سکر

سکر: اليڪشن ٽربيونل ۾ مختلف پارٽين جا اميدوار پيش

سکر: اليڪشن ٽربيونل ۾ مختلف پارٽين جا اميدوار پيش

سکر ۾ قائم اليڪشن ٽربيونل ۾ مختلف پارٽين جا اميدوار پيش، ابراهيم جتوئي خلاف 20 پولنگ اسٽيشنن تي ووٽن جي تصديق جو حڪم
سکر :حملي ۾ آءِ ايس آءِ جي هيڊڪوارٽر تي حملي جو ڪيس داخل ، حملو ڪنڊر قبائلي پٺاڻ محسوس ٿي رھيا ھئا، ڪمشنر

سکر :حملي ۾ آءِ ايس آءِ جي هيڊڪوارٽر تي حملي جو ڪيس داخل ، حملو ڪنڊر قبائلي پٺاڻ محسوس ٿي رھيا ھئا، ڪمشنر

ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز علي عباسي چيو آهي ته ڳجهي اداري تي حملو ڪندڙ قبائلي علائقي جا پٺاڻ محسوس ٿي رهيا آهن، دهشتگردن جي سڃاڻپ لاءِ واقعي واري هنڌ تان ملندڙ انساني جسم جي عضون جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪيو پيو وڃي اهڙن خيالن جو اظهار هن ديوان مشتاق اسپتال سکر ۾ داخل 11 زخمي مريضن جي عيادت ڪئي
سکر: آءِ ايس آءِ دفتر جي ٻاھران ڌماڪا، ٻه ڄڻا مارجي ويا

سکر: آءِ ايس آءِ دفتر جي ٻاھران ڌماڪا، ٻه ڄڻا مارجي ويا

سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر ۾ ھڪ ٻئي پٺيان ٿيندڙ چار ڌماڪن ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ 38 زخمي ٿي پيا آھن. پوليس مطابق اھي ڌماڪا اربع جي شام ڪو بئراج ڪالوني ۾ ٿيا. جنھن جڳھ تي ڌماڪا ٿيا آھن اتي پاڪستان جي انٽيليجنس جي اداري آءِ ايس آءِ جي دفتر کان علاوه ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ججن جو رھائشون آھن.
سکر: ڪچي وارين پولنگ اسٽيشن تي بااثر اميدوارن جي ماڻهن جا قبضا

سکر: ڪچي وارين پولنگ اسٽيشن تي بااثر اميدوارن جي ماڻهن جا قبضا

سکر ضلعي جي ٻن قومي ۽ چئن صوبائي تڪن تي ٿيندڙ چونڊ ۾ سکر شهر ۽ ڀرپاسي خاص طور ڪچي وارين پولنگ اسٽيشن تي بااثر اميدوارن جي ماڻهن جا قبصا ۽ ڪنٽرول ڏسڻ ۾ آيو ووٽ جو مجموعي طور تناسب 70 سيڪڙو تائين پهچي ويو
عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جديد سسٽم رائج ڪيو ويو آهي، ڪمشنر سکر

عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جديد سسٽم رائج ڪيو ويو آهي، ڪمشنر سکر

ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز علي عباسي چيو آهي ته صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ لاءِ سکر ڊويزن ۾ انتظامن ۽ امن امان جي صورتحال کي وڌ ۾ وڌ بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن جڏهن اليڪيشن ڪميشن پاران جاري ٿيل ضابطه اخلاف جي خلاف ورزي ڪندڙ ن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي
سکر: پ پ سينيٽر اسلام الدين شيخ ۽ اڳوڻي ايم اين اي نعمان اسلام شيخ ۽ ٻين خلاف نعرا

سکر: پ پ سينيٽر اسلام الدين شيخ ۽ اڳوڻي ايم اين اي نعمان اسلام شيخ ۽ ٻين خلاف نعرا

سکر ۾ عوامي شهري اتحاد جي هفتي کان پوءِ ٻيهر سرگرمي شهر ۾ ريلي ڪڍي شهر مان چونڊيل پ پ جي چونڊيل نمائندن خلاف نعري بازي ڪندي پ پ جي اعليٰ قيادت کان ڏنل ٽڪيٽن تي نظر ثاني جي گهر خبر موجب سکر جي سينيئر صحافي لالا اسد پٺاڻ پاران سکر مان ڪرپٽ چونڊيل نمائندن مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ جوڙيل عوامي شهري اتحاد طرفان پراڻي سکر کان هڪ وڏي ريلي ڪڍي
سکر: رٽائرڊ ايس ايڇ او خلاف خلاف مظاھرو

سکر: رٽائرڊ ايس ايڇ او خلاف خلاف مظاھرو

لوڪل بورڊ جي رهواسين سميجا عورتن ارشاد بيگم، مائي خيران، محمد يوسف ۽ ٻين رٽائرڊ ايس ايڇ او خير محمد سميجو جي ڏاڍائين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته خير محمد سميجو پراپرٽي تڪرار تان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي اسان جا ماڻهو گرفتار ڪرايا آهن، ۽ انهن مٿان تشدد ڪرائي رهيو آهي، جڏهن ته پراپرٽي جو ڪيس عدالت اسان جي حق ۾ ڏنو آھي
اليڪشن کي صاف شفاف بڻائڻ جي لاءِ ڊائريڪشن ۽ گائيڊلائن ڏني آهي، ڊاڪٽر نياز عباسي

اليڪشن کي صاف شفاف بڻائڻ جي لاءِ ڊائريڪشن ۽ گائيڊلائن ڏني آهي، ڊاڪٽر نياز عباسي

سکر ۾ اليڪشن جي حوالي سان اجلاس، سکر سميت 4 ضلعن م 4 سئو 21 پولنگ اسٽيشن انتهائي حساس ۽ 11 سئو 23 حساس قرار. خبرموجب سکر ۾ اليڪشن جي حوالي سان ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز عباسي جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڊويزن ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس سکر جي سرڪٽ هائوس ۾ ٿيو جتي ڊي آءِ جي سکر سلطان خواجه، رينجرز جي ڪمانڊر شهباز، ڊويزنل اليڪشن ڪمشنر امير بخش عباسي جي علاوه سکر، گهوٽڪي، خيرپور ۽ نوشهروفيروز جي ضلع جي ڊپٽي ڪمشنرز، ايس ايس پيز سميت ٻين متعلقه ادارن جي ڊويزنل ۽ ضلعي آفيسرن شرڪت ڪئي.
سکر ڊويزن ۾ به اميدوار دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهن ، ڊي آءِ سلطان خواجه

سکر ڊويزن ۾ به اميدوار دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهن ، ڊي آءِ سلطان خواجه

سکر جي ڊي آءِ جي سلطان خواجه چيو آهي ته انٽيليجنس ادارن جي رپورٽس مطابق سکر ڊويزن ۾ به اميدوار دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهن جڏهن انهن کي مڪمل سيڪيورٽي ڏيڻ ۽ اهڙي ڪنهن به واقع کان اڳ منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون
پي ايس 1 جي آزاد اميدوار صنم فقيرچونڊمھم جو آغاز ڪري ڇڏيو

پي ايس 1 جي آزاد اميدوار صنم فقيرچونڊمھم جو آغاز ڪري ڇڏيو

سکر جي فقير به چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي سکرجي تڪ پي ايس 1 جي آزاد اميدوار صنم فقير ڪالهه سکر جي درگاهه شيخ شيهن تي چادر چاڙهي پنهنجي چونڊ مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ کان منهنجو ۽ منهنجي ساٿين جي آزمائش جو ڏينهن شروع ٿي ويو آهي گهر گهر وڃي ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي قائل ڪنداسين
Back to top button