سکر
سکر کان ڪراچي جلسي لاءِ تحريڪ انصاف جو قافلو روانو،جاويد هاشمي جي شموليت تي ڪارڪنن ۾ خوشي جي لهر،جهومرويون،حق ۾ نعريبازي
11 جون ، 2012
سکر کان ڪراچي جلسي لاءِ تحريڪ انصاف جو قافلو روانو،جاويد هاشمي جي شموليت تي ڪارڪنن ۾ خوشي جي لهر،جهومرويون،حق ۾ نعريبازي
تفصيل موجب جاويد هاشمي جي تحريڪ انصاف ۾ شموليت جي اعلان کان پوءِ، سکر ريجنل آفيس ۾ ڪارڪنن توڙي شهري وڏي انگ ۾جمع ٿي ويا،خوشي ۾ جذباتي نعريبازي،جهومريون، ۽ مٺائي ورهائي ويئي، ان موقعي اتر سنڌ سکر ريجن جي آرگنائزر ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ ٻڌايو ته جاويد هاشمي موروثي سياسي جماعت کي مسترد ڪري هڪ اصولي فيصلو ڪيو آهي، ۽ سندس ان عمل تي مبارڪباد ڏيون ٿا، ان موقعي هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جلسي ۾ سنڌ جون اهم شخصيتون پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪنديون۽ جلسوسنڌ جي سياست ۾ انقلاب برپا ڪندو، هن چيو ته سنڌ ڌرتي جا واسي هاڻي انقلاب ۽ تبديلي چاهين ٿا ۽ عمران خان سندس انقلاب جو سپهه سالار آهي، ان موقعي تي سکر شهر جي وڏي اڪثريت جا حامل بنڌاڻي برادري جي سوين ڪارڪنن پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪندي چيو ته موجودو حڪومت توڙي ماضي جي ٻين سياسي جماعتن مايوس ڪيو آهي ان لاءَ هو تحريڪ انصاف جو جهنڊو بلند ڪري سماجي براين خلاف آواز اٿاريندا
25 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ دهشتگردي جا خدشا موجود آهن: آءِ جي سنڌ پوليس
2 جنوری ، 2012
25 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ دهشتگردي جا خدشا موجود آهن: آءِ جي سنڌ پوليس
انسپيڪٽر جنرل آف سنڌ پوليس (آءِ جي سنڌ پوليس) سيد مشتاق شاهه چيو آهي ته 25 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ دهشتگردي جا خدشا موجود آهن ان لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن، سنڌ ۾ پوليس جي ڪارڪردگي مطمئن آهيان، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ايئرپورٽ تي ڳڙهي خدابخش روانگي کان اڳ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته 27 ڊسمبر تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهيد قائد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ انتهائي سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويندا، ان سلسلي ۾ پوليس جا 6 هزار کان وڌيڪ اهلڪارن جون ڊيوٽيون لڳايون وينديون، هن چيو ته سنڌ ۾ پوليس جي موجوده ڪارڪردگي تسلي بخش آهي ان جي بهتري جي ڪري اغوا جي وارداتن تي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ڪيو ويو آهي
ٽوڙي بند وفاقي وزير ٽوڙايو: پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو
2 جنوری ، 2012
ٽوڙي بند وفاقي وزير ٽوڙايو: پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو
پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو سنڌ جي صدر سردار تاج محمد ڊومڪي، فوزيه ارشد، اسلم نارو، اصغر چوهاڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو آهي ته سکر سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير جيڪو اڳ ۾ ميٽر ريڊر هو ان پنهنجي هزارين ايڪڙ زمين خريد ڪئي آهي ۽ ان پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ ٽوڙي بند کي ٽوڙايو جيڪو ڪشمور کان وٺي ڪي ٽي بندر تائين سنڌ جي لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو ماڻهو اڃان تائين ڪيمپن ۾ ويٺل آهن ۽ انهن کي کائڻ پيئڻ جون شيون نه ملي رهيون آهن، اهي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن ۽ کاڌي پيتي جي شين بدران انهن کي لٺيون ۽ گوليون ڏنيون ويون، هنن چيو ته هن ملڪ ۾ نوڪريون صرف ايم اين اي، ايم پي اي جي پٽن ۽ مائٽن کي ملي رهيون آهن، نوجوان نوڪرين لاءِ دربدر آهن
ميمو ڪيس ۾ زرداري غداري ڪئي آهي زرداري آمريڪا جو غلام آهي: غنويٰ ڀٽو
11 جون ، 2012
ميمو ڪيس ۾ زرداري غداري ڪئي آهي زرداري آمريڪا جو غلام آهي: غنويٰ ڀٽو
پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو چيو آهي ته سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي اسين عوامي رابطا مهم لاءِ نڪتا آهيون ۽ عوام کي حق وٺي ڏيڻ لاءِ نڪتا آهيون، هاڻي عوام به ميدان ۾ نڪري رهيو آهي ۽ احتجاج ڪري رهيو آهي ۽ ان جنگ ۾ حصو وٺي رهيو آهي جيڪا جنگ امير ۽ غريب جي آهي، ميمو ڪيس ۾ زرداري غداري ڪئي آهي زرداري آمريڪا جو غلام آهي، ميمو ڪيس ۾ زرداري فوج سان غداري ڪئي آهي، حڪمران پاڻ ۾ وڙهي ڪمزور ٿي چڪا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار ريلوي گرائونڊ سکر ۾ هڪ جلسي عام کي خطاب دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سامراجي ملڪ غريب ملڪن تي قبضو ڪري رهيا آهن ۽ آمريڪا عراق، افغانستان، فلسطين سميت ٻين ملڪن تي حملا ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي غريب عوام تي به حملا ٿي رهيا آهن
آبپاشي کاتي جي ايراضي تي ڪنهن کي به قبضي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي: خالد اطهر محمود
2 جنوری ، 2012
آبپاشي کاتي جي ايراضي تي ڪنهن کي به قبضي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي: خالد اطهر محمود
آبپاشي کاتي جي ايراضي تي ڪنهن کي به قبضي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ڪرپشن ۾ ملوث اسٽاف سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار سيڪريٽري آبپاشي کاتو خالد اطهر محمود پاران سکر، روهڙي سميت ٻين شهرن ۾ آبپاشي کاتي جي زمينن تي قائم غير قانوني تعميرات ۽ بندروال جي تعيمراتي جي سلسلي ۾ ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، ان سان گڏ اڳوڻو سيڪريٽري ۽ ماهرن ادريس راجپوت، نور محمد بلوچ، منصوب زيدي، چيف انجنيئر اعجاز احمد ۽ ٻيا به موجود هئا، ان موقعي تي هن چيو ته آبپاشي کاتي پاران سنڌو درياهه جي ڪناري تي قائم ٿيندڙ تعيمرات خلاف آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي ۽ ان سلسلي ۾ آفيسرن کي سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن
دنيا ۾ اسلامي انقلاب اچڻ کان ڪا به طاقت نٿي روڪي سگهي: ڊاڪٽر خالد محمود سومرو
2 جنوری ، 2012
دنيا ۾ اسلامي انقلاب اچڻ کان ڪا به طاقت نٿي روڪي سگهي: ڊاڪٽر خالد محمود سومرو
جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو چيو آهي ته دنيا ۾ اسلامي انقلاب اچڻ کان ڪا به طاقت نٿي روڪي سگهي، شهداءِ اسلام جون قربانيون رائيگان نه وينديون، اسان کي کپي ته دين جي حفاظت ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ وارن کان سبق حاصل ڪندي ملڪ کي اسلام دشمن عناصرن کان بچايون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ جي يو آءِ يونٽ شمس آباد ۾ منعقد ڪيل شهداءِ اسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي هن ڪيترن ئي بحرانن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، موجوده حڪمران اسلام دشمن عناصرن جي سرپرستي ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري جا طوفان آڻڻ تي تريل آهن
روهڙي ۾ تحريڪ انصاف جو شاندار جلسو، مختلف سياسي جماعتن کان تعلق رکندڙ پارٽي ۾ شامل,ميمو حقيقت آهي، حڪومت کي سندس استعيفي ڏيڻ کپي، ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ
11 جون ، 2012
روهڙي ۾ تحريڪ انصاف جو شاندار جلسو، مختلف سياسي جماعتن کان تعلق رکندڙ پارٽي ۾ شامل,ميمو حقيقت آهي، حڪومت کي سندس استعيفي ڏيڻ کپي، ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ
تفصيل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف سکر ريجن جو روهڙي ۾ شاندار جلسو ٿيو جنهن ۾ڪارڪنن سميت ٻين سياسي ڌرين سان واسطو رکندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي سکر ريجن جي آرگنائزر ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ چيو ته ڪراچي جلسو هر صورت ۾ ٿيندو، سندس هر رڪاوٽ کي ٽوڙي چڏيندا سون، ڪراچي جلسي ۾ سڄي سنڌ مان لکين ماڻهو جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪندا، جلسو،هن وڌيڪ چيو ته ميمو هڪ حقيقت آهي، ان لاء حڪومت کي استعفي ڏيڻ کپي، روهڙي جلسي دوران مختلف جماعتن سان واسطور رکندڙن پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ پي پي پي، مسلم ليگ ن جا اهم اڳواڻ پنهنجي ڪارڪنن سميت شموليت اختيار ڪئي
ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ شهر ۾ گندگي جي ڍيرن ۽ ناقص صفائي جي انتظامن تي نساسڪ جي ايم ڊي خلاف گهنٽه گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو
22 دسمبر ، 2011
ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ شهر ۾ گندگي جي ڍيرن ۽ ناقص صفائي جي انتظامن تي نساسڪ جي ايم ڊي خلاف گهنٽه گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو
سکر شهري اتحاد پاران ضلعي سکر ۾ سوئي گيس جي غير اعلانيه ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ شهر ۾ گندگي جي ڍيرن ۽ ناقص صفائي جي انتظامن تي نساسڪ جي ايم ڊي خلاف گهنٽه گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي شهري اتحاد جي چيئرمين مولانا عبيد الله ڀٽو، مولانا عبدالحق مهر، سيد عمران علي شاه، محمد اعظم مهر، نور الله ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سوئي گيس جي پريشر ۾ گهٽتائي ته هئي پر الٽو غير اعلانيه ڊگهي لوڊشيڊنگ شروع ڪري گهريلو عورتن کي وڌيڪ پريشاني ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي عورتون ڪاٺيون ٻاري کاڌو پچائڻ تي مجبور ٿي ويون آهن، سوئي گيس کاتي جي ڪنهن به قسم جو اثر نه ٿي رهيو آهي
سکر اسمال ٽريڊرز جي تنظيمي چونڊ ٿي گذري
22 دسمبر ، 2011
سکر اسمال ٽريڊرز جي تنظيمي چونڊ ٿي گذري
سکر اسمال ٽريڊرز جي تنظيمي چونڊن جي اليڪشن ڪميشنر شريف ڏاڏا مختلف واپاري تينظيم تي مشتمل واپارين جي قديمي ۽ نمائنده تنظيم سکر اسمال ٽريڊرز جي نئون چونڊيل عهديدارن جو اعلان ڪندي بيان جاري ڪيو ته سڀني عهدن تي ڪاغذات نامزدگي داخل ڪرايا ويا پر حاجي محمد جاويد ميمڻ پينل جي اميدوارن جي مد مقابل نامزد اميدوارن پاران ڪاغذات نامزدگي واپس وٺڻ کانپوءِ تمام عهديدار بنا مقابلي منتخب قرار ڏنا ويا.
حڪمرانن پاران هٿ سان ٽوڙي بند ٽوڙي ڪري لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو: سردار تاج محمد ڊومڪي
11 جون ، 2012
حڪمرانن پاران هٿ سان ٽوڙي بند ٽوڙي ڪري لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو: سردار تاج محمد ڊومڪي
پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو سنڌ جي صدر سردار تاج محمد ڊومڪي چيو آهي ته حڪمرانن پاران هٿ سان ٽوڙي بند ٽوڙي ڪري لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو ويو آهي ماڻهو اڃان تائين ڪيمپن ۾ ويٺل آهن ۽ انهن کي کائڻ پيئڻ جون شيون نه ملي رهيون آهن، اهي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن تازو سنڌ ۾ طوفاني برساتن سبب نالا ابتا وهڻ ڪري هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، جيڪي سردي جي موسم ۾ به روڊن تي پيا آهن، حڪومت پاران اعلان ته وڏا ڪيا ويا آهن مگر انهن مان هڪ تي به عمل نه ٿيو آهي، پاڪستان ڪارڊ جي نالي تي ماڻهن کي گوليون وسايون وڃن پيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن چوهاڻ هائوس سکر ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي ان موقعي تي پ پ شهيد ڀٽو سنڌ جو نائب صدر علي احمد پليپوٽو، جنرل سيڪريٽري عنايت علي عمراڻي، ضلعي صدر اصغر چوهاڻ ۽ ٻيا به موجود هئا،