خيرپور

  • محڪمه بهبود آبادي کاتي جي خيرپور آفيس پاران 11 جولاءِ 2011 تي ھڪ واڪ جو اھتمام ڪيو ويو آھي

    ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر خيرپور قربان علي ڀيو هڪ ليٽر ۾ ڄاڻايو آهي ته محڪمه بهبود آبادي کاتي جي خيرپور آفيس پاران دنيا اندر 11 جولاءِ جي ڏينهن کي هر سال آباديءَ جي ڏهاڙي طور ملهائڻ جي حوالي سان 11 جولاءِ 2011 تي صبح جو 9 وڳي سوڪ سينٽر خيرپور کان ليڊي ولنگٽن اسپتال تائين هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو آهي، جنهن جي اڳواڻي اِي ڊي او صحت خيرپور ڊاڪٽر احسان علي سيال ڪندو جڏهن ته هن واڪ ۾ زندگي جي مختلف مڪتبِ فڪر جا ماڻهو، سماجي ۽ سياسي اڳواڻ پڻ شرڪت ڪندا.

    وڌيڪ پڙھو
  • گذريل مهيني دوران پوليس مختلف ڪارواين ۾ 29 ڌاڙيل 343 روپوش ۽ 41 اشتهاري ملزم گرفتار ڪياويا

    ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) خيرپور عرفان بلوچ ضلعي پوليس خيرپور جي جون مهيني جي ڪارڪردگي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته گذريل مهيني دوران پوليس مختلف ڪارواين ۾ 29 ڌاڙيل 343 روپوش ۽ 41 اشتهاري ملزم گرفتار ڪيا آهن. ضلعي پوليس سربراه ڪارڪردگي رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته گذريل مهيني ۾ پوليس مختلف علائقن ۾ ڏهارين خلاف ڪاروايون ڪندي 05 ڪلاشنڪووز، 15 بندوقون، 25 پسٽل، 01 رائيفل، 03 ريوالور ، 3 ڪيربين، 43 ڪارتوس ۽ 125 گولين جا رائونڊ (کول) پڻ هٿ ڪيا آهن. جڏهن ته ضلعي پوليس مختلف ڪارواين ۾ 13 ڪلو 670 گرام چرس، 11 ڪلو 800 گرام ڀنگ، 30 گرام هيروئين ۽ ڏيڊ ليٽر شراب جون ٻه بوتلون پڻ هٿ ڪيون آهن. ان کانسواءِ پوليس بچاءُ جا قدم کڻندي 05 پاٿاريدارن کي پڻ گرفتار ڪيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • جولاءِ 29 کان شروع ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري سالياني “ خيرپور ڊيٽس فيسٽيول اينڊ سيمنار 2011 ” جي منعقد ڪرڻ جي انتظامي صورتحال جو سراسري طور تي جائزو ورتو ويو

    ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او محمد عباس بلوچ جي نگراني ۾ ٻن ڏينهن واري ساليانه خيرپور جي کجين جي عالمي نمائش ۽ سيمينار جي انعقاد جي حوالي سان ڊي سي او آفيس ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي گذري. جنهن ۾ اِي ڊي او فنانس اينڊ پلاننگ احمد علي قريشي، اِي ڊي او ڪميونٽي ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ (سي ڊي ڊي) محمد فيصل کوکر، اِي ڊي او زراعت محمد حسن سمنگ، سنڌ آبادگار بورڊ جي نمائندن، زرعي ماهرن قادر بخش مري، مولاناصدرالدين ڦلپوٽو، سنڌ بئنڪ جي نمائندي شمس العباس ملاح، اسٽيٽ بئنڪ، نيشنل بئنڪ، ٽي آر ڊي پي ٻين مختلف شعبن جي نمائندن ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ جولاءِ 29 کان شروع ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري سالياني “ خيرپور ڊيٽس فيسٽيول اينڊ سيمنار 2011 ” جي منعقد ڪرڻ جي انتظامي صورتحال جو سراسري طور تي جائزو ورتو ويو.

    وڌيڪ پڙھو
  • ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ جو لکت ٽيسٽ ۾ 60 سيڪڙومارڪون کڻڻ وارن کي ڀرتي جو ڪو فيصلو ناھي آيو: غلام اصغر ميمڻ

    ايگزيڪيٽوِ ڊسٽرڪٽ آفيسر (اي ڊي او) ايجوڪيشن خيرپور غلام اصغر ميمڻ ميڊيا ۾ پرائمري ماسترن جي ڀرتي جي حوالي سان هاءِڪورٽ جي فيصلي کي اخبارن ۾ غلط انداز ۾ پيش ڪرڻ جي حوالي سان نوٽيس وٺندي وضاحت ڪئي آهي ته هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جو ڪوبه اهڙو فيصلو نه آيو آهي جنهن ۾ اهو ڄاڻيل هجي ته پرائمري ماستري جي صرف لکت ٽيسٽ ۾ 60 سيڪڙومارڪون کڻڻ وارن اُميدوارن کي نوڪري جا آرڊر ڏنا وڃن. جڏهن ته ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ انهن اُميدوار جن سنڌ يونيورسٽي پاران پرائمري ماستري جي لکت ٽيسٽ پاس ٿيڻ کانپوءِ سندن سرٽيفڪيٽس جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ ٽيسٽ جي مارڪن ۽ سندن ڪواليفڪيشن جي مارڪن جي بنياد تي ضلعي سطح تائين ميرٽ لسٽ ۾ اچن ٿا تن کي پرائمري ماستري جي ڀرتي پاليسي 2008 تحت نوڪرين جا آرڊر ڏنا پيا وڃن.

    وڌيڪ پڙھو
  • ماضي جي آمر حڪمرانن ڪالا باغ ڊيم جو راڳ ڳايو پر پيپلز پارٽي جي حڪومت اچڻ سان عوام مخالف ڪالاباغ ڊيم جي رينگٽ کي هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيو: قائم علي شاھ

    سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت چور دروازي کان نه پر چونڊن وسيلي اقتدار ۾ آئي آهي ۽ حڪومت پنج سال پورا ڪندي. هن چيو ته جيستائين عوام جو ساٿ پيپلز پارٽي سان آهي تيستائين حڪومت کي ڪير به لوڏي نٿو سگهي. هن اهڙو اظهار ڳوٺ سوهو ڪناسرا ۾ سنڌ جي برک شاعر ۽ محقق پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي جي 29 ورسي جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي عوام سڀني کي آزمايو آهي ۽ عوام جي طاقت ۽ مهرباني سان پيپلز پارٽي چونڊ ذريعي اقتدار حاصل ڪيو آهي جڏهن ته ماضي ۾ آمرن چور دروازي ذريعي اقتدار ۾ اچي عوام مخالف فيصلا ڪيا ۽ پاليسون جوڙي عوام جي خزاني جي ڀينگ ڪئي. هن چيو ته ماضي جي آمر حڪمرانن ڪالا باغ ڊيم جو راڳ ڳايو پر پيپلز پارٽي جي حڪومت اچڻ سان عوام مخالف ڪالاباغ ڊيم جي رينگٽ کي هميشه لاءِ بند ڪيو.

    وڌيڪ پڙھو
  • موجوده حڪومت عوام جي معاشي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي: سيد قائم علي شاهه

    سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام جي معاشي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته تعليم ۽ صحت کاتي کي وڌيڪ بهتر بڻائي عوام کي وڌ ۾ وڌ سهولتون ڏنيون پيون وڃن. هن اهڙو اظهار سٽي اسپتال خيرپور ۾ تُرڪي حڪومت پاران 10 لک روپين جي لاڳت سان قائم ڪيل شهيد بينظير ڀٽو پولي ڪلينڪ کي پي پي ايڇ آءِ جي حوالي ڪرڻ ۽ ڊي پي او آفيس ۾ ضلعي حڪومت پاران 90 لک روپين جي لاڳت سان قائم ڪيل خيرپور شهر اندر ڳجهي ڪئمرائن واري ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي افتتاح بعد ماڻهن جي مختلف وفدن سان ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته صوبي اندر امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جديد اوزارن جي مدد ورتي پئي وڃي جنهن سان صوبي اندر ڏوهن ۾ خاطر خواهه گهٽتائي آئي آهي. وڏي وزير چيو ته موجوده جمهوري حڪومت صوبي توڙي ملڪ ۾ عوام جي ڀرپور خدمت ڪري رهي آهي جڏهن ته سرڪاري شعبن خاص طور تي صحت ۽ تعليم ۾ بهتري آندي پئي وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • ابل واھ مان نامعلوم عورت جو لاش، علائقي ۾ خوف ۽ حراس

    پريالو ڀرسان ابل واهه مان نامعلوم عورت جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو جنهن کي پوليس مقامي اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ داخل ڪيو. نامعلوم عورت جي لاش جي آخري اطلاعن تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي پوليس نامعلوم عورت جي سڃاڻپ لاءِ پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڏني آهي ياد رهي ته هڪ هفتي اندر نامعلوم عوتن جا تشدد ٿيل لاش مختلف تعلقن جي دريائن ۽ ٻين جاين تان پوليس کي هٿ آيا آهن جنهن جي ڪري علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانئجي ويو آهي.جڏهن ته خيرپور ضلعي ۾ عورتن کي اغوا ڪرڻ بعد تشدد ڪري مختلف جاين تي اڇلائي فرار ٿيو وڃن جنهن جا قاتل خيرپور پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • سيٺارجا جي جاچ پوليس شهرين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي: لنڊ برادري

    ڊي پي او آفيس خيرپور اڳيان سيٺارجا پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڌرڻو پوليس خلاف سخت نعريبازي مظاهري جي اڳواڻي سيٺارجا جي رهواسين محمد ڇٽل لنڊ، علي گلاب لنڊ، محمد ابراهيم لنڊ ۽ خدا بخش لنڊ ڪري رهيا هئا مظاهرين کي پلي ڪارڊ ۽ بينر هٿن ۾ هئا جنهن جي پوليس خلاف سخت نعريبازي لکيل هئي مظاهرين اخباروارن سان ڳالهائيندي چيوته سيٺارجا جي جاچ پوليس شهرين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • خيرپور جو رھواسي پراسرار نموني گم

    گوندڙي جو رهواسي محمد عمر ڪانڌڙو پراسرار نموني گم وارثن پاران اغوا جو شڪ. خبرموجب گذريل ڏينهن گوندڙي جو رهواسي محمد عمر ڪانڌڙو پٽ حاڪم علي ڪانڌڙو پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي جنهن جي وارثن اغوا جو شڪ ڌيکاري ڪوٽڏجي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو آهي جڏهن ته ڪوٽڏجي پوليس اخباروارن کي ٻڌايوته ڪراڙي محمد عمر ڪانڌڙي جو ذهني توازن ٺيڪ نه هيو تنهن ڪري هو گم ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولها شروع ڪئي وئي آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • ايم ڪيو ايم دهشتگرد تنظيم آهي جن سنڌي قوم سميت سڀني قومن کي ڪراچي ۾ تاراج ڪيو: سپاف خيرپور

    پيپلز پارٽي حڪومت مان ايم ڪيو ايم جو ڌارٿيڻ تي سپاف پاران شڪراني جا نفل پڙهيا ويا ۽ مٺايون ورهايون ويون. خبرموجب اربع جي ڏينهن پيپلز پارٽي حڪومت مان ايم ڪيو ايم جي ڌار ٿيڻ تي سپاف پاران شڪراني جا نفل پڙهي مٺايون ورهايون ويون ان موقعي تي سپاف سکر ڊويزن جي صدر فقير ذاڪر حسين هيسباڻي، انعام الله سمنگ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيوته ايم ڪيو ايم دهشتگرد تنظيم آهي جن سنڌي قوم سميت سڀني قومن کي ڪراچي ۾ تاراج ڪيو آهي ۽ سدائين ڌارٿيڻ جون ڌمڪيون ڏئي بليڪ ميل ڪندا هئا انهن مان پيپلز پارٽي جي خدا جان ڇڏائي آهي هنن چيوته پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button