سکر
غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويئي
29 جولائی ، 2011
غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويئي
سکر(بيورورپورٽ) هيپاٽائٽس جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سکر ۾ به غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال غلام قادر ۽ سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر محبوب علي شاهه ، ڊاڪٽر ابرار شيخ۽ خالد چنا جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ان موقعي هنن خطاب ڪندي چيو ته ان مرض جي خاتمي لاءِ سڀني ساڃاهه وند ماڻهن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو
آل سنڌ لوئر اسٽاف ايوسيئيشن ڊپارٽمينٽ سکر پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
29 جولائی ، 2011
آل سنڌ لوئر اسٽاف ايوسيئيشن ڊپارٽمينٽ سکر پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود اسٽاف کي ريگيولر نه ڪرڻ واري عمل خلاف آل سنڌ لوئر اسٽاف ايوسيئيشن ڊپارٽمينٽ سکر پاران اي ڊي او تعليم سکر خلاف پرائمري مين اسڪول سکر کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي سعيد سرهندي روڊ وٽ ختم ٿي ان دوران ملازم انصاف لاءِ نعرا هڻي رهيا ها ريلي کي خطاب ڪندي محمد اياز مهر،نور احمد ابڙو ۽ ٻين ٻڌايو ته 1 3 مئي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ پاران اي ڊي او سکر پورهيتن کي مستقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو ان باوجود هن ان تي عمل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو جيڪا پڻ سراسر ڪورٽ جي حڪم جي توهين ڪئي وئي آهي هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي معامري تي سختيءَ سان نوٽيس ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو
ڪراچي ۾ مستقل امن لاءِ بنا فرق جي ڪاروائي ٿيڻ گهرجي: صوبائي وزير
29 جولائی ، 2011
ڪراچي ۾ مستقل امن لاءِ بنا فرق جي ڪاروائي ٿيڻ گهرجي: صوبائي وزير
سنڌ جي ماحوليات واري صوبائي وزير محمد شهريار خان مهر چيو آهي ته ڪراچي ۾ مستقل امن لاءِ بنا فرق جي ڪاروائي ٿيڻ گهرجي اسان جي حڪومت ماحوليات کي بهتر بنائڻ لاءِ مختلف اپاءَ وٺي رهي آهي. هن اهڙو اظهار ميڊيا سان سرڪٽ هائوس سکر ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته هر شيءِ ماحول سان جڙيل آهي. جن علائقن ۾ ماڻهن کي ماحوليات جي باري ۾ ڄاڻ نه آهي انهن کي پنهنجي ماحول کي بهتر بنائڻ لاءِ ۽ معلومات فراهم ڪئي ويندي. سکر ريجن جي ٻهراڙي سان وابسته ماحوليات جي متعلق مسئلن کي حل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته فيڪٽرين مان نڪرندڙ زهريلي مادي کان ماحول جي آلودگي کان بچائڻ لاءِ بهتر کان بهتر اپاءَ ورتا ويندا
سکر جي مختلف علائقن ۾ هائوسنگ سوسائيٽيز جي نالي تي لٽ مار جو سلسلو جاري
29 جولائی ، 2011
سکر جي مختلف علائقن ۾ هائوسنگ سوسائيٽيز جي نالي تي لٽ مار جو سلسلو جاري
سکر جي مختلف علائقن ۾ هائوسنگ سوسائيٽيز جي نالي تي لٽ مار جو سلسلو جاري آهي دهلي مسلم سوسائٽي سميت ٻين سوسائيٽن ۾ مالڪي جا ڪاغذ کڻي صحيح ڪرائڻ لاءِ متاثر ماڻهو دربدر ٿيڻ لڳا پر سيڪريٽري سندن مسئلو حل ڪرڻ بجاءِ معاملي کي مسلسل اينگاهيندا پيا آچن ان ڏس ۾ متاثر شخص هادي بخش ٻڌايو ته دهلي مسلم سوسائٽي جي سيڪريٽري سڪندر آرائين ڏانهن گذريل ٽن مهينن کان پنڌ ڪري رهيو آهيان پر هو پلاٽ جي مالڪيءَ واريون رسيدون ڏيٻ کان لنوائيندي آسرا ڏئي رهيو آهي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته 7 7 9 1 کان پوءِ ايريگيشن ،روينيو،ريلوي ۽ ميونسپل جي ايراضين کي ملائي قائم ڪيل سوسائيٽين ۾ پلاٽ خريد ڪرڻ کان پوءِ سوسائيٽين جي سيڪريٽرين قانون جي خلاف ورزي ڪندي ڪيترائي پلاٽ ڪينسل ڪري ٻين جي نالن تي غاغذن ۾ وڪرو ڏيکاريا آهن اهڙي قسم جون درخواستون محتسب اعلي،۽ مقامي عدالتن ۾ جمع ڪرائڻ کان سواءِ ڪو آپريٽو کاتي جي آفيسرن حوالي ڪيون ويون آهن جيڪي متاثرن کي انصاف ڏيارڻ بدران لاڳيتو التوا جو شڪار آهن.
رمضان شريف کان اڳ ئي سکر ۾ سبزين ۽ فروٽ جا اگهه وڌائي غريب عوام کي پريشان ڪيو ويو
29 جولائی ، 2011
رمضان شريف کان اڳ ئي سکر ۾ سبزين ۽ فروٽ جا اگهه وڌائي غريب عوام کي پريشان ڪيو ويو
سکر(بيورورپورٽ) رمضان شريف کان اڳ ئي سکر ۾ سبزين ۽ فروٽ جا اگهه وڌائي غريب عوام کي پريشان ڪيو ويو آهي اهڙي عمل خلاف سکر شهري اتحاد پاران مولانا عبيدالله بٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي اڳواڻڻ مطالبو ڪيو ته ضلعي انتظاميا اگهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ تڪڙن بنيادن تي ڪردار ادا ڪري جيئن هو مبارڪ مهيني ۾ لٽجڻ کان بچي سگهن جڏهن ته شهر ۾ بشنين جي سرگرمين کي ختم ڪري عوام کي لٽجڻ کان به بچايو وڃي.
جماعت اسلامي حڪومت پاران ٻوڏ دوران ڪيل ڪرپشن ۽ حڪومت جي نااهلي خلاف وائيٽ پيپر جاري ڪيو
29 جولائی ، 2011
جماعت اسلامي حڪومت پاران ٻوڏ دوران ڪيل ڪرپشن ۽ حڪومت جي نااهلي خلاف وائيٽ پيپر جاري ڪيو
سکر(بيورورپورٽ) جماعت اسلامي حڪومت پاران ٻوڏ دوران ڪيل ڪرپشن ۽ حڪومت جي نااهلي خلاف وائيٽ پيپر جاري ڪيو آهي سکر ۾ جمايت اسلامي سنڌ جي امير اسدالله ڀٽو ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻوڏ متاثر حڪومت جي غلط فيصلن ڪري جانورن کان به بدترين زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ۽ هڪ سال گذرڻ تي آهي مٿاڻ وري ٻوڏ جو خطرو آهي پر افسوس جو حڪمران پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ کان قاصرآهن عوام سند نااهلي خلاف آواز اٿاري جمايت اسلامي جو ساٿ ڏئي.
سنڌ جي ٽئين نمبر شهر جي وڏي سول اسپتال جي حالت تي رحم کاڌو وڃي
29 جولائی ، 2011
سنڌ جي ٽئين نمبر شهر جي وڏي سول اسپتال جي حالت تي رحم کاڌو وڃي
سکر جي سياسي سماجي تنظيمن سول اسپتال ۾ مريضن سهولتون نه ڏيڻ واري عمل تي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ان اهم مسئلي تي ڌيان ڏئي انساني جانيون متاثر ٿيڻ کان بچايون وڃن سکر ڊولپمينٽ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران ڪوٺايلمذاڪري ۾ اڳواڻڻ حڪومت تي زور ڀريوته سنڌ جي ٽئين نمبر شهر جي وڏي سول اسپتال جي حالت تي رحم کاڌو وڃي.
بييسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي جي مرد ۽ عورت استادن جو مظاھرو
29 جولائی ، 2011
بييسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي جي مرد ۽ عورت استادن جو مظاھرو
سکر(بيورورپورٽ) سکر ۾ ڪالهه ٻئي ڏينهن به بييسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪولز جي مرد ۽ عورت استادن پگهارن جي جاري نه ٿيڻ تي سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي نعري بازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا کي دانهيو ته ايم ڊي چارج وٺڻ بعد ملازم دشمن پاليسين تي عمل ڪندي پگهارون بند ڪري ڇڏيون آهن جنهن جي ڪري گهر ڀاتين سوڌو سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهيون هنن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته ان ظلم جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.
صحافي گلشير مهر سينٽرل جيل ٽو سکر مان ضمانت تي آزاد
29 جولائی ، 2011
صحافي گلشير مهر سينٽرل جيل ٽو سکر مان ضمانت تي آزاد
سکر جو نوجوان صحافي گلشير مهر سينٽرل جيل ٽو سکر مان ضمانت تي آزاد ،صحافين ۽ مائٽن پاران شاندار آڌرڀاءُ،خبرموجب مائٽن پاران ملڪيت تي قبضي خاطر داخل ڪرايل حملي جي ڪوڙي ڪيس مان ضمانت تي ڪالهه سکر جو نوجوان صحافي گلشير مهر ۽ سندس چاچو سينٽرل جيل ٽو سکر ما ضمانت تي آزاد ٿي ويو جيل ٻاهران سکر جي صحافين عمر سومرو،رضوان صديقي،فريد سومرو،اي ڊي مهر، محمد انس مهر،عبدالمنان حنفي ۽ ٻين سان گڏ سندس مٽن مائٽن ۽ دوستن شاندار آڌر باءُ ڪري کيس مبارڪون ڏنيون ٻئي پاسي انڊس يونين آف جرنلسٽ ۽ سکر نيشنل پريس ڪلب جي اڳواڻن ۽ ميمبرن امداد بوزدار،محمد زمان باجوا،پرويز خان،رشيد رضا، مهتاب انصاري ۽ ٻين صحافي گلشير مهر کي آزادي تي مبارڪون پيش ڪيون.
خانپور جي انڙ برادري جا ماڻهو اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ بعد کيس مختلف طريقن سان پريشان ڪري رھيا آھن: معذور رهواسي
29 جولائی ، 2011
خانپور جي انڙ برادري جا ماڻهو اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ بعد کيس مختلف طريقن سان پريشان ڪري رھيا آھن: معذور رهواسي
سکر(بيورورپورٽ) سکر جي نئين پنڊ واري علائقي جي معذور رهواسي عبدالرشيد پنهنجي گهر واري شاهدو ۽ ٻارڙن سان گڏ سکر ۾ سعيد سرهندي روڊ تي احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته خانپور جي انڙ برادري جا ماڻهو انهن خلاف هڪ ٻوڏ متاثر عورت مسمات نوازي جي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ بعد کيس مختلف طريقن سان پريشان ڪري رهياآ هن جڏهن هن ٻوڏ دوران ان عورت جي مدد ڪئي جنهن تي کيس انعام ملڻ گهرجي پر افسوس جو کيس ڦاسايو پيو وڃي هن اعلي اختيارين کان انصاف جي گهر ڪئي .