پريس ڪلب آڏو احتجاج جاري رکيو

    ٺٽي جي بيروزگار نوجوان پاران 13 ڏينهن به پريس ڪلب آڏو احتجاج جاري رکندي پنهنجن معصوم ٻارڙن ۽ گرده وڪرو ڪرڻ جا هوڪا، احتجاج ڪندڙن سان گڏ سندن مائرون به شامل ٿي مڪلي پهچي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير ۽ ايم پي اي حاجي عثمان جلباڻي جي گهرن آڏو احتجاج ۽ نعريبازي ڪئي. ضلعي ٺٽي اندر مختلف کاتن توڙي اين جي اوز ۾ غير مقامي ماڻهن جي مقررين ۽ مقامي نوجوانن کي نوڪريون نه ڏيڻ واري عمل خلاف 13 ڏينهن پڻ بيروزگار نوجوانن پاران پنهنجا معصوم ٻار ۽ گرده وڪرو ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان هوڪا ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو، جڏهن ته بيروزگار نوجوانن سندن مائرن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ مڪلي ڊي سي او آفيس کان هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي صوبائي وزير سسئي پليجو ۽ ايم پي اي حاجي عثمان جلباڻي جي گهرن اڳيان پهچي ڌرڻو هڻي ٻار ۽ گرده وڪرو ڪرڻ لاءِ هوڪا ڏنا، بيروزگارن موجب صوبائي وزير سسئي پليجو پنهنجي رهائشگاهه ۾ موجود هوندي اهو چئي ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته هي سندس تڪ ناهي

    وڌيڪ پڙھو
  • اگست- 2011 -
    27 اگست

    ڊي سي او ٺٽو جو تاريخي حيثيت رڪندڙ ٺٽي شهر ۾ صفائي جي ناقص صورتحال جو نوٽيس. ميونسپل انتظاميه ڪي شهر ڪي صاف رڪڻ جا حڪم جاري.

    ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي ٺٽي شهر ۾ صفائي جي ناقص صورتحال جي حوالي سان عوامي شڪايتن تي سخت نوٽيس وٺندي ميونسپل انتظاميه ڪي هدايت ڪئي آهي ته شهر ۾ صفائي جي ڪم ڪي بهتر بنايو وڃي. اڄ ٺٽي جي شهرين ءِ معززين پاران ڊي سي او ٺٽو سان سندس آفيس ۾ ملاقات دوران شڪايت ڪئي ويئي ته ٺٽي شهر مان صفائي نه ٿيڻ سبب شهري تڪليفن ڪي منهن ڏيئي رهيا آهن. شهر مان گند، ڪچرو نٿو کنيو وڃي ءِ پاڻي جي نيڪال وارو نظام صحيح نه هئڻ سبب نالين جو پاڻي روڊن، رستن ءِ گھٽين ۾ وهندو رهي ٿو. ڊي سي او ٺٽو انهن شڪايتن جو سخت نوٽيس وٺندي چيو ته صفائي جو بهتر انتظام نه صرف ٺٽي جي عوام لاء لازمي آهي بلڪه هي شهر تاريخي حيثيت رکندڙ پڻ آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 23 اگست

    موجوده حڪمران سنڌ جي ماڻهن جي مينڊٽ کي ڇيهو رسايو آهي: ممتاز ڀٽو

    سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز علي ڀٽو چيو آهي ته سنڌ ۾ بد امني ، قتل ۽ ڦرلٽ سبب صورتحال انتهائي خراب بڻجي چڪي آهي موجوده حڪمران سنڌ جي ماڻهن جي مينڊٽ کي ڇيهو رسايو آهي ۽ روزانا ڪيترائي ماڻهو موت جي ور چڙهي رهيا آهن پر حڪمران عوام کي جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪرڻ بجائي اڪرباپروري ۽ ڪرپشن وسيلي ملڪي ناڻي جي ڦرلٽ ڪرڻ ۾ پورا آهن. مڪلي سرڪٽ هائوس ۾ ضلعي ٺٽي جي ڪارڪنن سان تنظيمي گڏجاڻي جي صدارت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ٽن سالن دوران ڪراچي ۾ 5000 ماڻهن کي ماريو ويو ۽ صرف ٻن مهينن دوران 400 ماڻهو ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ماريا ويا آهن جڏهن ته سجي سنڌ ۾ بدامني جي صورتحال انتهائي خراب آهي هن چيو ته سنڌ جي عوام پ پ کي شهيد بينظير ڀٽو جا قاتل پڪڙڻ ۽ روٽي ڪپڙا مڪان ڏيڻ جو مينڊٽ ڏنو هو پر انهي مينڊٽ جي ابتڙ حڪمرانن پنهنجي ڪرسي بچائڻ خاطر متحده ۽ قاتل ليگ سان ٺاهه ڪري سنڌ جي عوام جي مفادن کي نقصان رسايو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 21 اگست

    امدادي سرگرميون ڪندڙ اين جي اوز جي ڪارڪردگي تي سخت ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جو اظھار

    ٺٽي جي چونڊيل نمائندن صوبائي وزير۽ ضلعي انتظاميا ٻوڏ متاثر علائقن توڙي تازو برساتن کانپوءِ سم نالن جي تباهڪارين سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ امدادي سرگرميون ڪندڙ اين جي اوز جي ڪارڪردگي تي سخت ڳڻتي ۽ ڪاوڙ ظاهر ڪندي سماجي ادارن کي عوام جي ڀلائي خاطر بهتر نموني ڪم ڪرڻ ۽ مقامي نوجوانن کي روزگار مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ ٺٽي ضلعي اندر امدادي سرگرميون ڪندڙ مختلف ڏيهي توڙي پرڏيهي اين جي اوز ۽ سماجي ادارن جي عملدارن جو هڪ اجلاس جيل کاتي جي صوبائي وزير صادق علي ميمڻ جي صدارت هيٺ ڊي سي او آفيس مڪلي جي دربار هال ۾ ٿيو، جنهن ۾ پ پ جي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي ان موقعي تي سماجي ادارن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • 21 اگست

    تباهي آڻيندڙ سم نالن کي پيل گهارن کي هفتو گذرڻ جي باوجود اڃان تائين نه ٻڌو ويو

    ٺٽي ضلعي جي ٽن تعلقن ميرپوربٺورو، جاتي ۽ سجاول جي 8 يوسيز ۾ تباهي آڻيندڙ سم نالن کي پيل گهارن کي هفتو گذرڻ جي باوجود اڃان تائين نه ٻڌو ويو آهي جنهن سبب علائقي واسين جي لکين ايڪڙ ايراضي زرعي زمين ۾ بيٺل فصل ٻڏي تباهه ٿي ويا آهن ۽ هزارين ماڻهو سخت متاثر ٿي بي يارو مددگار بڻجي ويا آهن پر حڪومت پاران متاثر علائقن کي اڃان تائين نه آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي جنهن سبب علائقي واسي سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن،

    وڌيڪ پڙھو
  • 21 اگست

    ٺٽي ۾ سم نالن جا 15 کان مٿي گهارا بند نه ٿيڻ ڪري تباهه ڪارين جو سلسلو جاري

    ٺٽي ضلعي جي ميرپوربٺورو ، جاتي ۽ سجاول تعلقن جي 8 يوسيز ۾ تباهي آئيندڙ ڪارو گونگڙو سم نالي جي اٿل ۽ گهاري کي بند ڪرڻ کان پوءِ به ٻين سم نالن جا 15 کان مٿي گهارا بند نه ٿيڻ ڪري تباهه ڪارين جو سلسلو جاري آهي ۽ لکين ايڪڙ فصل جن ۾ ساريون، ڦٽيون، مرچ ، داڻا، گدرا ، ڪمند شامل آهن. مڪمل طور تي ٻڏي وڃڻ ڪري علائقي ۾ آبادگارن، هارين ۽ زميندارن کي وڏو نقصان رسيو آهي ۽ زرعي بحران ۽ معاشي بحران پيدا ٿيڻ لڳو آهي جڏهن ته ٽنهي تعلقن ۾ سم نالن هڪ سئو کان مٿي مڇي جا تلاءُ به ٻوڙي ڇڏيا آهن جنهن ڪري فارمرن کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي چئن صوبائي وزيرن جو تعلقي ٺٽي ضلعي سان هجڻ باوجود اڃان تائين ٺٽي ضلعي کي رليف پيڪيج ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 18 اگست

    سچل سرمست اظهار جي آزادي جو وڏو علمبردار هو سندس فڪر ۽ فلسفو اڄ جي دور جي ضرورت آهي: سسئي پليجو

    صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو چيو آهي سنڌ جي صوفين جي پيغام جو پڙاڏو پوري دنيا ۾ گونجي ٿو ۽ سندن پيغام دنيا جي خوشحالي، عالمي امن، مذهبي رواداري ۽ انسان دوستي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته گولي ڪراچي يا ڪوئٽه ۾ هلي اسين ان جي مذمت ڪيون ٿا جڏهن سنڌ جي صوفين جون ادبي، تحقيقي سرگرميون ۽ مشاعرا ملڪ جي ٻين صوبن ۾ پڻ ڪرايا ويندا. هن اهڙو اظهار حضرت سچل سرمست رح جي سالياني 190 هين عرس جي ٻئي ڏينهن رات جو سچل ڪامپلڪيس م ثقافت کاتي ۽ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي پاران منعقد ڪرايل سچل ادبي ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سچل سرمست اظهار جي آزادي جو وڏو علمبردار هو سندس فڪر ۽ فلسفو اڄ جي دور جي ضرورت آهي. هن چيو ته ثقافت کاتي پاران صوبي جي مختلف صوفي بزرگ شاعرن توڙي نئين ٽهي جي شاعرن جي ادبي خدمتن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو پيو وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • 18 اگست

    ٺٽي ضلعي جا 125 کان مٿي ڳوٺ پاڻي ھيٺ، فصل تباھ

    سجاول سب ڊويزن جي ٻن تعلقن بٺورو ۽ جاتي ۾ بدين جي سم نالي ڪاري گونگڙي جي اوبتي وهڻ ڪري هتان جي 6 کان مٿي سم نالن ديوان، جتوئي، شورا، لنڊا، لوڻيا ، شاخ پور ۽ شاهمراد شگرملز ۾ لاڳيتي پوندڙ گهارن 125 کان وڌيڪ ڳوٺن کي پاڻي هيٺ آڻي ٻنهي تعلقن جي چئن يوسيز گل محمد ٻارڻ، دريا خان سوهو، مهر شاهه ۽ جهوڪ شريف ۾ پوکيل هزارين ايڪڙن تي قيمتي فصل تباهي جي ور چڙهي ويا آهن جڏهن ته سم نالن ۾ پيل گهارن جي وڌندڙ پاڻي ڪري هزارين ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت کلي آسمان هيٺ پناهون ورتيون آهن . ضلعي انتظاميا پاران چئن يوسيز جي 16 کان وڌيڪ ديهن متاثر جاڻائي 6 هزار متاثرن لاءِ 8 امدادي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • 16 اگست

    ميرپوربٺورو سم نالو کي گهارو 15 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ

    تازي پيل برساتن سبب تعلقي ميرپوربٺورو سم نالو کي گهارو 15 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ ، خبر موجب ڪاروگونگڙو لڳ نهڙيا واٽر وٽ سم نالي کي اوچتو گهارو پئجي ويو جنهن سبب آسپاس جا 15 کان وڌيڪ ڳوٺ جن ۾ حاجي ابراهيم شورو، خدا ڏنو شاهه، صالح محمد شاهه، محمد ملهائو، قادر جت، قبول ٺاراڻي، محمد ٺاراڻي، جمون ماڇي، مامون پرهياڙ، مٺو ملاح، شاهه ڪپور، مهراڻ شر، اڪبر ناريجو، گل حسن جتوئي ۽ ٻيا شامل آهن پاڻي هيٺ اچي ويا جنهن سبب گهرن ۾ پيل سامان سوڌو آسپاس بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا جنهن جي اطلاع بعد صوبائي وزير سياحت رئيس محمد علي خان ملڪاڻي، ايم اين اي سيد اياز علي شاهه مذڪوره ڳوٺن جو دورو ڪري متاثر ماڻهن کان حال احوال ورتا، ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن متاثرين کي يقين ڏياريو ته پريشاني جي هن گهڙي ۾ اوهان سان گڏ آهيون، جيستائين حڪومتي مدد پهچي اسان پنهنجي وس آهر اوهان جي مدد ڪنداسين. هنن چيو ته سڀ کان پهرين اسان جي ڪوشش آهي ته پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پهچايون

    وڌيڪ پڙھو
  • 16 اگست

    بليڪ تي يوريا ڀاڻ وڪرو ڪندڙ واپارين خلاف ڊي سي جي حڪم تي ڇاپا ،32 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو

    ٺٽي شهر ۾ بليڪ تي يوريا ڀاڻ وڪرو ڪندڙ واپارين خلاف ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي جي حڪم تي ڇاپا هڻي 32 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو ۽ پوليس کي ذخيرو ڪندڙ واپارين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي، ان سلسلي ۾ ڊي سي او ٺٽو جي هدايتن تي مختيارڪار ٺٽو قاضي حمود الرحمان ۽ زراعت کاتي جي ڊي او ممتاز جنڊاڻ پوليس روينيو ۽ زراعت کاتي جي عملي سان گڏجي ٺٽي شهر ۾ يوريا ڀاڻ بليڪ ڪري وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪندڙ دڪاندار واپارين خلاف ڪارروائي ڪئي، ٺٽي شهر جي ٽن واپارين اشوڪ ڪمار، اقبال ميمڻ ۽ عبدالخالق ميمڻ تي 32 هزار رپيا ڏنڊ عائد ڪري ڏنڊ جي رقم وصول ڪئي جڏهن ته گدامن ۾ ذخيرو ڪري لڪايل ڀاڻ ضبط ڪري سرڪاري تحويل هيٺ وڪرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button