سکر
حڪومت سنڌ لائيو اسٽاڪ کاتي جي هدايتن مطابق جانورن جي علاجي لاءِ ھڪ مھم شروع ڪئي آھي: سومرو
1 اپریل ، 2011
حڪومت سنڌ لائيو اسٽاڪ کاتي جي هدايتن مطابق جانورن جي علاجي لاءِ ھڪ مھم شروع ڪئي آھي: سومرو
سکر : ڊسٽرڪٽ آفيسر لائيو اسٽاڪ اينيمل هسبينڊري سکر ڊاڪٽر نصرالله سومرو پڌرو ڪيو آهي ته حڪومت سنڌ لائيو اسٽاڪ کاتي جي هدايتن مطابق گذريل سال 2010 دوران آيل ٻوڏ وارن علائقن ۾ ويڪسين (بچاءُ جا ٽڪا) دوائون پيارڻ ۽ بيمار جانورن جي علاج لاءِ هڪ مهم شروع ڪئي وڃي ٿي. جنهن ۾ ضلع سکر ۾ ٻوڏ وارن علائقن ۾ مختلف هنڌن تي ڪئمپون قائم ڪيو ويون آهن. جنهن ۾ تعلقه سکر- تعلقه روهڙي، تعلقه پنوعاقل ۾ 01 اپريل 2011 کان ڪم شروع ڪيو ويندو. جنهن لاءِ ضلع سکر جي مالوندن ۽ خاص طور ڪچي وارن علائقن جي رهندڙن مالوندن کي اپيل ٿي ڪجي ته هو جانورن جي کاتي جي عملي سان سهڪار ڪن ۽ پنهنجي جانورن کي بچاءَ جا ٽڪا هڻائين، دوائون پيارين ۽ علاج ڪرائين ته جئين قيمتي جانورن کي بچائي سگهجي، کير ۽ گوشت جي پيداوار ۾ واڌ آڻي سگهجي.
موبائل ٻوليءَ کي نقصان پھچايو آھي: ڊاڪٽر محبوب
22 مارچ ، 2013
موبائل ٻوليءَ کي نقصان پھچايو آھي: ڊاڪٽر محبوب
سکر : انگريزي ٻولي کي موبائل فون ذريعي ٿورن لفظن ۾ ميسيج لکڻ، موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ ڪري نقصان رسيو آهي ۽ هي لاڙو ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو وڃي تنهن ڪري اسان کي چوڪس رهڻو پوندو ته جيئن ٻولي کي بچائي سگهجي. اهڙو اظهار ڊاڪٽر محبوب علي شيخ چيئرمين بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر پبلڪ اسڪول سکر جي جونيئر سيڪشن طرفان منعقد ڪيل “پهرين اسپيلنگ ڪامپيٽيشن” جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. هن ٻن ٽيچرس زينت جهان ۽ صائمه ڊومڪي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن استادن کي خاص ڪري گورنمينٽ اسڪولن جي استادن کي مشورو ڏنو ته هو ٻارن کي صحيح تلفظ ۽ اچار سکارين، هن اسڪول جي انتظاميا کي مشورو ڏنو ته اهڙي قسم جا پروگرام وڏي پيماني تي شروع ڪن ته جيئن ٻيا شاگرد به ان مان فائدو حاصل ڪن. ڊاڪٽر محبوب شيخ چٽا ڀيٽيءَ ۾ شريڪ شاگردن جي ڪارڪردگي ۽ جذبي کي ساراهيو. هن ٻارن کي مشورو ڏنو ته هو انگريزي زبان سکن، تقريب ۾ پرنسپال نثار الله بلوچ، استادن ۽ شاگردن پڻ شرڪت ڪئي.
شمس جعفراڻي، آثار قديمه ۽ سکر ضلعي جي روينيو آفيسرن سان گڏ تاريخي مسجد محمد بن قاسم، اروڙ جو دورو ڪيو
22 مارچ ، 2013
شمس جعفراڻي، آثار قديمه ۽ سکر ضلعي جي روينيو آفيسرن سان گڏ تاريخي مسجد محمد بن قاسم، اروڙ جو دورو ڪيو
سکر: سيڪريٽري ثقافت شمس جعفراڻي، آثار قديمه ۽ سکر ضلعي جي روينيو آفيسرن سان گڏ تاريخي مسجد محمد بن قاسم، اروڙ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري ثقافت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ شايع ٿيڻ وارين خبرن جو نوٽس وٺندي، منسٽر ڪلچر محترمه سسئي پليجوصاحبه جي هدايت تي هي دورو ڪيو، جيئن هن معاملي کي گڏجي حل ڪري سگهجي. هن چيو ته 18 ترميم تحت سنڌ جي تمام آرڪيالاجي جي ماڳن کي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو ويو آهي. جنهن تحت حڪومت سنڌ محمد بن قاسم مسجد اروڙ کي اوليت ڏيئي رهي آهي، هن سلسلي ۾ حڪومت سنڌ ۽ يونيسيف سان معاهدو ڪيو ويو آهي ته جئين هن مسجد کي آرڪيالاجي ٽيڪنڪ مطابق ان جي اصلي حالت ۾ بحال ڪري سگهجي. آخر ۾ سيڪريٽري ڪلچر نئين تعمير ٿيندڙ ڪلچرل ڪامپليڪس سکر جو دورو ڪيو دوري دوران هن ٻڌايو ته هي ڪامپليڪس ساڍا 7 ڪروڙ جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. جيڪو هڪ ايڪڙ ايراضي تي مشتمل هوندو جنهن ۾ ميوزم، آڊيٽوريم، ورڪشاپ هال، آرٽ گيلري، لائبرري ۽ آفيسيون شامل آهن.
سکر بئراج جا سمورا ڪئنال ۾ 06 جنوري کان 20 جنوري 2011، تائين بند رهندا
22 مارچ ، 2013
سکر بئراج جا سمورا ڪئنال ۾ 06 جنوري کان 20 جنوري 2011، تائين بند رهندا
سکر : چيف انجنئير ايريگيشن سکر بئراج ليفٽ بئنڪ سکر ريجن، محمد هارون ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته سکر بئراج جا سمورا ڪئنال ضروري سار سنڀال ۽ مرمت جي سلسلي ۾ 06 جنوري کان 20 جنوري 2011، تائين بند رهندا، مذڪوره عرصي دوران سکر بئراج مان نڪرندڙ ڪئنال جن ۾ اين ڊبليو ڪئنال، دادو ڪئنال، خيرپور فيڊر ايسٽ، خيرپور فيڊر ويسٽ، روهڙي مين ڪئنال، نارا ڪئنال شامل آهن. انهن ۾ پاڻي جو وهڪرو بند رهندو.
حڪومت محرم الحرام دوران تمام فول پروف انتظامات ڪري رهي آهي: وزير سيد قائم علي شاه
22 مارچ ، 2013
حڪومت محرم الحرام دوران تمام فول پروف انتظامات ڪري رهي آهي: وزير سيد قائم علي شاه
سکر :سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته حڪومت محرم الحرام دوران تمام فول پروف انتظامات ڪري رهي آهي ته جئين ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ڪو به غير معمولي واقعو نه ٿئي ۽ محرم الحرام خير خوبيءَ سان گذري وڃي. هن اهڙو اظهار سکر ايئر پورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي، خيرپور ۽ ٻين علائقن ۾ امن و امان جي فضا کي يقيني بنائڻ لاءِ انتظاميه طرفان تمام احتياطي ۽ حفاظتي اپاءَ ورتا ويا آهن. سيلاب متاثرن جي رليف ۽ ٻيهر بحاليءَ جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته پهرين مرحلي جو ڪم 75 سيڪڙي تائين مڪمل ٿي ويو آهي. جڏهن ته ٻي مرحلي جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويندو. ميرپور خاص ۾ هڪ صحافيءَ جي قتل جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته هن سلسلي ائڪشن ٿيو آهي ۽ صحيح جاچ ڪري هن واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. هن کان اڳم سنڌ جي وڏي وزير جيلاني هائوس خيرپور ۾ مختلف وفدن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا معلوم ڪيا ۽ واسطيدار اختيارين کي سندن مسئلن جي حل لاءِ ضروري احڪامات جاري ڪيا. انهيءَ موقعي تي ماڻهن سان ڳالهائيندي وڏي…
قيصر بنگالي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ فار وومن سکر ۽ ڪيريئر ڪائونسلنگ سينٽر سکر جو دورو ڪيو
22 مارچ ، 2013
قيصر بنگالي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ فار وومن سکر ۽ ڪيريئر ڪائونسلنگ سينٽر سکر جو دورو ڪيو
سکر: وزير اعلي سنڌ جي صلاحڪار قيصر بنگالي ، مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن۽ ٽريننگ اٿارٽي، مسٽر عبدالواحد عقيليءَ سان گڏ پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ فار وومن سکر ۽ ڪيريئر ڪائونسلنگ سينٽر سکر جو دورو ڪيو. هن ادارن جي مختلف شعبن جو پڻ معائنو ڪيو. انهي موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته هر مرد توڙي عورت لاءِ فني تعليم ايئن اهم آهي جيئن بنيادي تعليم. موجوده حڪومت پاران اهڙا تربيتي پروگرام جوڙيا پيا وڃن، جن جي تربيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ مرد توڙي عورت پاڻ کي مستحڪم ڪري سگهن . هن واسطيدار عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته شاگردياڻين کي مختلف ڪورسن ۾ ڏني ويندڙ تربيت کانپوءِ گهربل ضروري سامان پڻ مهيا ڪر ي ڏنو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ گهريلو صنعتڪاريءَ کي فروغ ڏئي ڪري عورتن جي معيارزندگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ پوري سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي ڊسپلي سينٽر پڻ قائم ڪيا پيا وڃن، ته جيئين اهڙن تمام هنرن کي ڌيڪ هٿي ملي سگهي. هن چيو ته شاگردياڻين کي وظيفي ڏيڻ جي عمل کي بهترج ڪيو پيو وڃي .ته جيئن اهو ٺيڪ طرح سان اميدوارن کي ملي سگهي ۽ شاگردياڻين ۾ ڪنهن به قسم جي اميري، غريبيءَ جو فرق نه رهي . سنڌ ۾ ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ڪاليجن…
سکر ۾ معذور ٻارن جي عالمي ڏينھن تي ريلي ڪڍي وئي
22 مارچ ، 2013
سکر ۾ معذور ٻارن جي عالمي ڏينھن تي ريلي ڪڍي وئي
سکر: انٽرنيشنل معذورن جي ڏينهن جي ملهائڻ جي سلسلي ۾ هڪ ريلي گورنمينٽ پائلٽ پراجيڪٽ اسڪول فار بلائينڊ سکر پاران لب مهراڻ کان گورنمينٽ اسڪول فار بلائينڊ بئراج ڪالوني سکر تائين منعقد ڪئي وئي، جنهن جي اڳواڻي ايم پي اي، حاجي انور خان مهر ڪئي، بعد ۾ گورنمينٽ اسڪول فار بلائينڊ سکر پاران هڪ تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ، شڪارپور، خيرپور ، رتو ديرو، شهداد ڪوٽ ۽ محرابپور جي معذور اسڪولن جي بارن ۽ استادن شرڪت ڪئي. انهيءَ موقعي تي ڳالهائيندي حاجي انور خان مهر چيو ته معذور ٻار عالمي ليول تي مڃتا ماڻي چڪا آهن، هن وڌيڪ چيو ته معذور ٻارڙن جي سرڪاري محڪمن ۾ 02 سيڪڙو ڪوٽا لاءِ هو سنڌ اسيمبلي آواز اٿاريندو ته جيئن معذور ٻارن کي روزگار مهيا ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته هي ٻار اهو ڪجهه حاصل ڪري سگهن ٿا جيڪو هڪ نارمل ٻار حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ هنن به اوتريون صلاحيتون موجود آهن جيڪي عام ٻارن ۾ هونديون آهن. هن ماڻهن کي صلاح ڏني ته هو هنن ٻارن کي معاشري جو هڪ ڪار آمد فرد سمهجي ورتاءُ ڪن. انهيءَ موقعي تي پبلڪ اسڪول سکر جي پرنسپل نثارالله بلوچ اعزازي مهمان خاص جي حيثيت ۾ ڳالهائيندي چيو ته دنيا جي…
علماءَ هو محرم الحرام دوران امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي فضا کي يقيني بڻائين: ڊي سي او سکر
22 مارچ ، 2013
علماءَ هو محرم الحرام دوران امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي فضا کي يقيني بڻائين: ڊي سي او سکر
سکر: ڊي سي او سکر انعام الله خان ڌاريجو مختلف مڪتبهء فڪر جي علماءُ کي اپيل ڪئي آهي ته هو محرم الحرام دوران امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي فضا کي يقيني بڻائين ته جيئن هي مقدس مهينو خيرو خوبيءَ سان گذري وڃي. هن اهڙو اظهار محرم الحرام دوران انتظامن جو جائزو ۽ امن امان برقرار رکڻ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل هڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هن ميٽنگ جي سڏائڻ جو مقصد محرم دوران درپيش ايندڙ مسئلن متعلق آگاهي وٺڻ، انهن کي حل ڪرڻ آهي. هن چيو ته خدا جو شڪر آهي جو اسانجو ضلعو سکر ڪنهن به تخريبڪاريءَ کان محفوظ رهيو آهي. هن چيوته اسانکي هڪ قوم ۽ ذميدار شهري جو مظاهرو ڪندي چوڪس رهڻو آهي. جنهن لاءِ ڪميونٽي جي حمايت ضروري آهي. هن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي صفن ۾ اتحاد برقرار رکن ۽ هن انتظاميه ۽ سيڪيورٽي ادارن طرفان پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. هن واپڊا جي عيوضي کي چيو ته هو عزاداري دوران غيرضروري بجليءَ جي لوڊشيڊنگ کان پرهيز ڪن. هن چيو ته اسانجي وڌ ۾ وڌ ڪوشش هوندي ته عشره محرم خيريت سان گذري وڃي. هن ٽي ايم اوز کي هدايت ڪئي ته هو صفائي سٿرائي ۽ لائيٽنگ جو…