زاهد راڄپر

  • مئی- 2012 -
    23 مئی

    مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون

    ڪراچيءَ ۾ 22 مئي تي هڪ دفعو ٻيهر دهشت گردن رت جي هولي کيڏي، ڌرتي جي آواز کي خاموش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. پر سنڌ جي دلير فرزندن، نياڻين پنهنجي سيني تي گوليون کائي، ڌرتيءَ کي پنهنجي رت جو ريج ڏئي، وڏي حوصلي همت سان چيو ته ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“.

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 مئی

    حڪمرانن جي نااهليءَ جي سزا، عوام ڪيستائين ڀوڳيندو؟

    سنڌ جي حڪمرانن جي نااهليءَ سبب اڄ لياري ٻري رهي آهي. سنڌ جا هيءُ قديم رهواسي روز لاش کڻي کڻي ٿڪجي پيا آهن جنهن ڪري هو جنهن پارٽيءَ لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ لاءِ به نه ڪيٻائيندا هئا اڄ مجبور ٿي لياري واسي پ پ ڇڏي رهيا آهن. پر اسان جي سنڌ جي حڪمرانن کي ڪابه سمجهه نه ٿي اچي، نه وري وٽن ڪا اهليت آهي جو اهي لياري جو مسئلو حل ڪري سگهن يا حل ان ڪري نه ٿا ڪرڻ چاهين جو کين لساني تنظيم کي ناراض ناهي ڪرڻو. سنڌ جو اهو الميو آهي ته سنڌ کي جيڪي سنڌي حڪمران ملن ٿا انهن ۾ مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهليت ناهي، جنهن ڪري جمهوريت جي دعوي ڪرڻ باوجود به حڪمران لياريءَ سميت بلوچستان ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن کي بندوق جي زور تي حل ڪرڻ چاهين ٿا، کانئن اها ڳالهه وسري وئي آهي ڀُٽي به بندوق جي زور تي بلوچن کي ماٺ ڪرائن جي ڪوشش ڪئي جنهن ڪري اڄ به بلوچ ڀُٽي خاندان کان سخت نفرت ڪن ٿا ۽ اهو ڏوهه اڄ تائين پ پ ڌوئي ته نه سگهي آهي، پر ان ڏوهه ۾ وري به اضافو ٿي رهيو آهي، اهڙي هالت هوندي به لياري جي بلوچن پ پ…

    وڌيڪ پڙھو
  • 9 مئی

    پاڪستان ۾ آمريڪا جي وڌندڙ مداخلت ڪير روڪيندو؟

    ملڪ جي اهم ادارن ۾ ٽڪراءَ سبب ملڪ جا اهم معاملا به ڪنڊائتا ٿي ويا آهن، جن ۾ موجوده حڪمرانن پاران آمريڪا سان ڇڪتاڻ کانپوءِ ان سان ٿيل ٺاهه، آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ سان ڇڪتاڻ ۽ پوءِ خاموشي، آرمي ۽ آمريڪا ۾ ڇڪتاڻ کان پوءِ ٿوري ٺاپر اچڻ. هاڻي هڪ فيصلي کانپوءِ اُهي سمورا معاملا جيڪي ملڪي عوام جي زندگي ۽ موت جهڙا مسئلا آهن اهي پاسيرا ٿي ويا ۽ ماڻهن جا خيال اوڏانهن هٽي ويو آهي. جنهن ڪري ماڻهن کي ان طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته حڪمرانن ۽ خود آرمي کي اها ڳالهه واضح ۽ ظاهر ڪرڻ گهرجي ته انهن آمريڪا سان ڪهڙن شرطن تحت ٺاهه ڪيو آهي يا نه ڪيو آهي ته پوءِ آمريڪا ڪهڙا شرط رکيا آهن. جنهن ڪري اسان جا حڪمران انهن جي آڏو بيوس آهن.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button