سکر

لاڙڪاڻي جي رهواسي طرفان سندس ڀينرن جي اغوا خلاف سکر ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن

لاڙڪاڻي جي رهواسي طرفان سندس ڀينرن جي اغوا خلاف سکر ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن

لاڙڪاڻي جي رهواسي علي دوست سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ پنهنجي وڪيل نصرت ميمڻ معرفت پٽيشن داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته سندس ڀيڻ زينب سوڌو صغرا،روانتي ۽ ٻين عورتن ڳوٺ محبت ديرو۾ شاهد ٽانوري نالي شخص جي زمين تي ڪم ڪنديون هيون ڏيڍ مهينو اڳ شاهد پنهنجي هٿياربند ساٿين جمال،يوسف،۽ مظفر کين اغوا ڪيو ۽ مسلسل زيادتي جو نشانو بڻايو ڪجهه ڏينهن اڳ صغرا موقعو وٺي اتان ڀڄي ٻين عورتن جي اغوا جي اطلاع ڪئي ڳوٺ وارن جي پٽيشن تي عدالت ڊي پي او نوشهرو فيروز،ايس ايڇ او محبت ديرو ۽ ٻين آفيسرن کي عدالت ۾ طلب ڪيو آهي.
پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي ملازمن آپڪا فيملي پلانگ جي اڳواڻن جو احتجاج

پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي ملازمن آپڪا فيملي پلانگ جي اڳواڻن جو احتجاج

پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي ملازمن آپڪا فيملي پلانگ جي صدر پريل دايو جي اڳواڻي ۾ سکر جي سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ملازمن جي ريگيولر ڪرائڻ ۽ سن ڪوٽا تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
آزاد ڪيل جوابدار سڪندر شيخ جي گرفتاري لاءِ پٽڻي جي رهواسڻ مسمات نورجهان شيخ جو احتجاج

آزاد ڪيل جوابدار سڪندر شيخ جي گرفتاري لاءِ پٽڻي جي رهواسڻ مسمات نورجهان شيخ جو احتجاج

سکر پوليس طرفان گرفتاري بعد ايس ايس پي جي حڪم تي آزاد ڪيل جوابدار سڪندر شيخ جي گرفتاري لاءِ پٽڻي جي رهواسڻ مسمات نورجهان شيخ پنهنجي ٻن ٻارن سميت سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي ميڊيا کي دانهيو ته گرفتاري بعد ڇڏيل جوابدار 2 مهينا اڳ سندس گهر ۾ گهڙي ڌاڙو هنيو هو جنهن جي ايف آءِ آر پڻ داخل ڪرائي ان ڪيس ۾ گهربل جوابدار کي ايس ايس پي جي حڪم تي ڇڏيو وي جيڪو سراسر غير قانوني عمل آهي لڳي ٿو ته جوابدار جي بااثر ماڻهو پشت پناهي ڪري رهيا آهن جيڪڏهن جوابدارن خلاف ڪاروائي بجاءِ پوليس آفيسر کين ڇڏي ڏيندا ته ڏوهن جون ڪاروايون ڪيئن ختم ٿينديون هن وزير اعلي سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ ،آرپي او ،۽ ڊي آءِ جي سکر کي اپيل ڪئي ته ڇڏيل جوابدار کي گرفتار ڪري سندس گهر مان ڦر ٿيل 2 لک روپيا روڪ،سونا زيور ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي
اين جي اوز گهرجي ته اهي معاشري ۾ تعميري ڪمن ۾ حڪومتي ادارن کي به شامل ڪن : نرگس اين ڊي خان

اين جي اوز گهرجي ته اهي معاشري ۾ تعميري ڪمن ۾ حڪومتي ادارن کي به شامل ڪن : نرگس اين ڊي خان

اين جي اوز جو ڪردار سماجي ترقي جي لاءِ نهايت لازمي آهي انهن کي گهرجي ته اهي معاشري ۾ تعميري ڪمن ۾ حڪومتي ادارن کي به شامل ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير براءِ سماجي بهبود ميڊم نرگس اين ڊي خان پاڪستان بيت المال جي سويٽ هوم جي دوري جي دوران ڪيو. هن چيو ته سماجي ترقي جي لاءِ اين جي اوز جو ڪردار لازمي آهي ۽ انهن کي گهرجي ته اهي معاشري ۾ تعميري ڪمن ۾ حڪومتي ادارن کي به شامل ڪن ته جيئن سويٽ هوم جهڙن ادارن کي بهتر انداز ۾ بڻايو وڃي. هن ان موقعي تي سويٽ هوم ۾ موجود 4 کان 8 سالن جي 0 4 کان وڌيڪ معصوم ۽ يتيم ٻارن سان گڏ ناشتو ڪيو.
بشير قريشي جي گرفتاري خلاف جسقم جي سڏ تي سکر جي مختلف علائقن ۾ جزوي هڙتال، شهر جا پيٽرول پمپ بند

بشير قريشي جي گرفتاري خلاف جسقم جي سڏ تي سکر جي مختلف علائقن ۾ جزوي هڙتال، شهر جا پيٽرول پمپ بند

جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي گرفتاريءَ خلاف جسقم جي سڏ تي سکر جي مختلف علائقن ۾ جزوي هڙتال، شهر جا پيٽرول پمپ بند، جسقم ضلع سکر پاران احتجاجي مظاهرا، خبر موجب گذريل ڏينهن جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي ڪراچيءَ ۾ رينجرز هٿان گرفتاريءَ خلاف جسقم جي سڏ تي سنڌ جي ٻين علائقن جيان سکر جي مختلف علائقن ۾ جزوي هڙتال ٿي. جنهن ۾ شهر جا پيٽرول پمپ بند رهيا، جسقم ضلعي سکر پاران بشير خان قريشيءَ جي آزاديءَ لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جسقم ضلع سکر جي صدر غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جسقم چيئرمين بشير خان قريشيءَ کي آزاد ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. جڏهن ته سکر جي ڀرپاسي جي شهرن روهڙي، ڪنڌرا، صالح پٽ، سميت ٻين شهرن ۾ به جزوي هڙتال جون اطلاعون مليون آهن. خوف حراس سبب عوام گهٽ روڊن تي نظر آيو.
زرداري جو ٻاھرئين ملڪ مان علاج ڪرائڻ عوام سان وڏي دشمني آهي: ممتاز علي خان ڀٽو

زرداري جو ٻاھرئين ملڪ مان علاج ڪرائڻ عوام سان وڏي دشمني آهي: ممتاز علي خان ڀٽو

سنڌ نيشنل فرنٽ جي چيئرمين نواب ممتاز علي خان ڀٽو هڪ بيان ۾ چيو آهي ته جڏهن ڪروڙ کان وڌيڪ سنڌ جا غريب مسلسل ٻيو سال به ٻوڏ جو شڪار بڻيا آهن. انهن لاءِ دعائون گهرڻ ته ٺيڪ آهي پر زرداري طبي معائني لاءِ برطانيه وڃي پنهنجي ساٿين سميت ڪروڙين روپيا اهڙي طبي معائني تي خرچ ڪري جيڪو ملڪ جي اندر چند هزارن ۾ ٿي سگهي پيو. اها عوام سان وڏي دشمني آهي. هر طرف عوام پنهنجا معصوم ٻچا بک کان بچائڻ لاءِ ٻين جي درن تي ڦٽي ٿو ڪري اچي ته ٻئي طرف وري حڪمران بدستور پنهنجي عياشي ۾ ٻڏل آهن جيڪو ساليانو 0 0 1 کرب روپيا رشوت ۾ غرق ٿو ٿئي ۽ 0 0 5 ارب روپيا بيڪار حڪمرانن تي ٿو خرچ ٿئي ان جو جيڪڏهن اڌ به بچائي ڏتڙيل عوام تي خرچ ڪجي ته انهن جون وڏيون مشڪلاتون ختم ٿي سگهن ٿيون.
سنڌ سوشل ويلفيئر کاتي جي صوبائي وزير نرگس اين ڊي خان بيت المال پاڪستان طرفان يتيم ٻارن لاءِ سکر ۾ کوليل سوئيٽ هوم جو دورو ڪيو

سنڌ سوشل ويلفيئر کاتي جي صوبائي وزير نرگس اين ڊي خان بيت المال پاڪستان طرفان يتيم ٻارن لاءِ سکر ۾ کوليل سوئيٽ هوم جو دورو ڪيو

)سنڌ سوشل ويلفيئر کاتي جي صوبائي وزير نرگس اين ڊي خان بيت المال پاڪستان طرفان يتيم ٻارن لاءِ سکر ۾ کوليل سوئيٽ هوم جو دورو ڪيو. صوبائي وزير انهيءَ موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته اهڙن فلاحي ڪمن کي هميشه جمهوري حڪومتن ۾ هٿي ڏني ويندي آهي. اهڙا گهڻا ادارا عوامي جمهوري حڪومت ۾ ئي ٺاهيا ويندا آهن. عوامي نمائندن کي وري عوام وٽ ئي واپس اچڻو هوندو آهي. اسان جي جمهوري حڪومت جو اهو ئي منشور آهي ته اسان ملڪ جي ٻارن کي سٺا شهري بنايون ته جيئن هو ملڪ ۽ قوم جا معمار بڻجي پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪري سگهن. هي خير جو ڪم آهي ٻار اسان جو سرمايو آهن. هنن يتيم ٻارن جو سهارو اسان آهيون. اسان کي هنن ٻارن جو هر طرح سان خيال رکڻ گهرجي. هنن ٻارن جو شاندار مستقبل سنوارڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسان وٽ هميشه منفي پرو پيگينڊا ڪئي ويندي آهي
سکر ۾ قومپرست ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا ۽ شهر جا ڪيترائي اهم مرڪز بند ڪرائي ڇڏيا هوائي فائرنگ سبب علائقن ۾ سخت خوف حراس پکڙجي ويو

سکر ۾ قومپرست ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا ۽ شهر جا ڪيترائي اهم مرڪز بند ڪرائي ڇڏيا هوائي فائرنگ سبب علائقن ۾ سخت خوف حراس پکڙجي ويو

جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشي جي ساٿين سميت گرفتاري جي خبر پوڻ شرط سڄي سنڌ وانگر سکر ۾ قومپرست ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا ۽ شهر جا ڪيترائي اهم مرڪز بند ڪرائي ڇڏيا هوائي فائرنگ سبب علائقن ۾ سخت خوف حراس پکڙجي ويو جڏهن ته جسقم جي ضلعي صدر غلام مصطفي ڦلپوٽو ۽ مظهر عباسي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هڻي سنڌ حڪومت کي چتاءُ ڏنو ته بشير قريشي کي ساٿين سميت فورن آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت رد عمل ڪيو وينديو هوڏانهن سکر پوليس جسقم جي 9 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ڇڏيو آهي جسقم اڳواڻ غلام نبي گهانگهرو ۽ ٻين قومپرست ڪارڪنن بشير قريشي جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي
سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ شديد ۽ طوفاني برساتن کان علاوه سم نالن جا بند ٽٽڻ سان تباهي ، لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن

سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ شديد ۽ طوفاني برساتن کان علاوه سم نالن جا بند ٽٽڻ سان تباهي ، لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن

سنڌ ۾ شديد برساتون پوڻ ڪري ڪيترائي علائقا ٻوڏ واري صورتحال ۾ آهن. جڏهن ته سکر سميت اندرون سنڌ جا ڪيترائي ضلعا واهه بند ٿيڻ ڪري خشڪ سالي جي ور چڙهيل آهن. ڪمند ۽ ڪپهه جي فصلن کي پاڻي نه ملڻ ڪري آبادگارن کي شديد مالي نقصان جو خدشو، خبر موجب گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ جتي شديد ۽ طوفاني برساتن کان علاوه سم نالن جا بند ٽٽڻ سان تباهي مچي چڪي آهي ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن اتي انهن ضلعن کي وڌيڪ تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سکر بئراج مان نڪرندڙ واهه جنهن مان نارا ڪينال به شامل آهي ان کي بند ڪيو ويو آهي. ڇو ته سکر بيراج مان نڪرندڙ واهه نارا ڪينال ۽ ٻيا واهن جو پاڻي سانگهڙ، ميرپور خاص، نواب شاهه، حيدرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ زراعت کي سيراب ڪندي گذرنديون آهن. مگر صورتحال تبديل ٿيڻ تي انهن واهن کي فوري طور بند ڪيو ويو آهي.
ٻورن ۾ لاش ۽ ڀتا خوري واري سياست جو آغاز ضياءُ الحق جي حمايت سان ايم ڪيو ايم شروع ڪيو: ممتاز خان ڀٽو

ٻورن ۾ لاش ۽ ڀتا خوري واري سياست جو آغاز ضياءُ الحق جي حمايت سان ايم ڪيو ايم شروع ڪيو: ممتاز خان ڀٽو

سنڌ نيشنل فرنٽ جي چيئرمين نواب ممتاز علي خان ڀٽو پنهنجي ڳوٺ ميرپور ڀٽو ۾ ملاقاتين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ ٻورن ۾ لاش ۽ ڀتا خوري واري سياست جو آغاز ضياءُ الحق جي حمايت سان ايم ڪيو ايم 6 8 9 1 ع ۾ شروع ڪيو. ان وقت منهنجو ٺاهيل سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ ۽ جي ايم سيد جي سنڌ نيشنل الائينش قوم پرستيءَ ۾ وڏي جان وڌي جنهن کي روڪڻ لاءِ ضياءُ الحق ايم ڪيو ايم کي وڏي تعداد ۾ رقم ، هٿيار ۽ شهرت ڏئي ميدان ۾ آندو ۽ ايم ڪيو ايم اهي سهولتون ڀرپور استعمال ڪري ڪراچي جي عوام کي قيدي بڻايون ان سان گڏ پنهنجي مرضي جا انتخابي حلقا، ووٽن جون لسٽون، پولنگ اسٽيشنون، تعبيدار اليڪشن جو عملو وغيره استعمال ڪري اسيمبلين ۾ سيٽون هٿ ڪيون
Back to top button