سکر
نساسڪ جي نا اهلي ۽ غلط منصوبا بندي، شهري پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسڻ لڳا
30 جولائی ، 2011
نساسڪ جي نا اهلي ۽ غلط منصوبا بندي، شهري پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسڻ لڳا
سکر۾ نساسڪ جي نا اهلي ۽ غلط منصوبا بندي، شهري پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسڻ لڳا، روڊن تي ڪيترائي ڪيترائي فٽ پاڻي سبب شهرين کي تڪليف ۾اضافو ڪري ڇڏيو. خبر موجب نارٿ سنڌ اربن سروسز ڪارپوريشن جي ناقص منصوبا بندي ڪري شهرين کي شديد مشڪلاتن جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. نساسڪ انتظاميه فراهمي ۽ ڊرينيج سسٽم جي سلسلي ۾ مڪمل بي وس ۽ ناڪام نظر اچي رهي آهي. نئين پنڊ ، درزي محلي، بروهي محلي، مائيڪرو ڪالوني، قريشي ڳوٺ، سائيٽ ايريا، پراڻو سکر، ٽڪر محله ۽ شهر جي اڌ کان وڌيڪ آبادي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ ترسي رهي آهي. گذريل 0 2 ڏينهن کان جاري پاڻيءَ جي قلت شهرين کي شديد پريشان ڪري ڇڏيو آهي. علائقي واسي پري پري وارن علائقن مان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن.
سول سوسائٽي سکر جي صدر پاڪستان ،وزيراعظم ،چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ
18 جولائی ، 2012
سول سوسائٽي سکر جي صدر پاڪستان ،وزيراعظم ،چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ
سکر شهر جي مسئلن جي حل لاءِ خطن موڪلڻ کان پوءِ آخر ڪار سول سوسائٽي سکر جي اڳواڻن جدوجهد ٽيز ڪندي صدر پاڪستان ،وزيراعظم ،چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته هو قوم کي ڪيترن مسئلن ۽ بيمارين جو شڪار بنائيندڙ بجلي جي لوشيڊنگ جي خاتمي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻن ،سکر جو بند پيل ٿرمل پاور اسٽيشن فوري طور تي چالو ڪيو وڃي يا ساڳي هنڌ وڏو پاور پلانٽ لڳايو وڃي سکر جي مقامي هوٽل ۾ سکرسول سوسائٽي جي رابطا ميمبر ڊاڪٽر معين الدين پنهني ساٿين قاري خليل احمد، شڪيل احمد مختيار، ايڊوڪيٽ مقبول اعواڻ الطاف حسين گيلاني،افضال احمد،ظهور احمد ميمڻ،دلاور خان،عبدالوحيد ميمڻ،سردار محمد خان،ملڪ يعقوب ۽ ٻين سان گڏ پر هجوم پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته جمهوريت جي بالادستي ۽ آزاد عدليه جي باوجود 8 1 ڪروڙ عوام بجليءَ جي بدترين لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيئي رهيو آهي
دڪاندارضلعي انتظاميه طرفان جاري ٿيندڙ ريٽ لسٽون نمايان جڳهن تي هڻن: ڊپٽي ڪمشنر
30 جولائی ، 2011
دڪاندارضلعي انتظاميه طرفان جاري ٿيندڙ ريٽ لسٽون نمايان جڳهن تي هڻن: ڊپٽي ڪمشنر
ڊپٽي ڪمشنر سکر سمير احمد سيد ڊي سي آفيس ۾ رمضان المبارڪ دوران مهنگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان واسطيدار آفيسرن ايس ڊي ايم، مختيارڪارن ضلعي جي سمال ٽريڊرس، واپارين سميت ڪريانه، ٻاڄي، فروٽ، گوشت، مڇي جي واپارين سان هڪ اجلاس منعقد ڪيو ويو. انهيءَ دوران هن تمام دڪاندارن ۽ واپارين کي هدايت ڪندي چيو ته هو پنهنجي دڪانن تي ضلعي انتظاميه طرفان جاري ٿيندڙ ريٽ لسٽون نمايان جڳهن تي هڻن. جن ۾ ضلعي انتظاميه طرفان رمضان المبارڪ دوران شين جا رعايتي اگهه مقرر ڪيا ويا آهن. انهيءَ دوران هن تمام دڪاندارن کي هدايت ڪندي چيو ته هو ذخيره اندوزي کان پرهيز ڪن، مهنگائي ڪرڻ وارن جي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. انهيءَ دوران ايس ڊي ايمز ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪندي چيو ته هو پنهنجي ذميدارين کي صحيح نموني سان سرانجام ڏين.
سنڌ جا حلالي پٽ اڃان زنده آهن جيڪي سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ ٽڪڙا،ٽڪڙا ٿيڻ نه ڏيندا: سنڌ ترقي پسند پارٽي
29 جولائی ، 2011
سنڌ جا حلالي پٽ اڃان زنده آهن جيڪي سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ ٽڪڙا،ٽڪڙا ٿيڻ نه ڏيندا: سنڌ ترقي پسند پارٽي
سکر(بيورورپورٽ)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي سکر ۾ سعيد سرهندي روڊ تي ڪارڪنن وحيد کوسو،نذير سومرو،واحد کوسو، يامين ميراڻي ،اويس سومرو ۽ عرفان چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احٽجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هڻي جدا صوبي جي سازش ڪندڙن خلاف سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي هنن چيو ته سنڌ جا حلالي پٽ اڃان زنده آهن جيڪي سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ ٽڪڙا،ٽڪڙا ٿيڻ نه ڏيندا ۽ سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي وطن لاءِ سرن سان ڪفن ٻڌي ميدان عمل ۾ نڪري پوندي هنن عوام کي اپيل ڪئي ته نجي ٽي ۽ اخبار جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو وڃي.
هڪ عالمي سازش هيٺ سنڌ ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن: سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو
18 جولائی ، 2012
هڪ عالمي سازش هيٺ سنڌ ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن: سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو
جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو چيو آهي ته هڪ عالمي سازش هيٺ سنڌ ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن جنهن کي ناڪام بنائڻ لاءِ پوري قوم متحد ٿئي سکر ايئرپورٽ تي ضلعي اڳواڻن محمد صالح انڍڙ،مولانا عبدالحق مهر،مولانا سعود افضل هاليجوي ۽ ٻين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عالمي سامراجي طاقتون اسلامي ملڪن انڊونيشيا ۽ سوڊان وانگر پاڪستان کي به ورهائڻ چاهين ٿيون ان لاءِ ڪراچي ۾ اهڙو ماهول جوڙيوويو آهي ۽ بيگناهه ماڻهن کي ماريو پيو وڃي هن چيو ته ڪراچي ۾ جدا صوبي لاءِ ڪيل چاڪنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته اهڙن عناصرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.
ڪراچي ۾ نجي ٽي وي سما جي ٽيم تي حملي ۽ گاڏي کي ساڙڻ واري عمل خلاف مظاھرو
29 جولائی ، 2011
ڪراچي ۾ نجي ٽي وي سما جي ٽيم تي حملي ۽ گاڏي کي ساڙڻ واري عمل خلاف مظاھرو
سکر(بيورورپورٽ) ڪراچي ۾ نجي ٽي وي سما جي ٽيم تي حملي ۽ گاڏي کي ساڙڻ واري عمل خلاف سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو انڊس يونين آف جرنلسٽ پاران احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي امداد بوزدار ،محمد زمان باجوا، عمر سومرو،رضوان صديقي،مهتاب انصاري ،رشيد رضا،طاهر وارثي،نصير زيدي ،عرفان شيخ۽ ٻين واقعي جي سخت لفظن ۾ پڻ مذمت ڪندي چيو ته موجوده جمهوري حڪومت باوجود صحافي تشدد ۽ ظالماڻي ڪاروائين کان محفوظ ناهن سنڌ حڪومت کي وقعن جو فوري نوٽيس وٺي صحافين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن.
سکر ۾ رائيس ڪئنال ۾ تڙ ڪندي ٽي ٻارڙا ٻڏي ويا
29 جولائی ، 2011
سکر ۾ رائيس ڪئنال ۾ تڙ ڪندي ٽي ٻارڙا ٻڏي ويا
سکر(بيورو رپورٽ)سکر ۾ رائيس ڪئنال ۾ تڙ ڪندي ٽي ٻارڙا ٻڏي ويا 2 ڄڻا فوت هڪ کي بچايو ويو،گهرن ۾ ڪهرام خبر موجب ڪالهه سکر جي سٽي پوائنٽ ويجهو رائيس ڪئنال ۾ ٽڙ ڪندي جوڳي برادري جا ٽي ٻارڙا ٻڏي ويا جنهن 3 سالن جو علي رضا پٽ ممتاز ۽ 4 سالن جو محبوب پٽ سڌير فوت ٿي ويا جڏهن ته محبوب جي ڀاءُ غلام رسول پٽ سڌير کي ٻڏندي ڏسي ماڻهن بچائي ورتو ٻنهي ٻڏي ويلن جا لاش اڃان تائين ناهن ملي سگهيا جنهن سبب سندن گهرن ۾ ڪهرام متل آهي محبوب جي پيءُ سڌير ميڊيا کي ٻڌايو ته اطلاع باوجود پوليس فوري مدد نه ڪئي.
آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪانٽريڪٽي استادن جو تي احتجاجي مظاهر
29 جولائی ، 2011
آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪانٽريڪٽي استادن جو تي احتجاجي مظاهر
سکر(بيورورپورٽ) سکر ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪانٽريڪٽي استادن سکر ۾ سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي خير محمد،آغا زاهد،سچل راڄپر ۽ ٻين وڏي وزير سيد قائم علي شاه کي اپيل ڪئي ته کين مستقل ڪري بدحالي کان بچايو وڃي.
شهرين کي صاف پاڻي جي عدم فراهمي ۽ صفائي جي ناقص انتظام خلاف انجم ڀٽا روڊ جي واپارين ۽ دوڪاندارن احتجاجي مظاهرو
29 جولائی ، 2011
شهرين کي صاف پاڻي جي عدم فراهمي ۽ صفائي جي ناقص انتظام خلاف انجم ڀٽا روڊ جي واپارين ۽ دوڪاندارن احتجاجي مظاهرو
سکر(بيورورپورٽ) شهرين کي صاف پاڻي جي عدم فراهمي ۽ صفائي جي ناقص انتظام خلاف انجم ڀٽا روڊ جي واپارين ۽ دوڪاندارن احتجاجي مظاهو ڪندي نعري بازي ڪئي مظاهري کي سيد شاهه محمد شاه،ڊاڪٽر سعيد اعواڻ،۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته نساسڪ جي نااهلي سبب شهري سخت متاثر ٿي رهيا آهن پر آفيسر خاموش تماشائي جو ڪردار ادا پيا ڪن هنن سنڌ سرڪار کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي.
بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪولز جي استادن جو احتجاجي مظاھرو جاري
29 جولائی ، 2011
بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪولز جي استادن جو احتجاجي مظاھرو جاري
سکر(بيورورپورٽ) بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪولز جي استادن ٽئين ڏينهن به پگهارن جي عدم ادئيگي خلاف سکر ۾ سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري ۾ مولانا عبيد ڀٽو به شرڪت ڪئي ان موقعي تيي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته کين پگهارون ادا ڪري بي چيني ختم ڪئي وڃي ڇوته 6 9 9 1 کان کين پگهارون ڏنيون پئي ويو پر هاڻي پ پ حڪومت اچڻ باوجود ايم ڊي مسلسل زيادتيون ڪري رهيو آهي اعلي اختياريون ظلم جو نوٽيس وٺن.