حيدرآباد
-
مئی- 2013 -7 مئیحيدر آباد
حيدرآباد: پولنگ عملي اليڪشن هاڻي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ڏنو ويندو، فرسٽ ايڊيشنل سيشن
فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جيڪو اين اي 221 پي ايس 47 ۽ 50 حيدرآباد لاءِ رٽرننگ آفيسر پڻ آهي پڌرو ڪيو آهي ته ڪجهه سببن جي ڪري ڄاڻايل تڪن جي پولنگ عملي کي جيڪو اليڪشن مٽيريل 10 مئي 2013 تي سيشن ڪورٽ بلڊنگ ۾ ملڻو هو، کي هاڻي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ڏنو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
7 مئی
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار هوم اڪنامڪس جو نتيجو پڌرو ڪري ڇڏيو
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ، سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار هوم اڪنامڪس (خاتون) بي پي ايس 17 جي آسامين لاءِ اهل اميدوارن کان هلندڙ مهيني ورتل انٽرويو۾ شهربانو علي، ساديه خان ، سيده حفصه احمد شيخ، رابيه محمود ، روبينا رضوان ، سارا صديق، سيده زرين ناز، طيبه عبدالطيف ميمڻ، عطيقه ياسمين،حما مجيب خان ،مريم سعيد، مونظه تبسم ،صائمه خان تنولي، فضا مسعود راجپوت، مصباح رحمان آرائين ،زهره مصطفيٰ هاشماڻي، شهنيلا گل جويو ، سيده عنيقه شاهه کي ڪامياب قرار ڏنو آهي
وڌيڪ پڙھو -
اپریل- 2013 -19 اپریل
صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاهه 20 اپريل ٽن ضلعن ۾ صحت جي مختلف اسڪيمن جو افتتاح ڪندو
صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاهه سڀاڻي 20 اپريل 2013 تي ڄامشوري ، حيدرآباد ۽ مٽياري ضلعن ۾ صحت جي مختلف اسڪيمن جو افتتاح ڪندو _ تفصيل موجب صحت کاتي وارو وزير سڀاڻي صبح جو 8 وڳي نوري آباد ضلعي ڄامشوري ۾ 30 بسترن تي مشتمل اسپتال جو افتتاح ڪندو جنهن کانپوءِ ساڍي 9 وڳي لمس اسپتال ڄامشوري جو دورو پڻ ڪندو
وڌيڪ پڙھو -
17 اپریل
ڊويزنل ڪمشنرپاران لعل شهباز قلندر رحه جي درگاهه جي ڪم سست رفتاري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد ڊاڪٽر رياض احمد ميمڻ حضرت لعل شهباز قلندر رحه جي درگاهه سميت سيوهڻ شهر جي مختلف ترقياتي منصوبن ۾ سست رفتاري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
مارچ- 2013 -22 مارچ
حيدرآباد: ڌرتي جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان 23 مارچ هڪ واڪ
ماحُولياتي تحفظ واري اداري جي ريجنل آفيس حيدرآباد پاران ڌرتي جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان “ڌرتي جي تحفظ لاءِ اسين سڀ هڪ آهيون” جي عنوان هيٺ 23 مارچ 2013 تي هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو آهي جيڪا رات جو ساڍي اٺين وڳي ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل هاءِ اسڪول کان شروع ٿي رات جو ساڍي نوين وڳي پريس ڪلب حيدرآباد وٽ پنهنجي پڄاڻي تي پهچندي.
وڌيڪ پڙھو -
22 مارچ
حيدرآباد:ٽي بي جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان 25 مارچ تي واڪ
ائريڪٽر ٽيوبرڪيلوسس ڪنٽرول سنڌ حيدرآباد پاران ڊسٽرڪٽ اينٽي ٽي بي ايسوسيئيشن حيدرآباد جي سهڪار سان ٽي بي جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان 25 مارچ 2013 تي صبح جو 10 وڳي هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
14 مارچ
جمهوري حڪومت پاران 5 سال پورا ڪرڻ ڪاميابي آھي، پير پير مظهر الحق
سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق چيو آهي ملڪ جي تاريخ ۾ ڪنهن به جمهوري حڪومت پاران 5 سال جو آئيني مدو پورو ڪرڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري جي ڪاميابي سان گڏوگڏ بلاول ڀٽو زرداري جي پڻ فتح آهي جن چيو هو ته جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي .
وڌيڪ پڙھو -
11 مارچ
مخالفن پ پ پ جي طاقت کي تسليم ڪري ورتو، نثارکھڙو
اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نثار احمد کهڙو چيو آهي ته سنڌ ۾ مختلف جماعتن جو اتحاد ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مخالفن پ پ پ جي طاقت کي تسليم ڪري ورتو آهي
وڌيڪ پڙھو -
5 مارچ
حيدرآباد: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران پوليس ۽ تعليم کاتي ۾ ٽيسٽ جي تاريخ جو اعلان
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ جي پوليس کاتي ۾ گريجوئيٽ ڪانسٽيبلز / هيڊ ڪانسٽيبلز کان اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر جي آسامين لاءِ شروعاتي لکت وارو ٽيسٽ انگلش ايسي 12 مارچ تي صبح جو 10 وڳي کان يارهين وڳي دوران ورتو ويندو، سنڌي / اردو ايسي 12 مارچ تي منجهند جو 2 وڳي کان 3 وڳي دوران ۽ جنرل ناليج جوشروعاتي لکت وارو ٽيسٽ 13 مارچ تي صبح جو 10 وڳي کان 11 وڳي دوران ورتو ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
5 مارچ
حيدرآباد: درگاهه حضرت سخي عبدالوهاب شاهه جيلاني رحه جو عرس مبارڪ 5 مارچ کان شروع ٿيندو
سنڌ جي اوقاف کاتي جي انتظاميه پڌرو ڪيو آهي ته درگاهه حضرت سخي عبدالوهاب شاهه جيلاني رحه جو ٽن ڏينهن وارو ساليانو عرس مبارڪ 5 مارچ کان 7 مارچ 2013 تائين حيدرآباد ۾ ملهايو ويندو جنهن ۾ هزارين عقيدتمند شرڪت ڪندا .
وڌيڪ پڙھو