خيرپور
-
ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي فنڊن مان ميرواهه ڪئنال جي ريماڊلنگ ڪري کاٽي ڪرائڻ جو پلان جوڙيوپيو وڃي: پير سيد فضل شاهه
ضلعي اندر مختلف علائقن ۾ پاڻي جي کوٺ جي سلسلي ۾ ڊي سي او آفيس ۾ ضلعي ايڊ منسٽريٽر ۽ ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ايم اين اي پير سيد فضل علي شاهه، ساجد ٻانڀڻ،آبپاشي کاتي جي ايس اِي ولي محمد نائچ ۽ ضلعي جي مختلف تعلقن جي آبادگارن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ فيض گنج، ٺري ميرواهه، صوڀوديرو ۽ گمبٽ تعلقي جي آبادگارن پاڻي جي کوٺ سان گڏوگڏ واهن ۽ شاخن جي کاٽي نه ڪرائڻ جي حوالي سان آبپاشي کاتي جي شڪايتون ڪيون. جڏهن ته ڊي سي او آبپاشي کاتي جي ايس اي کي لاڳاپيل تعلقن جي آبادگارن جي واهن ۽ شاخن جي پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ ۽ واهن ۽ شاخن جي کاٽي ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي ايم اين اي پير سيد فضل شاهه گڏجاڻي کي آگاهي ڏني ته ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي فنڊن مان ميرواهه ڪئنال جي ريماڊلنگ ڪري کاٽي ڪرائڻ جو پلان جوڙيوپيو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
موجوده جمهوري دور ۾ معذورن جي سماجي ۽ معاشي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪيون پيون وڃن: ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه
پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه چيو آهي ته موجوده جمهوري دور ۾ معذورن جي سماجي ۽ معاشي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪيون پيون وڃن جڏهن ته صوبي توڙي ضلعي حڪومتن ۽ خاص طور تي خيرپور ضلعي اندر مختلف شعبن ۾ ڀرتي ۾ معذورن جي ٻه سيڪڙو ڪوٽا کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن اهڙو اظهار ڊي سي او آفيس ۾ معذور تنظيمن جي مختلف اڳواڻن رياض منگي، جاويد رئيس ۽ ٻين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته خيرپور ضلعو صوبي جو واحد ضلعو آهي جتي معذورن کي شهيد بينظيرڀٽو روزگار اسڪيم تحت کين لکين روپيا قرض ڏئي معذورن کي روزگار سان لڳايو ويو آهي. جڏهن ته کين هزارن جي تعداد ۾ ويل چيئرز ڏئي سندن زندگي ۾ بهتري آندي آهي. ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه چيو ته خيرپور اندر کين معذور تنظيمن کي سندن لاءِ آفيس، تعليم پرائيندڙ معذورن کي اسڪالرشپس ۽ سندن ٻه سيڪڙو ڪوٽا ۽ قابليت مطابق مختلف شعبن ۾ نوڪريون ڏنيون وينديون.
وڌيڪ پڙھو -
او پيرجوڳوٺ پوليس جي ريڊ ڪمشنر ڪمشنر جج کي دڙڪا دھمان ،ھٿيارن جي زورن تي جوابدار کي کسي ڇڏيو
ايس پي او پيرجوڳوٺ پوليس عبدالقادر چانڊيو جي هائوس تي عدالتي ڇاپو باندي بڻيل ٽن مهينن کان ايل ايل بي جو شاگرد نظير ڪلهوڙو ڇاپي ۾ هٿ پوليس فريادي عبدالحفيظ عباسي کي ڪٽڪو ڏئي ريڊ ڪمشنر جج کي دڙڪا دهمان هٿيار تاڻي جوابدار کسي پوليس موبائيل ۾ وجهي کڻي هليو ويو ريڊ ڪمشنر جي فون تي سيشن جج کي دانهن سيشن جج ڊي آءِ جي ۽ آر پي او پوليس سان رابطو ايس پي او کي سسپينڊ ڪرڻ جو حڪم ايس پي او ۽ سندس عملي کي سومر جي ڏينهن 27 تاريخ تي خيرپور جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم خبر موجب ڇنڇر جي ڏينهن عبدالحفيظ عباسي خيرپور جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي ته ايس پي او پير جو ڳوٺ عبدالقادر چانڊيو سندس چاچي ايل ايل بي جي شاگرد نظير ڪلهوڙي کي ٽن مهينن کان بيگناهه گرفتار ڪري تشدد ڪرڻ سان گڏ کيس پنهنجي هائوس جي بورچي خاني ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
ٽنڊومستي ۾ ساهرن پنهنجي نياڻي کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
ساهرن پنهنجي نياڻي کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو احتجاجي مظاهرو، خبرموجب خميس جي ڏينهن ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ لالومنگي ۾ زليخان منگي پنهنجي ماء حياتان منگي ۽ ٻين جوابدارن انور منگي، ڪشمير منگي، شهمير منگي ۽ درمحمد ٻرڙو جي مدد سان پنهنجي مڙس سينگار پٽ علي بخش منگي کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو بعد ۾ فوتي نوجوان کي ٽنڊومستي پوليس کڻائي سول اسپتال خيرپور مان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو فوتي نوجوان سينگار منگي جي وارثن سول اسپتال ٻاهران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهري جي اڳواڻي عبدالرزاق منگي، زوار حسين منگي، محمد سليم منگي، عبدالرشيد منگي ڪري رهيا هئا هنن چيوته سينگار منگي کي گذريل ڏينهن سندس گهرواري زليخان پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهر وٺي وئي جتي کيس زهر ڏئي ماري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
اين سي ايڇ ڊي جي ملازمن جي حڪومت خلاف تحريڪ ھلائڻ جي ڌمڪي
اين سي ايڇ ڊي جي سوين ملازمن آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو خبر موجب خميس جي ڏينهن اي سي ايڇ ڊي جي سوين ملازمن آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهري جي اڳواڻي عبدالحميد راڄپر ، گلبهار ڪٽوهر ۽ امبرين انصاري ڪري رهيا هيا هن چيو ته 18 ترميم تحت وفاقي وزارتون صوبن حوالي ڪيون آهن جنهن تحت خود مختيار ادارن کي به صوبن حوالي ڪيو ويو آهي پر صوبن اين سي ايڇ ڊي جي سورنهن هزار ملازمن کي 30 جون تي نوڪريءَ مان ڪڍڻ جون تياريون ڪري ڇڏيون آهن هنن چيو ته جيڪڏهن اسان کي پڪو نه ڪيو ويو ته اسان حڪومت خلاف ڀرپور تحرڪ هلائينداسي جنهن جي ذميواري حڪومت تي هوندي .
وڌيڪ پڙھو -
ڪنب جي رهواسڻ کي وڏي وزيرکان انصاف جي گھر
پٽ جي گرفتاري جي لاءِ ماءُ جي پريس ڪانفرنس خبر موجب ڪنب جي رهواسڻ غلام صغران شيخ خميس جي ڏينهن پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي ننهن آمنه زال محمد علي شيخ کي هٿياربند مومن شيخ ، محمد حنيف هيسباڻي ، محمد پنڃل شيخ ۽ شاهد لکڻ اغوا ڪري ويا هيا جن خلاف اسان ڪيس داخل ڪيو سي تنهن کان پوءِ جوابدار منهنجي ننهن کي گهر ٻاهران ڇڏي هليا ويا هاڻي وري جوابدارن ڪيس تان هٿ کڻڻ جي لاءِ منهنجي گهر تي ڪاهه ڪري سکر پوليس سان ٻٽ بڻجي منهنجي پٽ زاهد شيخ کي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي منهنجي مڙس بخش علي شيخ ۽ پٽ محمد علي شيخ مٿان سکر بندر وال وارو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ ڪا به صداقت نه آهي اسان ڪنب ۾ رهندا آهيون
وڌيڪ پڙھو -
پبلڪ هيلٿ خيرپور جو ايس ڊي او کان رشوت وٺي انجنيئر بڻايو ويو، ٺيڪيدار جو الزام
پبلڪ هيلٿ جي انجنيئر احمد خان ابڙي خلاف ٺيڪيدار جي پريس ڪانفرنس خبر موجب خميس جي ڏينهن ناليواري ٺيڪيدار محمد ٻڍل جلباڻي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته احمد خان ابڙو جيڪو پبلڪ هيلٿ خيرپور جو ايس ڊي او آهي ان کي وڏي رشوت وٺي ان کي انجنيئر مقرر ڪيو ويو آهي جنهن ڪريپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏياآهن جنهن به ٺيڪيدار کي ڪم ڏئي ٿو انهن کان سترنهن پرسنٽيج ورڪ آرڊر وٺي ٿو ۽ انهن ٺيڪيدارن کي اهو چوي ٿو ته پبلڪ هيلٿ جو وزير ايم ڪيو ايم جو آهي ان کي پنج پرسنٽيج ۽ جيارن کي پنج پرسنٽيج چيف انجنيئر ۽ سپريڊنٽ انجنيئر کي پنج پرسنٽيج ڏيڻي پوي ٿي ان کانسواءِ جيڪي ڪم ٿيا آهن انهن جون جيڪي به ايم بي يون ٺاهيون ويون آهن انهن ۾ ڊيگهه ۽ ويڪر جي ماپ وڌايل آهي ۽ جيڪي به موٽرون ۽ ٻيو سامان لڳائڻ جي لاءِ ٽينڊر ڪيا وڃن ٿا انهن کي رسيو ڪري پئسا ڪجهه ٺيڪيدار انجنيئر ملي ڀڳت ڪري کائن ٿا ان کان سواءِ شهر ۾ جيڪي به فٽ پاٿ ۽ پيور لڳايا ويا آهن انهن جي هيٺان بجري ۽ سيمنٽ لڳائڻ بجاءِ مٽيءَ جو استعمال ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
ٽن سالن کان اغوا ناريءَ کي پوليس اڃان تائين بازياب نه ڪرائي سگھي، وارثن جو احتجاج
: ھنڱورجا ڀرسان ڳوٺ وڌڻپوٽا مان ٽي سال اڳ اغوا ٿيل 5 ٻارڙن جي ماءٌ مسمات رضيه وڌڻپوٽوجي بازيابي لاءِ سندس وارث عورتن مردن ۽ ٻارن وحيد وڌڻپوٽو،حاجي غلام قادر وڌڻپوٽو،مسمات آمنه وڌڻپوٽو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن الزام لڳايو ته ٽي سال اڳ5 هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل مسمات رضيه وڌڻپوٽو کي اڃان تائين پوليس بازياب ڪرائي ناهي سگهي. پوليس روزانو ڪوڙا دلاسا ۽ ڏٽا ڏيئي رهي آهي. هنن چيو ته ڪيس ۾ ڃاڻايل جوابدار اسان کي موتمار ڌمڪيون ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار گرفتار ڪري مسمات رضيه کي بازياب ڪرايو وڃي. ٻي صورت ۾ مرڻ گهڙي تائين بک هرتال شروع ڪئي ويندي.
وڌيڪ پڙھو -
چشما جهلم لنڪ ڪئنال پيپلز پارٽي ٺاهيو ۽ ان کي کولرايو به پيپلز پارٽي هو: جلال محمود شاھ
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين جلال محمود شاهه چيوآهي تي جيئن اڳ ۾ ڪوڙن ڪليمن ذريعي سنڌ جي ملڪيتون ڌارين کي ڏنيون ويون هيون هاڻي وري ائين آدم شماري به ڪوڙن ڪليمن ذريعي ڪئي ٿي وڃي چشما جهلم لنڪ ڪئنال پيپلز پارٽي ٺاهيو ۽ ان کي کولرايو به پيپلز پارٽي هو خميس جي ڏينهن لقمان محلي ۾ هڪ وڏي عام جلسي کي خطاب ڪري رهيو هيو. هن چيو ته ڪرفيو هڻي آدم شماري ڪئي وڃي ته به اسانکي منظور آهي پر غلط آدم شماري خلاف سڄي سنڌ ۾ دورو ڪري سنڌي قوم کي سڄاڳ ڪري رهيا آهيون جڏهن 72 ۾ چشما جهلم لنڪ ڪئنال ٺاهيو ويو هيو سنڌ ۽ سنڌي قوم ان وقت به اعتراض ڪيو هو پر ڀٽي صاحب زوريءَ ان وقت جي وزير اعليٰ کان زبردستي صحي ڪرائي هئي جنهن جو اسان ڀوڳئون ٿا گذريل ٻوڏ ۾ سنڌ تباهه ٿي وئي پر حڪومت ذميواري ايريگيشن آفيسرن کي تحفظ ڏنو آهي ايريگيشن جي ڪريپشن جو حال ته اهو آهي ته ايريگيشن وارن چيو ته 300 ڪلو ميٽرن جي بندن جي ڪم جي ضرورت آهي ۽ 30 جون تائين ڪم بندن جو نه ٿي سگهندو
وڌيڪ پڙھو -
آمريڪي ڪونسل جنرل وليم مارٽن خيرپور ضلعي جي تاريخي ۽ قديمي ماڳن جو دورو ڪيو
آمريڪي ڪونسل جنرل وليم مارٽن اربع ڏينهن خيرپور ضلعي جي تاريخي ۽ قديمي ماڳن جو دورو ڪيو، تفصيل موجب آمريڪي ڪونسل جنرل وليم مارٽن ڪوٽ ڏجي قلعو، حضرت سچل سرمست جي مزار، گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ( گمز) ، فيض محل ٻين تاريخ ماڳن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي آمريڪن ڪونسل جنرل کي خيرپور ضلعي جي دوري دوران ڊي سي او محمد عباس بلوچ ڪوٽ ڏجي قلعي تي آجيان ڪئي جڏهن ته کيس فيض محل جي دوري دوران پرنس مهدي رضا ٽالپر سندن آجيان ڪئي. جڏهن ته سچل سرمست جي مزار جي دوري دوران آمريڪي ڪونسل جنرل صوفياڻي راڳ جي محفل ۾ شرڪت ڪئي جتي علائقي جي سچل جي فقيرن پاران پيش ڪيل سچل جو راڳ ٻُڌو. جڏهن گمز جي دوري دوران انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي سان ملاقات ڪئي. بعد ۾ آمريڪي ڪائونسل جنرل جيلاني هائوس خيرپور ۾ سندس مان ۾ ڏنل مانجهندي ۾ شرڪت ڪئي ۽ منجهند جي ماني کاڌي جڏهن ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي ليڊيز ونگ جي اڳواڻ بي بي ارشاد جيلاني، وڏي وزير جي پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو، پرنسل سيڪريٽري مظهر علي ۽ ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ پاران آمريڪي ڪونسل جنرل ۽ ساڻس گڏ آيل عملي…
وڌيڪ پڙھو