خيرپور
-
ريڊ ڪمشنر سان بدتميزي ڪندڙ ايس پي او عبدالقادر چانڊيو سسپينڊ
ريڊ ڪمشنر سان بدتميزي ڪندڙ ايس پي او عبدالقادر چانڊيو سسپينڊ کيس شوڪاز نوٽيس ڏئي ڪم کان روڪيو ويو عدالت ۾ پيش نه ٿيو عدالت پاران پيرڳوٺ پوليس کي ايس پي او عبدالقادر چانڊيو پيش ڪرڻ جو حڪم ايس ايڇ او پاران جواب داخل هٿ نه ٿو اچي احتجاجي مظاهرو وڪيلن پاران ٽي ڪلاڪ عدالتن جي ڪم جو بائيڪاٽ. خبرموجب ريڊ ڪمشنر سميع الله قريشي ۽ فريادي حفيظ عباسي سان بدتميزي ڪندڙ ايس پي او ڪنگري کي آر پي او سکر سسپينڊ ڪري ڇڏيو آهي ۽ سسپينڊ جو ليٽر عدالت کي موڪليو ويو جڏهن ته ڊي پي او خيرپور شوڪاز نوٽيس ڏئي عبدالقادر چانڊيو کي ڪم کان روڪي ڇڏيو آهي ان کانسواءِ عدالت ايس ايڇ او پيرڳوٺ منعم لاڙڪ کي ايس پي او عبدالقادر چانڊيو کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو عدالت ۾ ايس ايڇ او پيرڳوٺ منعم لاڙڪ لکي ڏنو ته ايس پي او هٿ نه ٿو اچي سگهي جنهن وقت هٿ آيو عدالت ۾ پيش ڪندس.
وڌيڪ پڙھو -
ڪنوار جي اغوا خلاف گهوٽ سميت عورتن ۽ مردن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو
ڪنوار جي اغوا خلاف گهوٽ سميت عورتن ۽ مردن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. خبرموجب اربع جي ڏينهن گلو سيال ٿاڻي جي حد ڳوٺ قادربخش چاچڙ مان هٿياربندن ڪنوار مسلم خاتون ناريجو کي اغوا ڪري ويا جنهن جي بازيابي جي لاءِ گهوٽ عبدالرزاق ناريجو، ڪريمان ناريجو، عبدالڪريم ناريجو، مسمات وزيران ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب ٻاهران پاڪ ڪتاب کڻي ڌرڻو هنيو هنن چيوته جوابدار ممتاز ناريجو، امتياز ناريجو، الطاف ناريجو، غفورناريجو ۽ وحيد ناريجو ۽ ٻين هٿيارن جي زور تي ونواهه ۾ ويٺل ڪنوار مسلم خاتون ناريجو کي اغوا ڪري ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جو ملازم قتل
ڪٽوهر برادري جي هٿياربندن ڦلپوٽا برادري جو چڱو مڙس بخت علي عرف ڪڪو ڦلپوٽو کي گهرائي قتل ڪري ڇڏيو.خبرموجب لاشاري ڪٽوهر هلندڙ تڪرار دوران ڪٽوهر برادري جي هٿياربندن پنهنجي ڀر ۾ رهندڙ ڳوٺ عيدن ڦلپوٽو جي رهواسي وڏيري بخت علي عرف ڪڪو پٽ عيدن ڦلپوٽو کي گهرائي سڌيون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ڪڪو ڦلپوٽو شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جو ملازم به هو اي سيڪشن پوليس لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته فوتي جي جنازي ۾ سون جي تعداد ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو آهي جڏهن ته مارجي ويل وڏيري بخت علي ڦلپوٽو جي ڀاءُ برڪت ڦلپوٽو اخباروارن کي ٻڌايوته ڪٽوهر لاشاري برادري جو اسانجي ڀر ۾ تڪرار هلندڙ آهي ٻنهي ڌرين هڪٻئي جا ڪيترائي ماڻهو قتل ڪيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
پراڻي دشمني تان ڳوٺاڻو قتل، پوليس جاڇاپا جاري
گذريل رات هٿياربندن هٿان بيدردي سان قتل ٿيل ڳوٺاڻي جان محمد لاشاري کي اباڻي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو ڪوٽڏجي پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ڳوٺن تي چڙهايون ڪري 10 کان مٿي ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري کين پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي قتل جو ڪارڻ پراڻي دشمني ٻڌايو وڃي ٿو. جڏهن ته زخمي ٿيل ڦوڳ لاشاري کي زخمي حالت ۾ مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي.
وڌيڪ پڙھو -
ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف عدالت احمدپور پوليس کي 24 ڪلاڪن جي مهلت ڏئي ڇڏي
ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف عدالت احمدپور پوليس کي 24 ڪلاڪن جي مهلت ڏئي جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم خبرموجب سيشن جج خيرپور جي عدالت احمدپور جي رهواسي غلام اڪبر سومرو جي درخواست تي ايس ايڇ او احمد پور مشتاق شاهه ۽ چوڪي پيربادل اقبال پٺاڻ کي حڪم ڏنو ته پندرنهن ڏينهن کان کنڀيل ٽي ڳوٺاڻن غلام رسول، ظهيرالدين ۽ حبيب الله کي 24 ڪلاڪن ۾ آزاد ڪرڻ جو چيو، ياد رهي ته احمدپور جي رهواسي غلام اڪبر سومرو سيشن جج خيرپور جي عدالت ۾ درخواست ڏني هئي ته ايس ايڇ او احمدپور ۽ پيربادل چوڪي انچارج پندرنهن ڏينهن اڳ منهنجي ٻن پٽن غلام الرسول، ظهيرالدين ۽ ڀائٽي حبيب الله کي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
رپڙي بهارو پوليس خلاف ڪلهوڙا برادري جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو
رپڙي بهارو پوليس خلاف ڪلهوڙا برادري جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو. خبرموجب اربع جي ڏينهن رپڙي بهارو پوليس جي خلاف ڪلهوڙا برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهري جي اڳواڻي عبدالحميد ڪلهوڙو، فياض ڪلهوڙو، رفيق ڪلهوڙو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. هنن چيوته پوليس بيگناهه پ پ اڳواڻ مسرور ڪلهوڙو ۽ گداحسين ڪلهوڙو جي گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارن تي لٺيون وسائي وحشياڻو تشدد ڪيو جنهن ۾ راحيل، فراز، مسمات پناهه خاتون، فهميده خاتون، شمي خاتون ۽ 10 کان وڌيڪ ٻار ۽ عورتون زخمي ٿي پيا پوليس گهرن مان هزارين رپيا روڪ سونا زيور ڦرلٽ ڪري کڻي ويا هنن چيوته جيستائين انصاف نه مليو ته پوليس خلاف ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
وڌيڪ پڙھو -
بي وفائي تي عورت جو ميرواھ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، شھرين بچائي ورتو
بي سيڪشن پوليس اهلڪار محمد حسن خاصخيلي جي بيوفائي تي سندس سنگتياڻي زاهدان منگي ميرواهه ڪينال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر شهرين کيس بچائي ورتو معلوم ٿيو آهي ته زاهدان زال ڪرم الله منگي جو بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس اهلڪار محمد حسن خاصخيلي سان عشق هلندڙ هو اربع جي ڏينهن زاهدان منگي محمد حسن خاصخيلي ڏي ٻه قرآن پاڪ کڻي آئي ته مون سان بيوفائي نه ڪر ۽ هو کيس ڇڏي هليو ويو ته زاهدان منگي ڪاوڙ ۾ اچي ميرواه ڪينال ۾ ٽپو ڏنو شهرين زاهدان منگي جو پيٽ مان پاڻي ڪڍي بي سيڪشن پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
وڌيڪ پڙھو -
فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ علي ڏنو خروس قتل
سوين شهرين جي موجودگي ۾ ٽن هٿياربندن سڌيون گوليون هڻي فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ علي ڏنو خروس کي قتل ڪري ڇڏيو ماڻهو ۽ پوليس لڪاءُ ڏسندي رهي جوابدار آساني سان هليا ويا خوشي ۾ فائرنگ. خبرموجب اربع جي ڏينهن ٽن هٿياربندن سوين ماڻهن جي موجودگي ۾ سائده ڳوٺ روڊ تي وچ شورومن ۾ گوليون هڻي فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻ رئيس علي ڏنو خان خروس کي قتل ڪري آساني سان فرار ٿي ويا وڃڻ وقت خوشي ۾ فائرنگ جڏهن ته سوين شهري دڪاندار ۽ پوليس لڪاءُ ڏسندي رهي. اي سيڪشن پوليس هڪ ڪلاڪ کانپوءِ لاش اسپاٽ تان کڻائي سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. فوتي جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي قهرام مچي ويو
وڌيڪ پڙھو -
پروفيسر ڊاڪٽر عطامحمد حاميءَ جي 29 ورسي 3 جولاءِ 2011 بروز آچر ڏينهن ملهائي پئي وڃي
حامي يادگار ڪاميٽي خيرپور ۽ ثقافت کاتي سنڌ پاران سنڌ جي برک شاعر، محقق، ڏاهي پروفيسر ڊاڪٽر عطامحمد حاميءَ جي 29 ورسي 3 جولاءِ 2011 بروز آچر ڏينهن ملهائي پئي وڃي. پروفيسر ڊاڪٽر حاميءَ جي 29 ورسي جي مختلف تقريبن جو افتتاح سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني 3 جولاءِ تي شام جو 7:00 وڳي خيرپور ويجهو ڳوٺ سوهو ڪناسرا ۾ پروفيسر حامي جي مزار تي گُلن جي چادر چاڙهي ڪندو. جڏهن ته ان موقعي تي مواصلات جو صوبائي وزير منظور حسين وساڻ، ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو، ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني، ايم اين اي حاجي نواب خان وساڻ خاص مهمانن جي حيثيت ۾ شرڪت ڪندا. ان موقعي تي شام 7:30 وڳي تقريب جو افتتاحي اجلاس ٿيندو
وڌيڪ پڙھو -
سچل سرمت لائبريري ۾ ڪئٽالاگ ۽ مينيو اسڪرپٽ جي عدم موجودگي جو ڊي سي او نوٽس وٺي ڇڏيو
ضلعي ايڊ منسٽريٽر ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ سچل سرمت لائبريري خيرپور ۽ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس خيرپور جو دور ڪيو. لائبريري جي دوري دوران ڊي سي او سچل لائبريري جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ لائبريري ۾ موجود مطالعو ڪندڙن کان لائبريري اندر موجود سهولتن جي حوالي سان حال احوال ورتا جڏهن ته لائبريري جي دوري دوران ڊي سي او لائبريري ۾ ڪئٽالاگ ۽ مينيو اسڪرپٽ جي عدم موجودگي جو سخت نوٽس وٺندي لائبريري انتظاميه تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ لائبريري جي ڊيوٽي دوران 9 غير حاضر ملازمن جي خلاف ڊي سي او ثقافت کاتي جي سيڪريٽري کي لکت ۾ ليٽر لکي سندن خلاف قدم کڻڻ لاءِ گذارش ڪئي جڏهن ته سيڪريٽري ثقافت پاران ڊي جي ڪلچر کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. ڊي سي او جي اهڙي قدم جي لائبريري ۾ مطالعو ڪندڙن ساراه ڪئي ۽ لائبريري ۾ سهولتن کي يقيني بڻائڻ تي ڊي سي او جو شُڪريو ادا ڪيو.
وڌيڪ پڙھو