مسلم ليگ ن
-
جولائی- 2013 -26 جولائی
پاڪستان مسلم ليگ ن تعلقي مورو پاران افطار پارٽي جو اھتمام
پاڪستان مسلم ليگ ن تعلقي مورو جي صدر غلام مرتضى آرائين ۽ ٻين عهديدارن کي شهر جي معزز شخصيت منظور تارڙِ پاران افطار پارٽي ڏني وئي، افطار پارٽي ۾ مسلم ليگ سميت ٻين پارٽين جي اڳواڻن ڪارڪنن ڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي تعلقي صدر غلام مرتضى آرائين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان مسلم ليگ ن هميشھ حق ۽ سچ جي سياست ڪئي آهي ۽ مسڪينن غريبن پورهيتن جي مدد ڪئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
23 جولائی
غوث علي شاھ کي پاڪستان جو صدر صدر بنايو وڃي، ن ليگ سکر
پاڪستان مسلم ليگ ن جي سکر ڊويزن جي عهديدارن جو هڪ هنگامي اجلاس حاجي عبدالطيف آرائين جي صدرات ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ ڪارڪنن عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي اجلاس ۾ متفق راءِ سان هڪ ڪرداد پاس ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي قيات کان پُر زور مطالبو ڪيو ويو ته پاڪستان مسلم ن صوبي سنڌ جي صدر سيد غوث علي شاھ کي صدر پاڪستان جي عهدي جي لاءِ نامزد ڪيو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
جون- 2013 -8 جون
مورو ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن طرفان نواز شريف جي وزير اعظم ٿيڻ تي ريلي
مورو ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن طرفان ميان محمد نواز شريف جي وزير اعظم ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ رميز ڪلهوڙو، علي بخش عرف نانو ڪلهوڙو، محمد اسلم مغل، محمد ابراهيم عمراڻي، سعيد ستو، راهب ٻگهيو، منير ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن مسلم ليگ ن جي آفيس کان دهلن شرناين ۽ جهمرين سان ريلي ڪڍي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي ميڊيا آفيس آڏو پهتي جتي ڪارڪنن خوشيءَ ۾ مٺائي ورهائي
وڌيڪ پڙھو -
3 جون
جوهي ۾ انتقامي ڪارروايون شروع، ٽي ن ليگ اڳواڻ گرفتار
جوهي ۾ انتقامي ڪارروايون شروع جوهي پوليس ۽ واهي پانڌي پوليس ٽن مسلم ليگ (ن) اڳواڻن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو هڪ واپاري آزاد ، مسلم ليگ ( ن) پاران ٿاڻي ۽ پريس ڪلب آڏو ڌار ڌار ڌرڻا روڊ بند
وڌيڪ پڙھو -
مئی- 2013 -29 مئی
هنڱورجا ۾ يوم تڪبير جي تقريب ڪوٺائي 15 هين سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو
مسلم ليگ ن پاران هنڱورجا ۾ يوم تڪبير جي تقريب ڪوٺائي 15 هين سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو تقريب کي مسلم ليگ ن جي تعلقي صدر منصور سولنگي، منير احمد بروهي ۽ امير بخش سولنگي ٻين خطاب ڪندي چيو ته 15 سال اڳ ميان محمد نواز شريف پاڪستان ۾ ايٽمي ڌماڪو ڪرائي سڄي دنيا کي اهيو پيغام پهچايو ويو ته هاڻي پاڪستان جي سر زمين تي ميري اک سان ڏسندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي سلاهيت موجود آهي
وڌيڪ پڙھو -
17 مئی
ن ليگ اڳواڻ جو ڀائٽيو ۽ پرائمري استاد 4 ڏينهن کان گم
مورو شهر جي محمدي محلا وارڊ نمبر 20 جو رهواسي ن ليگ اڳواڻ عبدالستار مغل جو ڀائيٽيو ۽ پرائمري استاد 4 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ، مورو ٿاڻي تي نا معلوم ماڻهن تي اين سي داخل، ماءُ کي بي هوشيءَ جا دورا، گهر ۾ ڏک واري صورتحال ڇانيل
وڌيڪ پڙھو -
9 مئی
شهيدن جي نالي تي واڳو وارا ڳوڙها ڳاڙي ووٽ وٺندڙن کي عوام هاڻي سڃاڻي چڪو آهي، ظفر علي شاهه
پي.ايس 74 جي اميدوار سيد ظفر علي شاهه مزدور آباد پاڙي ،ملاح چوڪ وٽ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته دادو هاڻي مسلم ليگ (ن) جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي شهيدن جي نالي تي واڳو وارا ڳوڙها ڳاڙي ووٽ وٺندڙن کي عوام هاڻي سڃاڻي چڪو آهي عوام هاڻي ان کي ووٽ ڏيندو جيڪو عوام جا مسئلا حل ڪندو
وڌيڪ پڙھو -
9 مئی
عوام پ.پ.پ مان بيزار ٿي چڪو آهي، ظفر علي شاهه
پاڪستان مسلم ليگ (ن) پي.ايس74 جي اميدوار سيد ظفر علي شاهه جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي ايس.پي چوڪ کان شاهجهان پارڪ تائين شهرين پاران شاندار استقبال ريلي ۾ عورتن ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي کي خطاب ڪندي سيد ظفر علي شاهه چيو ته اسان سان گڏ عوامي سمنڊ ڏسي مخالف وائڙا ٿي ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
1 مئی
11 مئي نواز ليگ جي فتح جو ڏينهن ثابت ٿيندو، امداد حسين چولياڻي
پي ايس 41 تي نواز ليگ جي اميدوار امداد حسين چولياڻي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڪالهه ڳوٺ روشن مغيري، ڳوٺ ڪمالپور، ڳوٺ سائين داد کوکر ۽ باڊهه جي مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين ۽ عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي چيو ته 11 مئي نواز ليگ جي فتح جو ڏينهن ثابت ٿيندو، هن چيو ته پ پ وارن گذريل 5 سالن دوران عوام کي بيروزگاري، مهانگائي، بدامني ۽ لوڊشيڊنگ جهڙا تحفا ڏنا
وڌيڪ پڙھو -
اپریل- 2013 -30 اپریل
شاهنواز پنهور جي قتل وارو واقعو هڪ سازش هئي، رفيق جمالي
پ پ اين اي 232 جي اميدوار رفيق جمالي،پي ايس 73 جي اميدوار مراد شاه دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آچر ڏهاڙي تي ڦڪا وٽ نوجوان شاهنواز پنهور جي قتل وارو واقعو هڪ سازش هئي پ پ جي اڳوڻي يو سي ناظم امام علي شاه ، حاجن شاه ، اسد شاه خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ سياسي دشمني آهي هو ذاتي دشمني تحت قتل ٿيو آهي
وڌيڪ پڙھو