خيرپور

  • سيد جاويد علي شاھ جيلاني تعلقي ٺري ميرواھ جو دورو ڪيو

    پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ اڳوڻو ايم اين اي پيرسيد جاويد علي شاھ جيلاني تعلقي ٺري ميرواھ جو دورو ڪيو ۽ مختلف ڳوٺن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪن ۽ اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. ٺري ميرواھ شھر ۾ تپيدار ذوالفقار علي شر سان سندس ڀاءُ فرحان خادم شر جي فوتگي تي عذرخواھي ڪئي ۽ ڊاڪٽر الطاف حسين ملاح جي ڏنل دعوت ۾ شرڪت ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • وڏي وزير طرفان ميٽ جي کاڻ ۾ فوت ٿي ويلن لاءِ ھڪ ھڪ لک جو اعلان

    ضلعي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي او محمد عباس بلوچ نارا تعلقي جي ڳوٺ راڄپاري ۾ پهچي ميٽ جي کاڻ ۾ فوتي مزدورن جي وارثن سان تعزيت ڪئي جڏهن ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي حُڪم تي ضلعي حڪومت پاران فوت ٿي ويلن چئن ڄڻن مان هر هڪ جي پوئنرن کي هڪ هڪ لک روپيه جڏهن ته زخمين جو مفت علاج ۽ هر هڪ لاءِ 25 هزار روپيه مالي سهائتا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ڊي سي او وڌيڪ لاءِ ڊي ڊي او روينيو ڪوٽ ڏجي / نارا ۽ مختيار ڪار نارا کي فوتين جي تفصيلي رپورٽ ڏيڻ جي هدايتون جاري ڪيون ۽ کين تعلقي اندر حساس کاڻين جي رپورٽ ڏيڻ جو پڻ حُڪم ڏنو. ان موقعي تي مائينس ۽ منرل کاتي جي ڊائريڪٽر سيد اسدالله شاهه کي پڻ ڊي سي او اهڙي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حُڪم جاري ڪيو ۽ کاتي جي مائينز اينڊ منرل کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل کي فوتين سان ملڻ جون پڻ هدايتون جاري ڪيون.

    وڌيڪ پڙھو
  • ٺري ميرواھ ۾ مستحق ماڻھن ۾ عيد جو سامان وھايو ويو

    پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي پ پ تعلقه ٺري ميرواھ جي صدر حاجي احمد بخش شر ۽ پ پ اڳواڻ نثار احمد شر پاران تعلقه ٺري ميرواھ جي ويھھ کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ عيد جا ڪپڙا، کائڻ جو سامان غريبن ۽ بيواھ عورتن ۾ تقسيم ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ حاجي احمد بخش شر خطاب ڪندي چيوته پيپلز پارٽي ھيميشه غريب عوام جي حقن جي ڳالھھ ڪئي آھي ۽ موجوده سرڪار ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آھي ان موقعي تي انجنيئر احمد علي شر، ممتاز علي شر، قائم علي شر، محمد علي شر ۽ ٻيا موجود ھئا.

    وڌيڪ پڙھو
  • سچل جهڙا صوفي شاعر دنيا ۾ ورلي ملندا جن مختلف ٻولين تي عبور حاصل ڪيو: قائم علي شاھ

    سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاه چيو آهي ته سچل جو پيغام محبت، پيار ، امن ۽ ڀائيچاري وارو آهي جڏهن ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي تنهن ڪري سنڌ کي لهر نه ڪوئي لوڏو آهي سنڌ هميشه قائم ۽ دائم رهندي، هن چيوته سچل جهڙا صوفي شاعر دنيا ۾ ورلي ملندا جن مختلف ٻولين تي عبور حاصل ڪيو ۽ انهن ٻولين خوبصورت شاعري ڪئي. وڏي وزير اهڙو اظهار اڱاري ڏينهن سچل سرمست جي 190هين عرس جي ٻئي ڏينهن چادر چاڙهڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ۽ محفلِ سماع جي تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته هُو شاگردي ۽ وڪالت واري دور کان سچل جي درگاهه جو پانڌيئڙو رهيو آهي تنهن زماني ۾ سچل اڪيڊمي قائم ڪئي وئي هئي

    وڌيڪ پڙھو
  • صوفين جي درس مذهبي تفريق ۽ جنسي مت ڀيد کي ننديوآهي: ڊاڪٽر سيده نفيسه

    ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر سيده نفيسه چيو آهي ته ملڪ جي صوفين جو پيغام هڪ آفاقي پيغام آهي جنهن ۾ مذهبي رواداري، امن ۽ ڀائيچاري جو درس سمايل آهي. هن چيو ته صوفين جو درس مذهبي تفريق ۽ جنسي مت ڀيد کي ننديوآهي. هن اهڙو اظهار اڄ سومر ڏينهن حضرت عبدالوهاب سچل سرمست جي سالياني 190 عرس مبارڪ جي موقعي تي سچل سرمست جي مزار تي چادر چاڙهڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ سُگهڙ ڪچهري ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه چيو ته صوفين جو پيغام ڪنهن خاص طبقي ۽ علائقي لاءِ ناهي پر سندن درس طبقن ۽ جاگرافي حدن کان بالاتر آهي سندن پيغام ۾ يونيورسلزم سمايل آهين جنهن ۾ مذهبي رواداري، امن، ڀائپي، برداش ۽ صبر جو سبق شامل آهي. هن چيو ته صوفين جي آفاقي پيغام کان متاثر ٿيندي پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد جماعت آهي جنهن ۾ سڄي ملڪ لاءِ يڪسان سياسي پيغام آهي. هن چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جو تعلق سنڌ ڌرتي سان آهي جن جو سياسي پيغام پڻ امن ، ڀائيچاري، مذهبي رواداري آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • نوجوانن کي ملڪ جي ترقي ۾ وڌ ۾وڌ حصو وٺڻ گهرجي: نفيسه شاھ

    ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاه جيلاني چيو آهي ته موجوده جمهوري دور ۾ ملڪ اندر تمام گهڻا ترقياتي ڪم ڪيا ويا آهن جڏهن ته ملڪ جي پوئتي پيل علائقن خاص طور تي فاٽا ۽ گلگت بلتستان جي ماڻهن جي ضرورتن ڏانهن خاص توجهه ڏيندي صدرِ پاڪستان آصف علي زرداري ۽ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني تازي هڪ آئيني مسودي تي صحيح ڪري کين ملڪ جي مکيه سياس ڌارا ۾آندوآهي جتي هُو اليڪشن وسيلي پنهنجا سياسي نمائندا چونڊيندا جنهن جو مثال ماضي ۾ نٿو ملي. هن اهڙو اظهار ناز هاءِ اسڪول۾65 هين جشن آزادي جي مرڪزي تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر نفيسه شاه جيلاني چيو ته موجوده حڪومت منصفاڻوگڏيل مالياتي ايوارڊ ڏئي ملڪ جي ننڍن صوبن کي معاشي احساس محرومي مان نجات ڏياري آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • سيڪريٽري ثقافت سچل سرمست جي رح جي عرس جي انتظامن جو جائزو ورتو

    سيڪريٽري ثقافت عبدالعزيز عُقيلي، ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ ۽ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي جي سيڪريٽري لعل بخش منگي 14 رمضان المبارڪ کان شروع ٿيندڙ حضرت سچل سرمست رح جي 190 هين عرس مبارڪ جي انتظامن جي حوالي سان حضرت سچل سرمست رح جي درگاهه جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري ثقافت، ڊي سي او ۽ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي جي سيڪريٽري ثقافت کاتي پاران نئون تعمير ٿيل سچل ڪامپليڪس، تعمير ٿيندڙ سچل گيسٽ هائوس، محفلِ سماع هال ۽ درگاهه جي ٻين مختلف حصن جي مرمتي توڙي نئين تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي سيڪريٽري ثقافت عبدالعزيز عُقيلي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ٻُڌايو ته سچل سرمست جو 190 هين عرس مبارڪ ثقافت کاتو ۽ سچل سرمست ياگار ڪاميٽي جي گڏيل تعاون سان ملهايو ويندو

    وڌيڪ پڙھو
  • آزادي وڏي نعمت هوندي آهي ۽ زنده قومون پنهنجا قومي ڏينهن جوش و جذبي سان مهلائينديون آهن: ڊي سي او خيرپور

    ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ چيو آهي ته آزادي وڏي نعمت هوندي آهي ۽ زنده قومون پنهنجا قومي ڏينهن جوش و جذبي سان مهلائينديون آهن. هن اهڙو اظهار پنهنجي آفيس ۾ ملڪ جي آزادي جي ڏينهن 14 آگسٽ تي مختلف تقريبون ملهائڻ جي حوالي سان هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊي سي او گڏجاڻي ۾ ٻُڌايو ته 14 آگسٽ تي آزادي جو ڏينهن ڀرپور نموني سان ملهايو ويندو جڏهن ته مرڪزي تقريب ناز هاءِ اسڪول ۾ منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ قومي جهنڊي ڦڙڪائڻ کانسواءِ آزادي جا گيت ، ٽيبلو، تقريرون ۽ ٻيون سرگرميون منعقد ڪيون وينديون. ڊي سي او وڌيڪ ٻُڌايو ته هر تعلقي سطح تي پڻ آزادي جو ڏينهن گرم جوشي سان ملهايو ويندو

    وڌيڪ پڙھو
  • حضرت سچل سرمست رح جي سالياني جي عرس جي موقعي تي خيرپور ۾ موڪل جو اعلان

    آگسٽ 15، 2011 کان شروع ٿيندڙ حضرت سچل سرمست رح جي سالياني 190 هين عرس مبار ڪ جي موقعي تي ضلعي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ هڪ حُڪم نامي ذريعي آگسٽ 15، 2011 بمطابق 14 رمضان المبارڪ 1432 هه تي سڄي ضلعي اندر موڪل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته عرس جي تقريبن جو افتتاح سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه حضرت عبدالوهاب سچل سرمست رح جي مزار تي چادر چاڙهي ڪندو ۽ ان موقعي تي صوبائي وزير اوقاف ڊاڪٽر محمد رفيق ٻانڀڻ، صوبائي گهرو وزير منظور حسين وساڻ، صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو، ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني، ايم اين اي نواب خان وساڻ، ايم اين اي پير سيد فضل علي شاهه جيلاني، ايم پي اي نعيم احمد کرل، ايم پي اي پير سيد محمد بچل شاهه، ايم پي اي پيرسيد پيار علي شاهه، وڏي وزير جو پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو ۽ ٻيون سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون حضرت سچل سرمست جي سالياني عرس جي مختلف تقريبن جا مهمانِ خاص هوندا.

    وڌيڪ پڙھو
  • آبپاشي کاتي اوڀر ڊويزن خيرپور جي واھن بند رکڻ جي پڌرائي

    آبپاشي کاتي اوڀر ڊويزن خيرپور جي ايگزيڪيٽوِ انجنيئر خيرپور فيڊر ايسٽ جي مختلف واهن ۽ ڪئنالن جي وارابندي جو پروگرام جوڙيو آهي جنهن ۾ گروپ پهرين ۾ خان واهه، صدا رنگ واهه، بلاول واهه، گبر مائينر، لُنڊي مائينر، ماڇي مائينر ، ڪلرا کان ٽي مُهي تائين 11 آگسٽ تائين صبح جو 6:00 وڳي تائين بند رهندا. جڏهن ته گروپ ٻئي ۾ ڪلرا مائينر، سانوري مائينر، ڌيندانو مائينر، سون واهه، سنيسا مائنير، موجائي مائينر، جوڻا مائينر، جلالاڻي مائينر کان ڪلرا مائينر تائين جا واهه 12 آگسٽ کان 19 آگسٽ تائين صبح جو 6:00 وڳي تائين بند رهندا ته جيئن پوڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي پهچائي سگهجي ۽ واهن ۾ پوندڙ کنڊن کان پڻ بچي سگهجي.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button