ٺٽو

  • ستمبر- 2011 -
    15 ستمبر

    مشهور ڊاڪٽر ۽ ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر واسديو لوهاڻو ڪراچي مان بازياب ٿي ويو

    40 ڏينهن اڳ ٺٽي کان گلشن حديد ويندي اغوا ٿيل مشهور ڊاڪٽر ۽ ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر واسديو لوهاڻو ڪراچي مان بازياب ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب 40 ڏينهن اڳ ٺٽو شهر ۾ موجود پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪ بند ڪري ڪراچي جي گلشن حديد واري علائقي ۾ سندس گهر ڏانهن ويندي اغوا ٿي ويندڙ ٺٽو جو مشهور ڊاڪٽر ۽ ٺٽو جي ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر واسديو کي ڪراچي پوليس بازياب ڪرائي ورتو آهي ٻڌايو پيو وڃي ته ڪراچي جي سي پي ايل سي پوليس جي نشاندهي تي ڪراچي پوليس جي هڪ وڏي اٽالي ميمڻ ڳوٺ ۾ ڇاپو هڻي ڊاڪٽر واسديو سميت هڪ ٻئي مغوي کي پڻ بازياب ڪرايو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 15 ستمبر

    بشير خان قريشي ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري خلاف خلاف ٺٽو جي مختلف شهرن ۾ هڙتال، ٽائرن کي باهيون

    جسقم چيئرمين بشير خان قريشي ۽ سندس ساٿين جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن پاران گرفتاري خلاف ٺٽو جي مختلف شهرن ۾ هڙتال، ٽائرن کي باهيون ڏيئي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، جسقم چيئرمين بشير خان قريشي ۽ ساٿين جي گرفتاري جي خبر ملندي ٺٽو شهر ۾ ڪارڪن مڇرجي ٻاهر نڪري آيا ۽ سڄي شهر ۾ هڙتال ڪرائي ڇڏي، جنهن سبب شهر جا ڪاروباري مرڪز ، شاهي بازار، سونارا بازار ، کيرابازار ۽ پئٽرول پمپ بند ٿي ويا ۽ مڇريل ڪارڪنن پاران ٽائرن کي باهيون ڏيئي ٺٽو ڪراچي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو

    وڌيڪ پڙھو
  • 15 ستمبر

    شاهجھان مسجد ٺٽي ۾ برساتن ۽ آفتن کان بچڻ لاءِ توبه استغفار وزير جيل خانه جات صادق علي ميمڻ، ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن جي شرڪت.

    ٺٽي ضلعي جي عوام وڏي تعداد ۾ تاريخي بادشاهي مسجد ۾ ظهر(ٻنپهرن) جي نماز ۾ توبه استغفار پڙهي. الله تعالٰي جي در قدرتي آفتن، برسات ۽ ڊينگي بخار جي وڌيڪ نقصانن کان معافي لاءِ ٻاڏايو. نماز ۽ دعا ۾ صوبائي وزير جيل خانه جات صادق علي ميمڻ، ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي، ضلعي جي اعلٰي آفيسرن ۽ سول سوسائٽي سان لاڳاپيل ماڻهن شرڪت ڪئي. ظهر جي نماز بعد شاهجهان مسجد جي امام مولوي عبدالباري جي اڳواڻي ۾ ماڻهن الله تعالٰي کي ٻاڏايو ته هلندڙ برساتن ۽ ڊينگي بيماري جي وڌيڪ نقصانن ۽ ٻين قدرتي آفتن کان معافي ڏني وڃي ۽ پاڪستان ۽ سنڌ صوبي تي رحم ڪيو وڃي، ٻوڏ ۽ برساتن ۾ تباه ٿيل مسڪين ماڻهن لاءِ آسانيون مهيا ڪيون وڃن. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير جيل خانه جات صادق علي ميمڻ چيو ته برساتن ضلعي ٺٽي سميت سنڌ ۾ تمام وڏي تباهي آندي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 14 ستمبر

    ضلعي آفيسر ٻوڏ ستايلن جي بهتر سار سنڀال لهن: سسئي پليجو

    صوبائي وزير ثقافت ۽ چيئرپرسن رليف مانيٽرنگ ڪميٽي ضلعو ٺٽو سسئي پليجو ٺٽي ضلعي جي برسات ۽ ٻوڏ ستايلن پاران کاڌ خوراڪ ۽ دوائون جي اڻ پوري فراهمي جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل آفيسرن کي چتاءُٰ ڏنو آهي ته اهي ٻوڏ ستايلن جون شڪايتون دور ڪن ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. صوبائي وزير اڄ مڪلي تي ضلعي آفيسرن جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ضلعي ۾ برسات ۽ ٻوڏ ستايلن جي رليف واري آپريشن جو جائزو وٺندي لاڳاپيل آفيسرن کي چيو ته کيس شڪايتون مليون آهن ته ٻوڏ ستايلن لاءِ قائم ڪيل ڪيمپن ۾ کاڌ خوراڪ، دوائون ۽ پيئڻ جو پاڻي باقائدگي سان مهيا نه پيو ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ ستايل پهريان ئي تڪليف ۽ پريشاني جي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ جيڪڏهن اسان انهن جا ڏک سور نه گھٽايا ته هو وڌيڪ ذهني پيڙا جو شڪار ٿيندا.

    وڌيڪ پڙھو
  • 11 ستمبر

    سم نالن جو پاڻي اٿل کائي ڍنڍون ٻورڻ کان پوءِ گهوڙاٻاري تعلقي جي 65 ڳوٺن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو

    ٺٽي ضلعي اندر ڪاروگونگهڙو سم نالي کان پوءِ گهوڙاٻاري آئوٽ فال ڊرين سم نالو ٺٽي ضلعي لاءِ ڪارونانگ بڻجي ويو سم نالن جو پاڻي اٿل کائي ڍنڍون ٻورڻ کان پوءِ گهوڙاٻاري تعلقي جي 65 ڳوٺن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ڊي سي او ٺٽو پاران علائقي جو دورو ڊرينيج کاتي جي ناقص حڪمت عملي تي ناراضگي ظاهر ڪندي داروغو ۽ اسسٽنٽ انجنيئر کي معطل ڪري ڇڏيو ، گهارا بند ڪرڻ جو حڪم، رپورٽ موجب ٺٽي ضلعي جي حدن اندر تازين برساتن کان پوءِ سم نالن جي تباهين جو سلسلو بدستور جاري آهي ٺٽي ميرپورساڪرو ۽ گهوڙاٻاري تعلقن جي سم ۽ برسات جو پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ڪندڙ گهوڙاٻاري آئوٽ فال ڊرين جي اٿل سبب ان کي مهر ڳوٺ ويجهو پنج مخلتف گهارا پئجي ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ گهوڙاٻاري تعلقي جي يوسي مهر جون 10 ديهون مڪمل طور تي پاڻي هيٺ اچي ويون آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 ستمبر

    ٺٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي سجاول سب ڊويزن ۾ سم نالن جي ڪري ٿي آهي: صادق علي ميمڻ

    جيل کاتي جي صوبائي وزير انجنئير صادق علي ميمڻ ٺٽي شهر ۾ برساتن سبب متاثر ٿيل شهري علائقن توڙي ڪچي آبادي وارن علائقن جو دورو ڪري جائزو ورتو ۽ ٽي ايم اي انتظاميا کي شهري علائقن مان برساتي پاڻي جي فوري نيڪال ۽ صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جون هدايتون ڏنيون ، صوبائي وزير صادق ميمڻ ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ برساتن سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي پر سڀ کان وڌيڪ تباهي سجاول سب ڊويزن ۾ سم نالن جي ڪري ٿي آهي ۽ متاثرن جي علاج ۽ کين محفوظ هنڌن ڏانهن پهچائي راشن فراهم ڪرڻ لاءِ ضلعي حڪومت کي واضح هدايتو ڏنيون ويون آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 ستمبر

    سنڌ گدڙن ناهي کاڌي جو پاڻ کي وائسراءِ سڏائيندڙ رحمان ملڪ سنڌ جا فيصلا ٿو ڪري: سنڌياڻي تحريڪ

    عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران رحمان ملڪ ۽ آبپاشي ۽ ڊرينيج عملي خلاف ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي رحمان ملڪ جي پتلي کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو ان موقعي تي احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ انور سومرو، اشرف پليجو، صاحب خان کوسو، بلاول لاشاري، سنڌياڻي تحريڪ ٺٽي جي صدر سلمي لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ گدڙن ناهي کاڌي جو پاڻ کي وائسراءِ سڏائيندڙ رحمان ملڪ سنڌ جا فيصلا ٿو ڪري ، هنن چيو ته سنڌ جي فيصلي جو ڪنهن کي به اختيار ڪونهي ۽ نه ئي سنڌ دهشتگردن حوالي ڪرڻ ڏني ويندي

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 ستمبر

    رليف ۽ ميديڪل ڪئمپن ۾ اضافو ڪري برسات متاثرين کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي: سسئي پليجو

    صوبائي وزير ثقافت ۽ ضلعي رليف مانيٽرنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سسئي پليجو چيو آهي ته اسان جي اها ڪوشش آهي ته ڪارو گونگھڙو ۽ ٻين حساس علائقن ۾ اڃا وڌيڪ ھيوي مشينري لڳائي وڃي ته جيئن برسات متاثر علائقن مان بيٺل پاڻي جو جلد نيڪال ڪري متاثرين جي تڪليفن کي گھتائي سگھجي. اھڙن خيالن جو اظهار ھن اڄ ضلعي انتظاميه ٺٽي کي ھدايتون جاري ڪرڻ دوران صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. هن ضلعي انتظاميه کي اها پڻ هدايت ڪئي ته متاثر علائقن ۾ رليف ۽ ميديڪل ڪئمپن ۾ اضافو ڪري برسات متاثرين کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي. ان حوالي سان سسئي پليجو ھنگامي طور تي اڄ 6 سيپتمبر 2011ع تي ضلعي انتظاميه جي گڏجاڻي طلب ڪري ورتي آهي جنهن ۾ روينيو، صحت، آبپاشي ۽ ٻين واسطيدار کاتن جي عملدارن کان رليف ڪئمپن، کاڌ خوراڪ جي رسد، صحت ۽ مختلف سم نالن ۽ واهن کي لڳل ڪٽس متعلق بريفنگ ورتي ويندي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 ستمبر

    ٺٽي ضلعي مان پوليو جي موذي مرض جو مڪمل خاتمو آڻڻ لاءِ جنگي بنيادن تي ڪوششون ورتيون پيون وڃن: ڊي سي او

    ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي چيو آھي ته ٺٽي ضلعي مان پوليو جي موذي مرض جو مڪمل خاتمو آڻڻ لاٰٰءِ جنگي بنيادن تي ڪوششون ورتيون پيون وڃن ته جيئن ضلعي جي ٻارڙن کي مستقبل ۾ معذوري کان بچائي سگھجي. اھا ڳالھه ھن اڄ صبح جو دربار هال مڪلي ۾ 19 کان 21 سيپٽمبر 2011ع تائين شروع ٿيندڙ قومي پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي چئي. ڊي سي او ٺٽو خطاب ڪندي چيو ته ضلعي اندر ايندڙ پوليو مهم دوران 100 سيڪڙو حدف حاصل ڪري پوليو مهم کي ڪامياب بنايو وڃي. هن چيو ته هن نيڪ ڪم ۾ ضلعي حڪومت پاران صحت کاتي ٺٽي سان ڀرپور سھڪار ڪيو ويندو ۽ پوليو جي گشتي ٽيمن کي سموريون گھربل سهولتون فراھم ڪيون وينديون ته جيئن ڪو به ٻار پوليو جا ڦرا پيارڻ کان رهجي نه وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 ستمبر

    ٺٽي ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو

    ضلعي ائڊمنسٽريٽر ٺٽو محمد جعفر عباسي ھڪ نوٽيفڪيشن ذريعي قلم 144 لاڳو ڪري ضلعي جي نالين، سم نالين، ڪينالن وغيره کي ڪٽ ھڻي زرعي زمينن مان بيٺل پاڻي نيڪال ڪري نالين، سم نالين، ڪينالن وغيره ۾ ڇوڙ ڪرڻ تي پابندي وجھي ڇڏي آهي. اھڙو حڪم 8 سيپٽمبر 2011ع تائين نافظ العمل رھندو.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button