خيرپور

  • ته سنڌ جي تهذيب پنج هزار سال پُراڻي آهي ۽ موئن جو دڙو اسانجي مهذب تهذيب ۽ تمدن جي نشاندهي ڪريٿو: سيد قائم علي شاهه

    خيرپور :سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي تهذيب پنج هزار سال پُراڻي آهي ۽ موئن جو دڙو اسانجي مهذب تهذيب ۽ تمدن جي نشاندهي ڪريٿو، ان وقت صحيح ٽائون پلاننگ ، ڊرينيج سسٽم ۽ رهڻي ڪهڻي جو طور طريقو انتهائي شاندار هو. هن اهڙو اظهار آچر ڏينهن علامه آءِ آءِ قاضي هال شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ “ ثقافتي ورثي جي حفاظت” جي حوالي سان يونيورسٽي پاران ڪرايل ٻن ڏينهن واري عالمي ورڪشاپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي صوفين امن، ڀائيچاري ۽ مذهبي رواداري جو درس ڏنو. هن چيو ته 18هين آئيني ترميم کانپوءِ وفاقي حڪومت تمام قديمي ماڳ سنڌ حڪومت ۽ ٻين صوبن جي پڻ لاڳاپيل حڪومتن کي منتقل ڪيا ويا آهن جن حفاظت ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. وڏي وزير چيو ته ماڳن کي اصلي حالت ۾ بحالي لاءِ حڪومت پاران ڪوششون ڪيو پيون وڃن. هن چيو ته گذريل حڪومتن پاران قديمي ماڳن ڏانهن خاص توجهه ۽ ڌيان نه ڏنو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي قديمي ماڳن ۽ ورثن جي حفاظتي اقدام جي عدم موجودگي ڪري نقصان پهتو. وڏي وزير چيو ته عالمي ادارن جهڙوڪ يونيسڪو جي تعاون سان اهڙن…

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ جي وڏي وزير وڏي آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج کي سئي گيس ۽ ٽائيل ڊرينيج جي فراهمي جو افتتاح ڪيو

    خيرپور :سنڌ جي وڏي وزير وڏي وزير سيد قائم علي شاهه آچر ڏينهن آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج کي سئي گيس ۽ ٽائيل ڊرينيج جي فراهمي جو افتتاح ڪيو ۽ ڪميونٽي ڪاليج ۾ سائنس، آرٽس ۽ هنري نمائش جو دورو پڻ ڪيو جڏهن ته ڪاليج ۾منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته موجوده حڪومت پاران تعليم جي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون پيون وڃن ۽ تعليم جي بجيٽ ۾ ٽيڻ تي واڌارو ڪيوويوآهي. هن چيو ته گذريل حڪومت پاران تعليم لاءِ عالمي بئنڪ پاران ڏنل 300 ملين روپين کي قابليت جي کوٽ جي ڪري ان جو صحيح استعمال نه ڪيو پر جڏهن ته موجوده حڪومت پاران عالمي بئنڪ پاران تعليم لاءِ ڏنل مالي امداد جو صحيح استعمال ڪندي صوبي اندر استادن جو ميرٽ تي ڀرتي ڪري تعليمي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته هڪ آمر پاران سنڌين جي قابليت تي شڪ ڪيو پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ صدرِ پاڪستان آصف علي خان زرداري جي قيادت ۾ ملڪ ۽ عوام جي خدمت کي هرهنڌ ساراهايو پيو وڃي. وڏي وزير آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج جي تعليمي معيار کي ساراهائيندي چيو ته اهڙا تعليمي…

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button