خيرپور
-
شهيد بينظير انڪم سپورٽ جي آيل ٽن مهينن واري قسط غريبن ۾ نه ملي
) شهيد بينظير انڪم سپورٽ جي آيل ٽن مهينن واري قسط غريبن ۾ نه ملي ايف آءِ اي رڪارڊ چيڪ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو پوسٽ آفيس جا عملدار پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ سرگرم ٿي ويا غريب مسڪين عورتن جي احتجاجي مظاهرو خبر موجب پوسٽ آفيس خيرپور ۾ غبن ڪيل شهيد بينظير انڪم سپورٽ جي هڪ ڪروڙ ٻاهٺ لک واري رقم جو ايف آءِ اي سکر جي عملدارن جاچ شروع ڪري ڏني آهي پوسٽ آفيس مان رڪارڊ هٿ ڪري ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪري ڏني آهي جڏهن ته عملدار پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ جا ڏوڪڙ وٺڻ جي لاءِ آيل پوسٽ آفيس ۾ سوين عورتن کي پئسا نه مليا ان موقعي تي عورتن سخت احتجاج ڪندي پوسٽ آفيس عملي خلاف سخت ڇتي نعريبازي ڪئي ان موقعي تي پوسٽ آفيس جي عملدار پنهنجا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ پنهنجن پٽيوالن جي معرفت عورتن کي ڪوڙا دلاسا ڏنا ته توهان جي رقم اڃان نه آئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
انجنيئر سيپڪو خيرپور خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل
انجنيئر سيپڪو خيرپور خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل نوٽيس جاري خبر موجب ناليواري سماج سڌارڪ مشهور ٺيڪيدار جلال لاکي جي گهر واري ارشاد بيگم لاکو انجنيئر سيپڪو خيرپور راجا عزيز رڏ ٻن لائين سپريڊنٽ رفيق ڦلپوٽو رحيم بخش شيخ ميٽر ريڊر شاهه زمان منگي ۽ ٻين ٽن نا معلوم ماڻهن مٿان خيرپور جي عدالت ۾ ناليواري قانوندان عطا حسين چانڊيو معرفت ڪيس داخل ڪرايو آهي ته جوابدار گهر ۾ گهري بيگناهه تشدد ڪيو ٻارڙن کي حراسا ڪيو عدالت سمورن کي 8 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي اهڙو نوٽيس پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
سچل ٽيلر ليبر ايسوسيئيشن خيرپور طرفان اجرت وڌائڻ لاءِ بک هڙتال
سچل ٽيلر ليبر ايسوسيئيشن خيرپور طرفان اجرت وڌائڻ لاءِ بک هڙتال احتجاجي مظاهرو خبر موجب اڱاري تي ٻئي ڏينهن به سچل ليبر ايسوسيئيشن خيرپور طرفان اجرت وڌائڻ جي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري سوڪ سينٽر ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪئي ان موقعي تي تنظيم جي اڳواڻن عبدالله ڪورائي، امداد شيخ ، حفيظ عباسي، صديق ڦلپوٽو ، اعجاز چنو ، ظهير سومرو، ۽ ٻين ٻڌايو ته سلائي جا دوڪاندار چار سئو روپيه في جوڙي تي وٺن ٿا ۽ اسان کي صرف 150 رپيو ڏنو وڃي ٿو جيڪڏهن دوڪاندارن کان وڌيڪ اجرت گهرون ٿا اهي اسان کي دوڪان تان ڪڍي بيروزگار ڪن ٿا
وڌيڪ پڙھو -
وڏي وزير سالياني کجور فيسٽيول جو آغاز ڪري ڇڏيو
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٽين سالياني کجور فيسٽيول ۽ سيمينار 2011 جو ڪالھ شهيد محترمه بينظير ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر خيرپور ۾ افتتاح ڪيو. کجور نمائش ۾ وڏي وزير اين بي پي، سنڌ بئنڪ، ايم سي بي، خوشحالي بئنڪ ۽ ٻين بئنڪن، اين ڊي ايس پي، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، ايس آر ايس او، ايگريڪلچر ايڪسٽينشن، سرڪاري کاتن، اين جي اوز ۽ ٻين ادارن طرفان لڳايل سمورن اسٽالن جو معائنو ڪيو ۽ اتي کجور جي مختلف جنسن بابت ڄاڻ ورتي. نمائش ۾ 30 کان وڌيڪ جنسون رکيون ويون هيون. جن ۾ حسيني، مزاوتي، شڪري، بيگم، آب دندان، پشينه، اجوا، روتانه، اصيل، خيرو، نموري، اوطاقڻ، ڪپڙو، گجر، مٺڙي ۽ ڇهاري جا مختلف قسم، آڌيا ۽ ٻيون جنسون رکيل هيون.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ۽ خيرپور جي کارڪ پوري دنيا ۾ مشهور آهي. جڏهن ته ايڪسپورٽ جي لحاظ کان دنيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي: قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۽ خيرپور جي کارڪ پوري دنيا ۾ مشهور آهي. جڏهن ته ايڪسپورٽ جي لحاظ کان دنيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي. هن اهڙو اظهار سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ کجور سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته کجور جون 200 کان وڌيڪ جنسون آهن. هن کارڪ جي صحيح پيڪنگ ڪرڻ تي زور ڏنو ته جيئن کجور جي آبادگارن کي پيداوار جو صحيح اجورو ملي سگهي. وڏي وزير کجور ايڪسپورٽ ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو هن کجور تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبي زراعت جي شعبي ۾ وڌيڪ ترقي ڪئي آهي. سنڌ ۾ في ايڪڙ پيداوار وڌي آهي ۽ زراعت کاتي ڪڻڪ جون سٺيون جنسون متعارف ڪرايون آهن، جنهن سان ٻن سالن اندر سنڌ صوبي 4 لک ٽن ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪئي آهي ۽ هن سال 8 لک ٽن ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪنداسون.
وڌيڪ پڙھو -
صوبائي وزير اوقاف آگسٽ پهرين تي سچل سرمست رح جي مزار جي چادر چاڙهيندو
خيرپور: صوبائي وزير اوقاف ڊاڪٽر محمد رفيق ٻانڀڻ خيرپور جي ٽن ڏينهن جي دوري دوران آگسٽ پهرين تي درازا شريف ۾ صبح ڏهين وڳين حضرت سچل سرمست رح جي مزار جي چادر چاڙهيندو جڏهن ساڳين ڏينهن صوبائي وزير درگاهه پيرڳوٺ جو پڻ دورو ڪندو. ان کان اڳ صوبائي وزير جولاءِ جي 30 ۽ 31 تاريخ تي فيض گنج تعلقي جي ماڻهن سان منگيه موري ۽ جلال پيٽرول پئمپ تي مختلف گڏجاڻيون ڪندو جڏهن ته 31 جولاءِ ۽ 2 آگسٽ تي صوبائي وزير اوقاف ڊاڪٽر محمد رفيق ٻانڀڻ پنهنجي رهائشگاهه تي معزز ماڻهن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.
وڌيڪ پڙھو -
رمضان المبارڪ مهيني ۾ عام واهپي جي شين سستا اگهه مقرر ڪري عوام کي وڌ ۾ وڌ پهچايو ويندو: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ جي صدارت ۾ سندس آفيس ۾ رمضان المبارڪ دوران ضلعي اندر عام واهپي جي شين جا رعايتي اگهه مقرر ڪرڻ جي حوالي سان هڪ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ضلعي جي تمام تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرس، مختيارڪارن، انجمنِ تاجران ۽ مارڪيٽ ڪاميٽي جي نمائندن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ ڊي سي خيرپور ٻُڌايو ته هرسال جيئان رمضان المبارڪ مهيني ۾ عام واهپي جي شين سستا اگهه مقرر ڪري عوام کي وڌ ۾ وڌ پهچايو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
هلندڙ سال ترقياتي ڪمن جو سال آهي ۽ ترقياتي ڪم موجوده حڪومت جي اولين ترجيحات آهي: قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته هلندڙ سال ترقياتي ڪمن جو سال آهي ۽ ترقياتي ڪم موجوده حڪومت جي اولين ترجيحات آهي. وڏي وزير اهڙو اظهار ڪوٽ ڏجي تعلقي جي ڳوٺ محمد سومر ملاح ۾ حاجي امتياز ملاح سان سندس چاچي جي وفات تي تعزيت کانپوءِ مختلف ماڻهن سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته موجوده حڪومت عوام جي سماجي ۽ معاشي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته هلندڙ سال ترقياتي ڪمن جو سال آهي جنهن ۾ صوبي اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا جنهن سان هزارين ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ٿيندا. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ بهتري آڻي عوام کي وڌ ۾ وڌ فائدو پهچايو ويندو. جڏهن ان کان اڳ وڏي وزيرسيد قائم علي شاهه ڳوٺ محمد سومر ملاح ۾ پنهنجي خاص معاون حاجي امتياز ملاح ۽ سنڌ بئنڪ جي ايريا مئنيجر شمس العباس ملاح سان سندس چاچي فوتي محمد رتل ملاح جي وفات تي تعزيت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
نوجوان جوڙي خيرپور جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو مغيري ۽ خروس برادري ۾ تڪرار وڌي ويو
نوجوان جوڙي خيرپور جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو مغيري ۽ خروس برادري ۾ تڪرار وڌي ويو جوڙي خيرپور جي عدالت ۾ تحفظ جي لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. خبرموجب سومر جي ڏينهن لاڙڪاڻو جي ناري بينظير ڌيءُ اعجاز احمد مغيري ويٺل لاڙڪاڻو ۽ خيرپور ڪچي جي علائقي جي نوجوان صدورو پٽ فتح شير خروس خيرپور جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي تنهن کان بعد ۾ خروس ۽ مغيري تڪرار وڌي ويو آهي جڏهن ته نوجوان جوڙي خيرپور جي عدالت ۾ تحفظ جي لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي جڏهن ته نوجوان ناري جي اغوا جو ڪيس لاڙڪاڻو ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. عدالت ٻاهران جوڙي اخباروارن کي ٻڌايوته اسان هڪٻئي کي ڪيترن ئي سالن کان چاهيندا آهيون پر اسانجا والدين اسانجي شادي ۾ راضي نه هئا
وڌيڪ پڙھو -
شادي شده نوجوان عورت اغوا، ڏيڍ سال جو معصوم نينگر پنهنجي امڙ جي کير لاءِ تڙپندو رهي ٿو
هٿياربند ڌاڙيلن شادي شده نوجوان عورت فهميده ميتلو کي اغوا ڪري ويا ڏيڍ سال جو معصوم نينگر پنهنجي امڙ جي کير لاءِ تڙپندو رهي ٿو سس سهري جي پريس ڪانفرنس خبرموجب احمدپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ اوڏ ميتلا جي رهواسين ربنواز ميتلو سندس گهرواري حسنا ميتلو سومر جي ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيوته بدنام ڌاڙيل اڪبر ميتلو، غلام قادر ميتلو، ممتاز ميتلو، غلام شبير ميتلو ۽ ٻين اسانجي گهر تي ڪاهه ڪري گهرن مان ڦرلٽ ڪرڻ کانپوءِ منهنجي ننهن فهميده زال سڪندر ميتلو کي اغوا ڪري ويا اغوا دوارن هٿياربندن منهنجي معصوم ڏيڍ سال جي پوٽي سمير کي ماءُ جي ڪڇ تان کسي کٽ تي ڦٽي ڪيو هٿياربند منهنجي ننهن فهميده کي صرف حوس جو نشانو بنائڻ جي لاءِ اغوا ڪيو آهي واقعي جو اطلاع بروقت احمدپور پوليس کي ڏنوسين پر جوابدار ڏاڍا مڙس هجڻ جي ڪري پوليس نه اسانجي ننهن واپس ڪرائي ٿي نه وري واقعي جو ڪيس داخل ڪري ٿي
وڌيڪ پڙھو