سکر
سکر ۾ 81 بلڊنگس غير قانوني طرح سان اسٽڪلچرل منظوريءَ کانسواءِ ٺاهيون ويون آهن: آغا سراج خان دراني
22 مارچ ، 2013
سکر ۾ 81 بلڊنگس غير قانوني طرح سان اسٽڪلچرل منظوريءَ کانسواءِ ٺاهيون ويون آهن: آغا سراج خان دراني
آغا سراج خان دراني ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو مختلف ضلعن ۾ ته ترقياتي ڪمن متعلق گڏجاڻيون صدر آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي ڪيون پيون وڃن ته جيئن ترقياتي اسڪيمن جو جائزو وٺي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته سکر ۾ 81 بلڊنگس غير قانوني طرح سان اسٽڪلچرل منظوريءَ کانسواءِ ٺاهيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ قانوني قدم کنيو ويندو. انهيءَ موقعي تي نعمان اسلام شيخ ايم اين اي، ڊاڪٽر نصرالله بلوچ ايم پي اي ، ڊي سي او سکر انعام الله خان ڌاريجو ۽ مختلف تعلقن جا ٽي ايم اوز پڻ موجود هئا.
بندروال جي تعيمر جي ڪم کي تيز ڪيو ويندو: قائم علي شاھ جي خاطري
1 جون ، 2011
بندروال جي تعيمر جي ڪم کي تيز ڪيو ويندو: قائم علي شاھ جي خاطري
سکر: سکر سمال ٽريڊرس ۽ گرين مرچنٽ ايسوسئيشن جي عهديدارن جي هڪ وفد اڄ سرڪٽ هائوس سکر ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وفد وڏي وزير کي مارڪيٽ ڪميٽي جي لائسنس فيس ۾ اضافو جي واپس ڪرڻ، غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي بائونڊري وال ۽ ايڊمنسٽريشن بلاڪ جي تعمير لاءِ گهربل فنڊ جي فراهمي ۽ ٻين درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. وڏي وزير مسئلن کي غور سان ٻڌو ۽ ان جي حل جي لاءِ همدردانه غور جي يقين دهاني ڪرائي. وڏي وزير مارڪيٽ ڪميٽي لائسنس فيس جي اضافي متعلق واسطيدار ايگريڪلچر آفيسر کي هدايت ڪئي ته هو مارڪيٽ ڪميٽي لائنسس جي واڌاري واري مسئلي جو جائزو وٺي ان سلسلي ۾ کيس رپورٽ پيش ڪري. سکر سمال ٽريڊرس جي عهديدارن وڏي وزير کي آگاهي ڏني ته هو بندروال جي اندر ناجائر تجاوزات جي سلسلي ۾ هڪ ريلي منعقد ڪندا ۽ گهر ڪندا ته بندروال اندر ناجائز تجاوزات کي سکر جي شهرين جي مفاد ۾ هٽايو وڃي. وڏي وزير واپارين جي وفد کي يقين ڏياريو ته بندروال جي تعيمر جي ڪم کي تيز ڪيو ويندو ته جيئن هي ڪم جلد کان جلد مڪمل ٿي سگهي هن گڏجاڻي ۾ نعمان اسلام شيخ ايم…
سکر بندروال جو مرمتي ڪم 30 جون تائين مڪمل ڪرڻ لاءِ اڄ کان 3 ٽيمون وڌائڻ جو اعلان
1 جون ، 2011
سکر بندروال جو مرمتي ڪم 30 جون تائين مڪمل ڪرڻ لاءِ اڄ کان 3 ٽيمون وڌائڻ جو اعلان
سکر (عمر سومرو) آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري خالد ميمڻ چيو آهي ته سکر بندروال جي قبضن کان آجي حصي تي ڪم تيز ڪرڻ لاءِ اڄ کان ٽيمن جو انگ هڪ مان وڌائي 4 ڪيو پيو وڃي ته جيئن 30 جون تائين ڪم مڪمل ڪرائي سگهجي، ڪالهه سکر بندروال ۽ سکر بيگاري بند تي هلندڙ مرمتي ڪمن جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بندروال تي سوا مهيني ۾ 8 هزار فوٽن مان 5 سئوٽ فٽ ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، باقي رهيل ساڍا ست هزار فٽن جو ڪم 30 جون تائين مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته جيڪڏهن موجوده ڊزائن موجب ڪم نه ڪري سگهياسين ته ٻئي آپشن موجب بندر وال کي اندرئين پاسي کان پلاسٽر لڳايو ويندو. هن چيو ته اسان بندروال جي بنيادن مان پٿر ڪڍي پراپرارٿ مٽيريل وجهي ان کي مضبوط ڪنداسين، هن هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته ٽوڙِ بند سميت سنڌ جي بندن ي جاري سمورا ڪم 30 جون تائين مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ڪم جو معيار بهتر رکڻ لاءِ ڪم مناسب رفتار ساب نه پيو ٿئي، هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي قرض ان بندن جو جون جي پهرين فهتي ۾ روع ڪرائڻ…
هن سال 11 لک ڪيوسڪ پاڻي آيو ته سکر بندر وال ان جو مقابلو نه ڪري سگهندي : وڏو وزير
1 جون ، 2011
هن سال 11 لک ڪيوسڪ پاڻي آيو ته سکر بندر وال ان جو مقابلو نه ڪري سگهندي : وڏو وزير
سکر (م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته گذريل ٻوڏ ۾ سنڌو درياءَ جي جن حفاظتي بندن کي نقصان پهتو هو انهن جو مرمت ۽مضبوطيءَ وارو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي ۽ اهو ڪم طئي ٿيل وقت اندر مڪمل ڪيو ويندو. سکر جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٺٽي جي ايم ايس بند ۽ ٽوڙي بند تي هلندڙ ڪم ڏيڍ هفتي اندر مڪمل ٿي ويندو، جڏهن ته لاڙڪاڻي جي عاقل آگاڻي بند تي ڪم تيزي سان جاري آهي اتي اسپر جوڙيو پيو وڃي اميد آهي ته جون جي 15 تاريخ تائين بند جو ڪم مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ماڊل وليج ٺاهڻ جي رٿا جو به جائزو وٺي رهي آهي. جلد اهي اسڪيمون شروع ڪيون وينديون. اهڙي هڪ اسڪيم تحت ٽوڙي بند ويجهو ماڊل وليج تعمير ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪشمير، اترين علائقن ۽ پنجاب ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي اهو پاڻي درياءَ ۾ ايندو ته ان جو دٻاءُ سنڌ تي به پوندو. گذريل سال به 9 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي پر سنڌ تائين 11 لک 80 هزار جيڪڏهن هن ڀيري به ايترو پاڻي پهتو…
بندر وال جي رهواسين کي جلد کان جلد منتقل ڪرڻ لاءِ 3 سائيٽس کي منتخب ڪيو ويو آھي: عبدالسبحان ميمڻ
14 مئی ، 2011
بندر وال جي رهواسين کي جلد کان جلد منتقل ڪرڻ لاءِ 3 سائيٽس کي منتخب ڪيو ويو آھي: عبدالسبحان ميمڻ
سکر: چيف سيڪريٽري سنڌ عبدالسبحان ميمڻ آبپاشي جي عملدارن ۽ ٻين واسطيدار آفيسرن سان سرڪٽ هائوس سکر ۾ هڪ اجلاس منعقد ڪيو گڏجاڻي دوران چيف انجنئر سکر ۽ گڊو بيراج ٻنهي بيراجن ۾ موجود وهڪري ۽ آبپاشي سرشتي ، ڪينالن ۾ پاڻي جي گنجائش ۽ بندن تي جاري مرمت ۽ ٻيهر بحالي جي ڪم متعلق تفصيلي ڄاڻ ڏني. هن موقعي تي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته بندر وال جي رهواسين کي جلد کان جلد منتقل ڪرڻ لاءِ 3 سائيٽس کي منتخب ڪيو ويو آهن جنهن تي 2000 فليٽ ٺهرائي ڏنا ويندا ۽ بعد ۾ هن جند پير، زيرو پوائينٽ وٽ بندر وال جي هلندڙ ڪم جو معائنو ڪيو جتي هن کي چيف انجنيئر سکر بيراج آغا اعجاز بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بندر وال جي ڪم جي ڊيگهه 17 هزار فٽ آهي جنهن کي 14 فٽ مٿي ڪيو ويندو ۽ ڪريڪس کي ڀرڻ جي لاءِ آرسي سي جي شيٽ ڏني ويندي ته جيئن بندر وال جي ڳريل پٿر ۽ گيپس کي فل ڪري مضبوط ڪري سگهجي. جنهن تي 12 ڪروڙ روپيه خرچ جو تخمينو آهي هن وقت تائين 80 لک خرچ ٿي چڪو آهي صرف ٻن ميلن تي مسئلا آهن ۽ هڪ ميل تي ڪم جاري آهي. چيف سيڪريٽري، چيف انجينئر کي…
پاڪستان فشر فوڪ فورم گهنٽه گهر کان سعيد سرهندي روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي
13 مئی ، 2011
پاڪستان فشر فوڪ فورم گهنٽه گهر کان سعيد سرهندي روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي
سکر (بيورو رپورٽ)پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران ٻن مهاڻن جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف سکر ۾ گهنٽه گهر کان سعيد سرهندي روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي غلام قادر،حسين بخش ۽ ٻين چيو ته عبدالغني ۽ ابوبڪر کي قتل ڪندڙ جوابدار اڃان تائين گرفتار ناهن ڪيا ويا پوليس ان ڏس ۾ خاموش تماشائي بڻيل آهي هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن قاتلن کي ترت گرفتار نه ڪيو ويو ته مهاڻا سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.
سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گرم گودي جي علائقي ۾ هٿياربندن راهگيرن کان هزارين روپيا ڦر ڪيا ويا
13 مئی ، 2011
سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گرم گودي جي علائقي ۾ هٿياربندن راهگيرن کان هزارين روپيا ڦر ڪيا ويا
سکر(بيورورپورٽ) سکر ۾ هٿياربندن ڦر لٽ ڪرڻ سان گڏ شهري کان موٽڙ سئيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا خبر موجب سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گرم گودي جي علائقي ۾ هٿياربندن راهگيرن کان هزارين روپيا پڙ ڪرڻ سان گڏ ليبر انسپيڪٽر غلام حسين ٽانوري ۽ سندس ساٿي کي روڪي کين يرغمال بڻائي روڪ رقم ءٌ سامان ڦر ڪرڻ سان گڏ موٽر سائيڪل ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا پوليس خاموش تماشائي بڻجڻ کانسواءِ ڪو ٻوٽو ناهي ٻاري سگهي.
گجر برادري جا ٻه نوجوان ڀائر پر اسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ
13 مئی ، 2011
گجر برادري جا ٻه نوجوان ڀائر پر اسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ
سکر (بيورو رپورٽ)سکر مان ٻه نوجوان پراسرار نموني گم،اغوا جو شڪ،خبرموجب سکر جي نئين پنڊ واري علائقي مان گجر برادري جي ٻن نوجوان ڀائرن ريحان ۽ رضوان پٽ شبير گجر پراسرا نموني گم ٿي ويا آهن ان ڏس ۾ اطلاع آهن ته سندن گهر جو دروازو کڙڪائيندڙ اهو چيو ته هو ايف آئي اي وارا آهن چانچ جي سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي بعد ۾ هو کين وٺي ويا گهر واپس نه ٿيڻ تي خطرو آهي ته نامعلوم ماڻهن کين اغوا ڪري گم ڪيو آهي هنن سنڌ جي وڏي وزير،آءِجي سنڌ پوليس ۽ آرپي او سکر کي اپيل ڪئي ته ٻنهي نوجوانن کي بازياب ڪرائي گهر ڀاتين جي بي چيني ختم ڪئي وڃي.
پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جا مائٽ جاني دشمن بڻجي ويا
13 مئی ، 2011
پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جا مائٽ جاني دشمن بڻجي ويا
سکر (بيورو رپورٽ)سکر جي ريجنٽ واري علائقي مدينه ڪالوني جي رهواسي پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي نوشين انصاري ۽ حاجي چوهاڻ ميڊيا کي دانهيندي ٻڌايو ته هنن 3 1 فيبروري تي پسند جي شادي ڪئي هاڻي حاجي جي پهرين گهر واري جا مائٽ سندن جاني دشمن بڻجي اڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن سبب سندن زندگين کي سخت خطرو آهي اختياريون تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏ ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪاروائي ڪن
سکر ڪيمرامين اينڊ ڦوٽو جرنلسٽ جي چونڊ ٿي گذري
13 مئی ، 2011
سکر ڪيمرامين اينڊ ڦوٽو جرنلسٽ جي چونڊ ٿي گذري
سکر(بيورورپورٽ)سکر ڪيمرامين اينڊ ڦوٽو جرنلسٽ جي چونڊن ۾ جاکوڙي فوٽو گرافر رئيس احمد ابڙو صدر ۽ سعيد ڀيو جنرل سيڪريٽري چوندجي وياآهن جڏهن ته نائب صدر سيد گلزار شاهه ،جوائنٽ سيڪريٽري بابر کوکر،خزانچي شعيب خان ملڪ ،آفيس سيڪريٽري نعيم غوري ۽ پريس سيڪريٽري راحيل ميمڻ شامل آهن ان کان اڳ اجلاس جي صدارت اڳوڻي صدر قذافي شاهه ڪئي جنهن ۾ سال جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو هوانهن سکر جي صحافين عمرسومر، امداد بوزادر،عبيد شيخ،محمد رضوان صديقي،ايف اي سومرو،شڪيل عاجز ۽ٻين نون عهديدارن کي مبارڪون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو پنهنجي فيلڊ مان ڪارين رڍن کي ڪڍڻ لاءِ ڪم ڪندا جيئن صحافت جو متاثر ٿيندڙ اهم شعبو بدنامي کان بچي سگهي.