رانديون

  • پي سي بي پاران آفريدي خلاف ڪارروائي جو فيصلو، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي جي سفارش

    : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ۽ وقار يونس وچ ۾ تڪرار ٿيڻ بعد ڪوچ وقار يونس کي ٽيم سميت سڀاڻي آئرلينڊ کان وطن پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته شاهد آفريدي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ بورڊ کي سفارش ڪئي وئي آهي ته سندس ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ تي به پابندي هنئي وڃي. پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سبحان احمد چيو آهي ته وقار يونس جي زال بيمار آهي. ان باوجود کيس سڀاڻي وطن پهچڻ جي لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف پي سي بي چيئرمين اعجاز بٽ چيو آهي ته شاهد آفريدي جي رٽائر ٿيڻ جو فيصلو ذاتي آهي. پي سي بي سندس ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي نه لڳائي آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪرڪيٽ جي شوقينن پاران آفريدي جو رٽائر مينٽ وارو فيصلو غلط قرار

    پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي جي رٽائرمينٽ واري فيصلي تي ڪرڪيٽ جي شوقينن گڏيل ردعمل ظاهر ڪيو آهي. لاهور جي ڪرڪيٽ شوقينن ٻڌايو ته شاهد آفريدي جي رٽائرمينٽ وارو فيصلو جذباتي لڳي ٿو جيڪڏهن کيس ڪپتاني تان هٽايو ويو هو ته ان تي ايڏو وڏو فيصلو ڪرڻ صحيح ناهي ۽ ان کي گهرجي ها ته هو بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ها. هنن چيو ته قومي ٽيم کي اڃا شاهد آفريدي جي ضرورت آهي ۽ کيس ذاتي مفاد ڇڏي ملڪي مفادن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي ها. هنن چيو ته اعجاز بٽ ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي شاهد آفريدي کي ڪپتاني تان هٽائي بهتر فيصلو ڪيو آهي. واضح رهي ته شاهد آفريدي جو ويسٽ انڊيز دورو ناڪام رهيو، ويسٽ انڊيز ون ڊي سيريز ۾ آفريدي 5 ميچن جي 3 اننگز ۾ صرف 28 رنسون ٺاهيون

    وڌيڪ پڙھو
  • مائيڪل ڪلارڪ دنيا جو ذهين ڪپتان آهي: بريٽ لي

    سڊني: آسٽريليا ٽيم جي فاسٽ بالر بريٽ لي مائيڪل ڪلارڪ جي ڪپتاني تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪلارڪ هڪ ذهين ڪپتان آهي. هن چيو ته ڪلارڪ نائب ڪپتان طور پاڻ کي مڃرايو آهي ته هو هڪ سٺو ڪپتان ثابت ٿي سگهي ٿو. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته ڪلارڪ آسٽريليا ٽيم کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاميابين جي رستي تي گامزن ڪري سگهندو.

    وڌيڪ پڙھو
  • خيرپور ۾ هڪ ميراٿن ريس جو بندوبست ڪيو ويو

    خيرپور : ضلعي حڪومت پاران اين ايل سي اسٽاپ وٽان ٺيڙهي ڦاٽڪ تائين هڪ ميراٿن ريس جو بندوبست ڪيو ويو جنهن جو افتتاح ڊي او اسپورٽس مير محمد ڪلهوڙو ۽ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر صاحب خان ڀنڊ گڏيل طور تي ڪيو. ميراٿن ريس ۾ ڪيترن ئي نوجوانن حصو ورتو جنهن ۾ عرفان بلوچ پهرين، سعيدالله بلوچ ٻئي جڏهن ته سيد نديم شاهه ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪالوني ۾ ۾شهيد بينظير ڀٽو نائيٽ ڪرڪيٽ چئمپين شپ شروع ٿي وئي

    ٽنڊو ڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪالوني ۾شهيد بينظير ڀٽو نائيٽ ڪرڪيٽ چئمپين شپ شروع ٿي وئي، 50-کان وڌيڪ ٽيمون شريڪ، چئمپين شپ 10-ڏينهن جاري رهندي، رپورٽ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪالوني جي شاهه لطيف گرائونڊ تي شهيد بينظير ڀٽو نائيٽ ڪرڪيٽ چيئمپين شپ شروع ٿي وئي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • ڳوٺ رفيق مهيسر ۾ ملاکڙي راند جو مقابلو منعقد ڪيو ويو

    خيرپور: سيڪريٽري اسپورٽس شعيب احمد صديقي جي خاص هدايتن تي سنڌ اسپورٽس بورڊ پاران ڳوٺ رفيق مهيسر ۾ ملاکڙي راند جو مقابلو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري تفريح ماڻي جڏهن ته مقابلي ۾ پريزيڊنٽ ڊسٽرڪٽ بار شفقت مهيسر، ڊپٽي ڊائريڪٽر بورڊ آف روينيو سکر، منور مهيسر، ڊي او اسپورٽس مير محمد ڪلهوڙو۽ ڊي آءِ او صاحب خان ڀنڊ ۽ علائقي جي ٻين رهواسين شرڪت ڪئي

    وڌيڪ پڙھو
  • پاڪستان انٽريونيورسٽي(زون ايڇ) هاڪي چيئمپين شپ جو فائنل زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام 2-گولن جي برتري تان کٽي ورتو

    ٽنڊوڄام: آل پاڪستان انٽريونيورسٽي(زون ايڇ) هاڪي چيئمپين شپ جو فائنل زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام 2-گولن جي برتري تان کٽي ورتو، پاڪستان سطح جي فائنل رائونڊ لاءِ زرعي يونيورسٽي ڪواليفاءِ ڪري ورتو، رپورٽ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي گڏيل سهڪار سان آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي زون ايڇ هاڪي چيئمپين شپ جو فائنل زرعي يونيورسٽي جي هاڪي گرائونڊ تي ٿيو، جيڪو زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ مهراڻ يونيورسٽين وچ ۾ ٿيو، جيڪو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ٻن گولن تان کٽي ورتو آهي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران رانديگر فيضان احمد 2-گول ۽ احسن هڪ گول ڪيو، جڏهن ته مهراڻ يونيورسٽي پاران اڪيلو گول محمد آصف ڪيو، ان کان اڳ ٿيل راندين ۾ زون ايڇ جي جنهن ۾ مهراڻ يونيورسٽي ٽنڊوڄام، لياقت يونيورسٽي ڄامشورو، قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۽ ميزبان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ مقابلا ٿيا، ان موقعي تي مهمان خاص سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ شاگردن ۾ غيرتدريسي تعميري سرگرميون خاص طور تي رانديون عروج تي آهن ۽ هاڻي يونيورسٽي ملڪ جي سڀني يونيورسٽين ۾ راندين جي ڪارڪردگي ۾ ٽاپ ٽين يونيورسٽين ۾ شامل آهي ۽ سندس مجموعي طور تي پوزيشن بهترين آهي، هن چيو ته يونيورسٽي…

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button