محرم

  • ستمبر- 2016 -
    16 ستمبر
    سکر

    محرم الحرام دوران امان امان قائم رکڻ جي سلسلي ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد

    ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ پاران محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال ۽ مذهبي هم آهنگي برقرار رکڻ جي سلسلي ۾ هڪ اهم گڏجاڻي 20 سيپٽمبر سومر ڏهاڙي صبح جو 11:30 وڳي ڊي سي آفيس جي ڪانفرنس هال ۾ طلب ڪئي وئي آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • دسمبر- 2010 -
    7 دسمبر

    اسلامي قدرن تي عمل ڪري انفرادي ۽ اجتماعي مسئلن ۾ گهٽتائي ۽ معاشري کي هڪ حقيقي فلاحي معاشرو بڻائي سگهجي ٿو: صدر آصف علي زرداري

    اسلام آباد (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اسلام جي حقيقي ۽ اعليٰ ديني تعليم کي پنهنجي زندگين ۾ لاڳو ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسلامي قدرن تي عمل ڪري انفرادي ۽ اجتماعي مسئلن ۾ گهٽتائي ۽ معاشري کي هڪ حقيقي فلاحي معاشرو بڻائي سگهجي ٿو، پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي منشور مطابق سڄو ڌيان عام ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود تي ڏئي رهي آهي، هن اها ڳالهه نئين هجري سال 1432هه جي شروعات تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي آهي، صدر پاڪستاني عوام ۽ اهل اسلام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان دهشتگردي ۽ قدرتي آفتن جهڙن مسئلن جي ور چڙهيل آهي، ملڪ ۾ آيل تازي ٻوڏ اسان جي معيشت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، موجوده حڪومت جي انهن سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪنهن کان ڳجهيون نه آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي جو منشور عام ماڻهو جي فلاح ۽ بهبود تي زور ڏئي ٿو ۽ اسان جو سڄو ڌيان انهي تي آهي، صدر چيو ته نئين سال جي شروعات جو هي ڏينهن صرف هڪ روايت نه آهي پر ان ڏينهن جي گهرج آهي ته اسان پنهنجي گذريل سالن کي ڏسندي ايندڙ ڏينهن لاءِ پنهنجو رخ مقرر ڪريون، هن چيو ته…

    وڌيڪ پڙھو
  • 7 دسمبر

    حڪومت محرم الحرام دوران تمام فول پروف انتظامات ڪري رهي آهي: وزير سيد قائم علي شاه

    سکر :سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته حڪومت محرم الحرام دوران تمام فول پروف انتظامات ڪري رهي آهي ته جئين ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ڪو به غير معمولي واقعو نه ٿئي ۽ محرم الحرام خير خوبيءَ سان گذري وڃي. هن اهڙو اظهار سکر ايئر پورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي، خيرپور ۽ ٻين علائقن ۾ امن و امان جي فضا کي يقيني بنائڻ لاءِ انتظاميه طرفان تمام احتياطي ۽ حفاظتي اپاءَ ورتا ويا آهن. سيلاب متاثرن جي رليف ۽ ٻيهر بحاليءَ جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته پهرين مرحلي جو ڪم 75 سيڪڙي تائين مڪمل ٿي ويو آهي. جڏهن ته ٻي مرحلي جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويندو. ميرپور خاص ۾ هڪ صحافيءَ جي قتل جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته هن سلسلي ائڪشن ٿيو آهي ۽ صحيح جاچ ڪري هن واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. هن کان اڳم سنڌ جي وڏي وزير جيلاني هائوس خيرپور ۾ مختلف وفدن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا معلوم ڪيا ۽ واسطيدار اختيارين کي سندن مسئلن جي حل لاءِ ضروري احڪامات جاري ڪيا. انهيءَ موقعي تي ماڻهن سان ڳالهائيندي وڏي…

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button