خيرپور
-
فيض گنج تعلقي ۾ پوليو جي بچاءُ جي ڦُڙن جي پيارڻ جا انڪاري ڪيس وڌيڪ آهن: ڊي سي او خيرپور
خيرپور: ضلعي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي او محمد عباس بلوچ جمعي ڏينهن درٻار هال ۾ نائين مئي کان يارهين مئي تائين شروع ٿيندڙ پوليو جي بچاءُ جي ڦڙن واري مهم جي حوالي سان هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ڊي س او ٻڌايو ته دنيا ۾ پوليو جهڙو موذي مرض جي خاتمي لاءِ مختلف اُپاءُ ورتا ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
ميڊيا وارن کي اڻ تصديق ٿيل خبرون شايع نه ڪرڻ کپن: اي ڊو او هيلٿ
خيرپور: ليڊي ولنگٽن اسپتال جي سلسلي ۾ مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل خبر جو نوٽيس وٺندي اي ڊو او هيلٿ سيد لياقت علي شاه پاران PMA هائوس سٽي اسپتال خيرپور ۾ اهڙي خبر جي جاچ جي سلسلي ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويوهو ته ڊاڪٽرياڻي جي غير موجودگي سبب هڪ مريضه فوت ٿي وئي. اي ڊي او هيلٿ پاران انهي خبر بابت پنهنجو موقف ڄاڻائيندي سخت احتجاج ڪيو ته ساڳي خبر بنا ڪنهن تصديق جي شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ اسپتال انتظاميه جوڪو به موقف ڪو نه ڄاڻايل آهي. جڏهن ته حقيقت اها هئي ته متعلقه ڊاڪٽرياڻيون پنهنجي ڊيوٽي تي موجود هيون ۽ مريضه ڳڻتي جوڳي حالت ۾ داخل ٿيل هئي، جنهن کي علاج مهيا ڪيو ويو ۽ سندن جان بچائڻ لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آندا ويا جڏهن ته بدقسمتي سان مريضه جانبر نه ٿي سگهي. اي ڊي او هيلٿ ميڊيا جي نمائندن سان سخت احتجاج ڪندي چيو ته ميڊيا وارن کي اهڙي قسم جون اڻ تصديق ٿيل خبرون شايع نه ڪرڻ کپن ۽ گھٽ ۾ گھٽ لاڳاپيل انتظاميه جو موقف ضرور ڄاڻڻ گھرجي. جنهن ۾ ڊاڪٽرن، PMA اسٽاف ۽ ميڊيا جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
ڊي سي او پاڪ -ترڪ اسڪول خيرپور ۾ پاڪ-ترڪ اسڪول ۽ ڪاليج جي چيئرمين سان هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي
خيرپو : ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او محمد عباس بلوچ پاران ڇنڇر ڏينهن پاڪ -ترڪ اسڪول خيرپور ۾ پاڪ-ترڪ اسڪول ۽ ڪاليج جي چيئرمين سان هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي. گڏجاڻي ۾ شاگردن کي معياري تعليم مهيا ڪرڻ جي سلسلي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گڏجاڻي دوران ڊي سي او پاران اسڪول جي مرمت ۽ مالي سهائتا لاءِ ضلعي حڪومت پاران ڀرپور تعاون جو يقين پڻ ڏياريو ويو. جڏهن ته گڏجاڻي ۾ اسڪول جي پرنسيپل محمد عثمان، اي ڊي او فنانس احمد علي قريشي، ڊي آءِ او صاحب خان ڀنڊ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
صدر جي ڀٽيون ۾ 215 مريضن جي ڪاري ڪامڻ جي چڪاس جا نمونا ورتا ويا ڊاڪٽرن پاران سوين مريضن کي ڪاري ڪامڻ هجڻ جو انديشو ظاهر.
خيرپور : ڀٽائي سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن خيرپور طرفان صحت کاتي خيرپور جي مختلف شعبن اِي.پي.آءِ، مليريا، سول اسپتال خيرپور، تعلقه اسپتال ڪنگري ۽ فيملي پلاننگ کاتي جي گڏيل سهڪار سان ايم.سي.ايڇ سينٽر صدر جي ڀٽيون ۾ هڪ روزه مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي. ڪيمپ ۾ ٻارن جي بيمارين، چمڙي جي بيمارين، دماغ جي بيمارين ۽ عورتن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين مريضن جو مفت طبي معائنو ڪري دوائون پڻ ڏنيون. هن موقعي تي ليڊي ڊاڪٽر الٽرا سائونڊ ذريعي 47 عورتن جي مفت چڪاس ڪري مشوار ڏنا ۽ علاج ڪيو. جڏهن ته 47 مريضن جي مليريا جي چڪاس ۽215 مريضن جي ڪاري ڪامڻ جي چڪاس پڻ ڪئي. ڪيمپ ۾ مجموعي طور تي 504 مريضن جو معائنو ۽ علاج ڪيو ويو جنهن ۾ 333 عورتون ۽ ٻار جڏهن ته 171 مرد شامل آهن. ڪيمپ جو افتتاح ڊاڪٽر ذوالفقار کيمٽيو تعقله هيلٿ آفيسر ڪنگري ڪيو. جڏهن ته ڪيمپ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽرن جي ٽيم ۾ ڊاڪٽر عبدالخالق سولنگي، ڊاڪٽر در محمد ميمڻ، ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ لاکو، ڊاڪٽر عزيزالرحمان سومرو، ليڊي ڊاڪٽر رخسانه لاکو، ليڊي ڊاڪٽر حسنه بانو خلجي ۽ ليڊي ڊاڪٽر عضريٰ بانو شامل هيا. آخر ۾ تنظيم جي چيئرمين خادم حسين ميراڻي سڀني ڊاڪٽرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته…
وڌيڪ پڙھو -
جلد ڳوٺ قائم الدين ڪلهوڙو ۾ معصوم نينگري شهنيلا عباسي جي نالي اسڪول قائم ڪيو ويندو: نعيم احمد کرل
خيرپور : پيپلز پارٽي جي ايم پي اي نعيم احمد کرل خيرپور ۾ پنهنجي راهائشگاهه تي ڪجهه مهينا اڳ گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ قائم الدين ڪلهوڙو ۾ اسڪول ويندي رُولو ڪُتن پاران مارجي ويل معصوم نينگري شهنيلا عباسي جي والد ميهر علي عباسي کي سنڌ جي وڏي وزيرسيد قائم علي شاهه پاران اعلانيل ضلعي حڪومت پاران ٻه لک روپين جو چيڪ ڏنو. ان موقعي تي ايم پي اي نعيم احمد کرل ڳالهائيندي چيوته سندس تڪ جي ماڻهن سان همدرديون آهن جڏهن ته جلد ڳوٺ قائم الدين ڪلهوڙو ۾ معصوم نينگري شهنيلا عباسي جي نالي اسڪول قائم ڪيو ويندو. هن چيوته موجوده حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ جڏهن ته ضلعي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن . هن وڌيڪ چيو ته جلد گمبٽ ۾ پڻ وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا.
وڌيڪ پڙھو -
18 اپريل کان 30 اپريل تائين ضلعي جي مختلف تعلقن جي يونين ڪائونسلن ۾ نادرا موبائيل رجسٽريشن وينون قومي شناختي ڪارڊ جي سهولت ڏيڻ لاءِ گشت ڪنديون.
خيرپور : نادرا ريجنل هيڊڪوارٽر سکر جي مئنيجر محمد حامد علي خيرپور ضلعي اندر عوام کي سندن يونين ڪائونسل سطح تي قومي شناختي ڪارڊ جي سهولت جي حوالي سان نادرا موبائيل رجسٽريشن وين جو شيڊيول ڄاڻائيندي ٻُڌايو آهي ته 18 اپريل کان 30 اپريل تائين ضلعي جي مختلف تعلقن جي يونين ڪائونسلن ۾ نادرا موبائيل رجسٽريشن وينون قومي شناختي ڪارڊ جي سهولت ڏيڻ لاءِ گشت ڪنديون. جنهن ۾ تعلقي صوڀوديرو ۾ موبائيل وين نمبر 20 ، نارا تعلقي ۾ موبائيل وين نمبر 21 ، تعلقي ڪنگري ۾ ايس ايم آر يو 10 جڏهن ته فيض گنج تعلقي ۾ ايس ايم آر يو 24 موبائيل وينون ڄاڻايل ضلعن اندر اپريل 30 تائين علائقي واسين کي قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واسطي گشت ڪنديون. ان سلسلي ۾ علائقي واسين کي ڄاڻايل سهولت مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ نادرا عملي سان رابطي ۾ رهڻ جي گذارش ڪئي وئي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ صوبي جي زراعت جو شعبو تمام اهميت جو حامل آهي: محمد عباس بلوچ
خيرپور: ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ ضلعي آبادگارن جي سهولت واري بورڊ جي ميمبرن ۽ خوراڪ کاتي جي عملدارن سان سومر ڏينهن شام جو درٻار هال ۾ هڪ گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته سنڌ صوبي جي زراعت جو شعبو تمام اهميت جو حامل آهي ۽ ملڪ جي معيشيت ۾ زراعت جو اهم ڪردار آهي جڏهن ته قومي معيشت ۾ آبادگارن جي اهميت کي اُجاگر ۽ سندن فصلن جي مجموعي اپت ۾ اضافي ۽ بهتري لاءِ ضلعي حڪومت پاران هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڊي سي او روينيو، خوراڪ ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته ضلعي جي آبادگارن کي بهتر کان بهتر اپت جي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪن. جڏهن ته ڊي سي او خوراڪ کاتي جي عملدارن کي ضلعي جي آبادگارن ۾ ڪڻڪ جي بارداڻي جي شفاف ورهاست جي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ خاص هدايت ڪئي.جڏهن ته گڏجاڻي ۾ خوراڪ کاتي سکر جو ڊپٽي ڊائريڪٽر زاهد حسين مميڻ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته فوڊ ڊپارٽمينٽ پاران خيرپور ضلعي ۾ ڪڻڪ جي بارداڻي جي 15 لک ٻورين جي ٽارگيٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضلعي اندر مختلف علائقن ۾ 45 فوڊ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن جڏهن موجود 8 لک ٻورين…
وڌيڪ پڙھو -
سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ سرڪار جي اولين ترجيح آهي: غلام اصغر ميمڻ
خيرپور: سومر ڏينهن ڊي سي او درٻار هال ۾ ضلعي اندر سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا کي وڌائڻ ۽ تعليمي معيار جي بهتري لاءِ ضلعي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ڊي سي او ٻڌايو ته سرڪاري اسڪولن جي تعليمي معيار کي بهتر بڻائي خانگي اسڪولن جي برابر ڪيو ويندو ۽ جڏهن ته ڪيترن ئي پرائمري ۽ مڊل اسڪولن جو درجو وڌايو ويندو ۽ ان سان گڏوگڏ هر تعلقي ۾ هڪ ماڊل اسڪول قائم ڪيو ويندو جنهن ۾ شاگردن جي رهڻ جي سهولت لاءِ هاسٽل ۽ ٽرانسپورٽ جون پڻ سهولتون مهيا ڪيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ سرڪار جي اولين ترجيح آهي ۽ حڪومت تعليم جي شعبي کي بهتر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ اي ڊي او ايجوڪيشن غلام اصغر ميمڻ ٻڌايو ته سرڪاري اسڪولن جي داخلا کي وڌائڻ لاءِ هر تعلقي ۾ تعليم سيمينار منعقد ڪرايا ويندا جڏهن ته علائقن واسين کي سرڪاري اسڪولن جي تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ تعليم کاتي سان تعاون ڪرڻ لاءِ پڻ سجاڳي پيدا ڪئي ويندي. گڏجاڻي ۾ اي ڊي او روينيو راجا شاهزمان کهڙو، ڊي او روينيو طارق…
وڌيڪ پڙھو -
اخبارن ۾ بلڊنگ جي خطرناڪ صورتحال جو ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪو سرار غلط آهي: صاحب خان ڀنڊ
خيرپور: مختلف اخبارن ۾ ضلعي اطلاعات آفيس خيرپور جي بلڊنگ جي حوالي سان ڇپيل خبرن جي درستگي ڪندي ضلعي اطلاعات آفيسر صاحب خان ڀنڊ ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس خيرپور جي بلڊنگ نه صرف پراڻي پر قديمي ۽ تاريخي ورثو پڻ آهي جيڪا ڪنهن وقت سنڌ اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ جي آفيس پڻ رهي آهي جنهن ۾کاتي جا ڪيترائي ڊائريڪٽر ڊيوٽي سرانجام ڏئي چُڪا آهن. جڏهن ته سکر کي ڊويزن جي درجي ملڻ کانپوءِ خيرپور جي اطلاعات آفيس ۾ ضلعي عملدار پنهنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا پيا اچن. جڏهن ته بلڊنگ جي موجوده حالت مرمت جوڳي آهي پر اخبارن ۾ بلڊنگ جي خطرناڪ صورتحال جو ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪو سرار غلط آهي پربلڊنگ کي مرمت جي ضرورت ضرور آهي. جڏهن ته ڪجهه اخبارن ۾ ڇپيل تصويرن ۾ گهرو کاتي جي اسسٽنٽ ڊائريڪيٽر ريڪليميشن اينڊ پروبيشن جي آفيس بلڊنگ جي ڀت جو ڪريل حصو ڏيکاريو ويو آهي جيڪو ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس جو حصو نه آهي. جڏهن ته ضلعي اطلاعات آفيس جو عملو محدود سهولتن جي باوجود سنڌ حڪومت توڙي ضلعي حڪومت جي مختلف سرگرمين کي ميڊيا ذريعي عوام تائين پهچائڻ ۽ کين آگاهي ڏيڻ ۾ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ضلعي اطلاعات آفيس خيرپور مان حڪومت جي مختلف سرگرمين…
وڌيڪ پڙھو -
هن سال ڪڻڪ جي خريداري جو هدف پندرھ لک ٻوريون آهن: محمد عباس بلوچ
خيرپور: جمعي ڏينهن ڊي سي او آفيس ۾ ڊي سي او محمد عباس بلوچ جي صدارت ۾ ڪڻڪ جي خريداري جي حوالي سان هڪ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ڊي سي او ٻڌايو ته هن سال ڪڻڪ جي خريداري جو هدف پندرھ لک ٻوريون آهن. ڊي سي او وڌيڪ ٻڌايو ته روينيو ۽ خوراڪ کاتي جو ڪڻڪ جي خريداري ۽ بارداني جي ورهاست ۾ اهم رول هوندو آهي جڏهن ته ان سلسلي ۾ لاڳاپيل تعلقن جي ڊي ڊي اوز روينيو ۽ تعلقي مختيارڪارن کي خوراڪ کاتي جي عملدارن سهڪار ڪرڻ ۽ زميندارن ۾ بارداني جي شفاف نموني ورهاست جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي ڊي سي او خوراڪ کاتي جي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر (ڊي ايف سي) سرفراز اياز ڪمانگر کي فوڊ انسپيڪٽرن سان گڏجاڻي ۽ کين بارداني جي شفاف نموني ورهاست جي پڻ هدايتون جاري ڪيون. گڏجاڻي ۾ ڊي ايف سي ٻڌايو ته هن سال ضلعي اندر 45 فوڊ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن ۽ جڏهن ته بارداني جي ورهاست ۽ زميندارن پاران ٻين شڪايتن جي حوالي سان هر هڪ سينٽر تي فوڊ انسپيڪٽرن جي موجودگي ۾ کليل ڪچهريون پڻ منعقد ڪرايون ويندو ته جيئن زميندارن کي وڌ ۾ وڌ سهولتون مهيا ٿي سگهن. ان موقعي ته…
وڌيڪ پڙھو