خيرپور
-
صحتمند انسان معاشري جي بهتر نموني سان خدمت ڪري سگهي ٿو: محمد عباس بلوچ
خيرپور: ايڊمنسٽريٽر ضلعي حڪومت خيرپور ڊي سي او محمد عباس بلوچ چيو آهي ته هر مذهب انسان جي صحت جي بهتري جو سبق ڏئي ٿو جڏهن ته پوليو ۽ ٻين خطرناڪ موذي بيمارين کان بچاءُ جو تدبيرون ۽ دوائون وٺڻ گهرجن ته جيئن انسان صحتمند رهي سگهي. هن اهڙو اظهار اڱاري ڏينهن تعلقي فيض گنج جي پڪا چانگ ۾ قائم رورل هيلٿ سينٽر (آر ايڇ سي) ۾ پوليو مهم جي افتتاحي تقريب ۾ ڪيو. ڊي سي او چيو ته صحتمند انسان معاشري جي بهتر نموني سان خدمت ڪري سگهي ٿو ۽ انساني صحت جي بهتري لاءِ حڪومت مختلف قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ضلعي اندر وڌيڪ چئن اسپتالن جنهن ۾ فيض گنج، ٺري ميرواه، صوڀوديرو ۽ ڪنگري تعلقي جون اسپتالون شامل آهن انهن کي جلد اپ گريڊ ۽ ريهيبليٽيٽ ڪري تعلقي سطح جي اسپتالن جو درجو ڏنو ويندو. ڊي سي او وڌيڪ چيو ته هر مڪتب فڪر جي عالمن، سماجي ۽ سياسي ورڪرن سميت ميڊيا جي نمائندن تي پڻ اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هوُ پنهنجي لاڳاپيل علائقي جي ماڻهن کي موبلائيز ڪن ته جيئن پوليو جي ڦڙن پيارن ۾ صحت جي عملي کي ڪا تڪليف نه ٿئي ۽ علائقي جو نوجوان نسل پوليو جهڙي موذي مرض…
وڌيڪ پڙھو -
29 ڌاڙيل ، 115 روپوش ۽ 21 اشتهاري ملزم گرفتارڪيا ويا آهن: خادم رند
خيرپور : ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) خيرپور خادم حسين رند خيرپور پوليس جي مارچ مهيني2011 جي ڪاڪردگي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته گذريل مهيني ۾ 29 ڌاڙيل ، 115 روپوش ۽ 21 اشتهاري ملزم گرفتارڪيا ويا آهن جڏهن ته گذريل مهيني 03 ڌاڙيل پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا آهن. ڊي پي او پاران گذريل مهيني جي ڪارڪردگي رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ضلعي پوليس ضلعي جي مختلف علائقن مان 06 ڪلاشنڪووز، 13 بندوقون ،25 پسٽل، 02 رائيفلون، 02 ڪيريبين، 35 ڪارتوس، 182 گولين جا رائونڊ ۽ 03 کنجر هٿ ڪيا آهن. جڏهن ته ضلعي پوليس مختلف ڪاروايون ڪندي هڪ ڪلو 795 گرام چرس، 20 ڪلو 370 گرام ڀنگ ۽ 6 ڪلو ڏوڏي هٿ ڪئي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
ضلعي ايڊمنسٽريٽر هڪ گهر تي نمبر لڳائي گهر شماري جو افتتاح ڪيو
خيرپور: ايڊمنسٽريٽر ضلعي حڪومت خيرپور ڊي سي او محمد عباس بلوچ اڱاري ڏينهن نيشنل بئنڪ خيرپور ڀرسان هڪ گهر تي نمبر لڳائي گهر شماري جو افتتاح ڪيو جڏهن ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڊي سي او چيو ته گھر شماري ڪرائڻ لاءِ ضلعي حڪومت مختلف تعلقن تي ٽيمون جوڙيون آهن جيڪي علائقي جي هر هڪ ڳوٺ ۾ وڃي گهر شماري ڪنديون. جڏهن ته ضلعي جي حساس علائقن جي گهر شماري پوليس کاتي جي تعاون سان ڪئي ويندي ته جيئن ضلعي جو هر هڪ گهر گهر شماري ۾ شامل ڪري سگهجي. ان موقعي تي پاپوليشن سينس آرگنائيزيشن اسٽيٽسٽڪ ڊويزن جي عملدار ۽ ضلعي سينس انچارج خيرپور عبدالعزيز وساڻ ٻڌايو ته خيرپور ضلعي کي 1576 بلاڪز، 156 سرڪلس ۽ 35 چارچجز ۾ ورهايو ويو آهي ته جيئن گهر شماري جو ڪم موثر ۽ جلدي ٿي سگهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ گهر شماري جي مهم جو آغاز ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻي مرحلي ۾ آدمشماري جي مهم جو آغاز ڪيو ويندو. ان موقعي تي گهر شماري واري مهم ۾ ڊي سي او محمد عباس بلوچ سان گڏ پيپلز پارٽي خيرپور سٽي جو صدر محمد صالح انصاري، لعل بخش منگي، اي ڊي او روينيو راجه شاهه زمان کهڙو، ڊي او…
وڌيڪ پڙھو -
ڊي سي او ليڊي ولنگڊن اسپتال خيرپور جو دورو ڪيو
خيرپور : ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ اربع ڏينهن ليڊي ولنگڊن اسپتال خيرپور جو دورو ڪيو جتي هُن ڊاڪٽرن سان هڪ گڏجاڻي پڻ ڪئي. گڏجاڻي ۾ ڊي سي او ٻڌايو ته تازي ڄاول ٻار جي انتهائي نڳهداشت (نيو نيٽل آءِ سي يو) وارڊ کي وڌيڪ موثر بنائڻ لاءِ ضلعي حڪومت، ريڊ ڪريسينٽ سوسائيٽي خيرپور ۽ صحت کاتي پاران جلد هڪ گڏيل ايم او يو صحيح ڪيو ويندو ته جيئن نون ڄاول ٻارن جي صحت جي سڌاري لاءِ عملي قدم کڻي سگهجن. ڊ سي او وڌيڪ ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ چار ڊاڪٽر جن ۾ هڪ ٻارن جي بيمارين جو ماهر ۽ 4 اسٽاف نرسون پڻ مقرر ڪيون ويون آهن. جڏهن ڊي سي او اسپتالن کي دوائن جي فراهمي ۽ سٽي اسپتال ۾ قائم پي سي آر مشين کي هلائڻ لاءِ جنريٽر ۽ ان جي لاءِ فيول ڏيڻ جو پڻ يقين ڏياريو. ان موقعي تي اي ڊي او روينيو راجا شاهه زمان کهڙو، اي ڊي او هليٿ ڊاڪٽر سيد لياقت علي شاهه، سول سرجن اعجاز گاجاڻي ، ريڊ ڪريسينٽ جي سيڪريٽري ڊاڪٽر مراد خميساڻي ۽ ٻيا ڊاڪٽر پڻ موجود هئا.
وڌيڪ پڙھو -
پوليو کان بچاءُ جي ٽن ڏينهن واري ضمني مهم 6 اپريل کان شروع ٿيندي: بلوچ
خيرپور : پوليو کان بچاءُ جي ٽن ڏينهن واري ضمني مهم 6 اپريل کان شروع ٿيندي جڏهن ته مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ضلعي پوليو ڪاميٽيءِ جو هڪ اجلاس ڊي سي او آفيس ۾ ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او محمد عباس بلوچ جي صدارت هيٺ ٿيو. ان موقعي تي ڊي سي او تمام لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هُو پنهجو اخلاقي فرض سمجھندي هن مهم کي ڪاميا ب بڻائڻ لاءِ صحت کاتي جي ٽيمن سان سهڪار ڪن. هن وڌيڪ چيو ته فرض ۾ غفلت ڪندڙ ۽ ڪوتاهي ڪندڙ عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ اي ڊي او صحت ڊاڪٽر سيد لياقت علي شاهه ٻڌايو ته خيرپور جي 8 تعلقن جي 3 لک 60 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا ۽ 5 اپريل تي فيض گنج ۾ پوليو جي مهم جو باقاعده افتتاح ڪيو ويندو. اجلاس ۾ روينيو، تعليم ۽ صحت کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
ته اڄوڪي هن ڪمپيوٽر جي دور ۾ هر انجنيئر کي مشينري کانسواءِ وقت جي حساب سان ايندڙ نون نون سافٽ ويئرز متعلق به پاڻ کي آگاهه رکڻ گهرجي: ڊاڪٽر مجيب صحرائي
خيرپور: مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران 5 ڏينهن جي ڪرايل آٽو ڪيڊ (ڪمپيوٽر ايڊيڊ ڊزائن) جي تربيتي ورڪشاپ جو افتتاح ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي پاران ڪيو ويو. ورڪشاپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته اڄوڪي هن ڪمپيوٽر جي دور ۾ هر انجنيئر کي مشينري کانسواءِ وقت جي حساب سان ايندڙ نون نون سافٽ ويئرز متعلق به پاڻ کي آگاهه رکڻ گهرجي، ان ضرورت کي محسوس ڪندي اسان هتي هي ورڪشاپ ڪرائي رهيا آهيون. هن چيو ته، مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج هن تمام ٿوري عرصي ۾ پروفيشنل ڊولپمينٽ ڪورسز جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ڪاليج جي انتظامي ۽ تدريسي شعبي جي سربراهن جي محنتن جو نتيجو آهي. مهراڻ انجنيئرنگ يوينورسٽي ڪاليج پاران خيرپور ۾ ڪرايل هن ورڪشاپ ۾ حصو وٺندڙ انجنيئرز کي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو جو تصديق ٿيل سرٽيفڪٽ ڏنو ويندو. ڊاڪٽر مجيب صحرائي وڌيڪ چيو ته، اسان جي ملڪ ۾ اڪثريت اهڙن انجنيئرز جي آهي، جيڪي هن قسم جي پيشيوارانه ڪورسز مان فائدو نٿا وٺن ۽ هن جديد دور ۾ به پراڻي طريقي سان ڊرائنگ يا ڊرافٽنگ جو ڪم ڪن ٿا، جڏهن ته دنيا۾ هاڻي اهو ڪم مختلف سافٽ ويئرز ذريعي ڪيو ٿو وڃي. پرنسپال ڊاڪٽر مجيب صحرائي…
وڌيڪ پڙھو -
غلام اصغر ميمڻ تعلقي گمبٽ جي مختلف اسڪولز جو دورو ڪيو
گمبٽ: ايگزيڪيٽوِ ڊسٽرڪٽ آفيسر ايجوڪيشن غلام اصغر ميمڻ تعلقي گمبٽ جي مختلف اسڪولز جو دورو ڪيو ان موقعي تي برانچ مڊل اسڪول ڪمالديرو ۾ استادن جي غير حاضري جو نوٽيس وٺندي اسڪول جي هيڊ ماستر کي شوڪاز ۽ ٽن غير حاضر رهندڙ استادن کي معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. بعد ۾ اِي ڊي او ايجوڪيشن خيرپور پاران ڳوٺ قائم الدين ڪلهوڙي جي فوت ٿيل شاگردياڻي شهنيلا جي وارثن سان مليو اُتي کيس معلوم ٿيو ته مذڪورن معصوم شاگردياڻي بسم الله پبلڪ اسڪول لُنڊي شيخ ۾ قائم سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۾ پڙهندڙ هئي جڏهن ته شاگردياڻي جي گهر ڀرسان اڌ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي قائم سرڪاري پرائمري اسڪول مبارڪ ڪلهوڙو ۽ گُهرام ڪلهوڙو واقع آهن جيڪي سٺي نموني سان هلي رهيا آهن انهن ٻنهي اسڪولن ۾ مذڪوره شاگردياڻي داخل نه هئي جڏهن ته شاگردياڻي جي وارثن کيس هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو هيو ۽ معصوم شاگردياڻي انهي اسڪول ڏانهن ويندي رولو ڪتن جي حملي ۾ فوت ٿي هئي.
وڌيڪ پڙھو -
موجوده حڪومت معياري تعليم جي فراهمي لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي:ڊاڪٽر نفيسه شاهه جيلاني
خيرپور: قومي ڪميشن براءِ انساني ترقي (اين سي ايڇ ڊي) جي چيئرپرسن ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه جيلاني چيو ته آهي ته موجوده حڪومت معياري تعليم جي فراهمي لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته خيرپور واسين اعلى تعليم لاءِ کين مالي مدد ڪئي پئي وڃي ته جيئن تعليم حاصل ڪري ملڪ، صوبي ۽ پنهنجي خيرپور ضلعي جي خدمت ڪري سگهن
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور ۾ ريڊيو پاڪستان جي نشريات بند ۽ ملازمن جي امڪاني بدلين خلاف احتجاجي بينر لڳايا ويا
خيرپور (نيوز ڊيسڪ) متحده مزدور فيڊريشن طرفان ريڊيو پاڪستان خيرپور جي نشريات بند ڪرڻ ۽ ننڊن ملازمن جي مختلف شھرن جي ريڊيو اسٽيشنن ڏانهن امڪاني بدلين خلاف فيڊريشن جي ٿيل احتجاجي تحريڪ جي پھرين مرحلي ۾ شھر جي مختلف چوراھن جن ۾ پنج گلا، خيرپور لقمان ۽ پنج ھٽي تي احتجاجي بينر لڳايا ويا ان کان علاوه متحده مزدورفيڊريشن جي عھديدارن ۽ ڪارڪنن محمد علي ڦلپوٽي، فيروز علي ڦلپوٽي، الھه بچايي خاصخيلي، سيد احمد علي شاھ، زوار رحيم بخش خاصخيلي، زوار محب علي مير جت، رضا محمد دراني، مسڪين ڦلپوٽي، محمد عظيم ڦلپوٽي، قادر بخش پيرزادي، طالب سومري، رحمت بلوچ ۽ ٻين پنج گلا چوڪ شاھي بازار ۾ سوين پمفليٽ ورھايا.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور ۾ ڊينگي وائرس ۾ ورتل 2 ڄڻا فوت
خيرپور (نيوز ڊيسڪ) خيرپور ضلعي ۾ ڊينگي وائرس جهڙي موذي مرض تي ضابطو اچي نه سگهيو. هڪ عورت سميت وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور ڀرسان ڳوٺ ڌڻي بخش ڦلپوٽي ۾ سونارو جاگيراڻي ڊينگي وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو هيو، جنهن کي نواب شاهه جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو، جڏهن ته خيرپور ڀرسان ڳوٺ رکيل ڪٽوھر ۾ مسمات شاھل ڪٽوھر ڊينگي وائرس ۾ مبتلا ٿي فوت ٿي وئي اھڙين شڪايتن باوجود خيرپور جي صحت کاتي جا عملدار خاموش تماشو بڻيل آھن ۽ ڪوبه اپاءَ نه پيو ورتو وڃي.
وڌيڪ پڙھو