خيرپور

  • ٺري ميرواهه ۾ هڪ روزه مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي

    ڪوٽڏيجي جي پرنس مير مهدي رضا ٽالپر طرفان رورل هيلٿ سينٽر ٺري ميرواهه ۾ هڪ روزه مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي سربراه پرنس مير مهدي رضا ٽالپر پنهنجي طرفان برسات متاثرن جي مدد ڪرڻ لا۽ پاڻ نڪري پيو پرنس مير مهدي رضا ٽالپر پاران برسات متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جو اعلان رورل هيلٿ سينٽر ٺري ميرواهه ۾ مفت طبي ڪئمپ ۾ مختلف مرضن جي ڊاڪٽرن، ليڊي داڪٽرن شرڪت ڪئي مفت طبي ڪئمپ ۾ 1500 سئو کان وڌيڪ مريضن فائدو ورتو ۽ دواعون ورتيون داڪٽرن مريضن جو چڪاس ڪيو ۽ صلاح مشورا پڻ ڏنا مفت طبي ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر ڪرامت علي ، ڊاڪٽر قربان علي سهتو، ڊاڪٽر محمد خان شر ، ڊاڪٽر فضل ميمڻ، ليڊي ڊاڪٽر حسن بانو شر ۽ ليدي ڊاڪٽر حميده خاصخيلي ۽ ٻين مريضن کي چڪاس ڪيو

    وڌيڪ پڙھو
  • خيرپور شهر جا ڪيترائي محلا سوئي گيس جي فراهمي کان محروم

    خيرپور شهر جا ڪيترائي محلا سوئي گيس جي فراهمي کان محروم، رهواسي شهر۾ ٻهراڙي واري زندگي گذارڻ تي مجبور، سوئي گيس انتظاميا رهواسين جي تڪليف جو ڪو به تدارڪ نه ڪيو، احتجاج خبر موجب وزير اعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه جي اباڻي شهر خيرپور ۽ چونڊ تڪ جي مختلف محلن، ڪالونين اُنڙ ڪالوني، ڳاڙهي پُل، پيپلز ڪالوني، سٽيزن ڪالوني، ٽالپر ڪالوني، سچل ٽائون ۽ علائقن جي رهواسي سُئي گيس جي بنيادي سهولت کان محروم ٿي ويا آهن. گذريل ٻن سالن کان سُئي گيس جو پريشر نه هئڻ ڪري رهواسي شهر ۾ رهندي ڪاٺيون ۽ ڇيڻا ٻاري شهر ۾ به ٻهراڙي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن جڏهن ته سُئي گيس انتظاميه کي بار بار شڪايتن ڪرڻ جي باوجود ڪو به کڙ تيل نه نڪري سگهيو آهي جنهن ڪري ڄاڻايل علائقن جا رهواسي سخت پريشاني ۽ مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • ضلعي اندر سرڪاري کاتن توڙي غير سرڪاري تنظيمن پاران برسات متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي: محمد عباس بلوچ

    ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او محمد عباس بلوچ جي صدارت ۾ برسات متاثرن جي بحالي لاءِ ڊي سي او هائوس ڪاميٽي روم ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ اِي ڊي او فنانس اينڊ پلاننگ احمد علي قريشي، اِي ڊ او هليٿ ڊاڪٽر احسان الله سيال، ڊي او روينيو ڪئپٽن انوار ، نيشنل بئنڪ سکر جي ريجنل هيڊ محمد زمان ، نيشنل بئنڪ جي مختلف جنرل مئينجرس آغا بشير احمد پٺاڻ، معشوق علي خواجه، محمد رمضان بلوچ، بشير احمد سنگهڙ ، خيرپور نيشنل بئنڪ جي ايريا مئنيجر ممتاز علي ڀُٽو ۽ مختلف سماجي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ ڊي سي او محمد عباس بلوچ ٻُڌايو ته ضلعي اندر سرڪاري کاتن توڙي غير سرڪاري تنظيمن پاران برسات متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • امداد ڏيڻ سرسو جي حوالي ڪرڻ وڏي غلطي آهي سرسو اڳ ۾ آيل ٻوڏ ۾ رڪارڊ ڪرپشن ڪئي: فقير غلام رسول شر

    فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ ضلع خيرپور جي ڊپٽي جوائنٽ سيڪريٽري انجنيئر فقير غلام رسول شر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته تعلقه ٺري ميرواهه اندر برسات سبب تمام گهڻي تباهي آئي آهي ۽ 90 سيڪڙو فصل تباهه ٿي ويا آهن تعلقه ميرواهه کي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي، انجنيئر فقير غلام رسول شر وڌيڪ چيو ته تعلقه ٺري ميرواهه انتظاميا من پسند ماڻهن کي جنريٽر ڏئي انهن جي ڳوٺن مان پاڻي ڪڍرائي رهي آهي جڏهن ته ڳوٺن ۾ پاڻي سبب مليريا پکڙجي وئي آهي پر ڦوهارو به سفارش تحت ٿي رهيو آهي هن وڌيڪ چيو ته امداد ڏيڻ سرسو جي حوالي ڪرڻ وڏي غلطي آهي سرسو اڳ ۾ آيل ٻوڏ ۾ رڪارڊ ڪرپشن ڪئي ان کان اهو ڪم ڪيو وڃي ڪنهن ايماندار اين جي او کي ڏنو وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران تربيتي ورڪشاپ جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري اختتامي تقريب ٿي گذري

    مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران 5 ڏينهن واري ڪرايل آٽو ڪيڊ (ڪمپيوٽر ايڊيڊ ڊزائن) جي تربيتي ورڪشاپ جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري اختتامي تقريب ٿي گذري، تقريب کي خطاب ڪندي ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته جڏهن اسان پنهنجي روزاني زندگي ۾ چئون ٿا ته اسان گلوبل وليج ۾ رهون پيا ته پوءِ ڇا اسان ان ننڍڙي ڳوٺ جهڙي دنيا جي ترقين مان ڪو فائدو ورتو آهي؟ هن چيو ته اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن لاءِ اهو اڄ جي دور جو وڏو سوال آهي. اڄوڪي هن ڪمپيوٽر جي دور ۾ هر انجنيئر کي مشينري کانسواءِ وقت جي حساب سان ايندڙ نون نون سافٽ ويئرز متعلق به پاڻ کي آگاهه رکڻ گهرجي، ان ضرورت کي محسوس ڪندي اسان اهڙا ورڪشاپ ۽ سيمينار ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • خيرپور جي ٽن تعلقن ۾ برسات جي ڪري ۾ وڌ ۾ وڌ نقصان ٿيو آهي: ڊي سي او

    برگيڊيئر قيصر جي صدارت ۾ ڊي سي او هائوس جي ڪاميٽي روم ۾ ضلعي اندر تازو برساتن جي حوالي سان صورتحال جي جائزي وٺڻ جي لاءِ هڪ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ برگيڊيئر کي ضلعي اندر تازو برساتن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان ۽ حڪومت پاران امدادي ڪمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. گڏجاڻي ۾ ڊي سي او بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته خيرپور ضلعي جا ٽي تعلقا جنهن ۾ فيض گنج، ٺري ميرواهه ۽ نارو شامل آهن انهن ۾ وڌ ۾ وڌ نقصان ٿيو آهي جڏهن ته ٻين تعلقن جا ماڻهو پڻ متاثر ٿياآهن. ڊي سي او ٻُڌايو ته ضلعي اندر ووئنڻن جو فصل ۽ سبزيون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪمند، جوئر، ساريون ۽ ٻيو فصل پڻ 60 سيڪڙو تباهه ٿيو آهي. هن چيو ته ضلعي حڪومت مختلف سماجي تنظيمن جنهن ۾ سنڌ رورل سپرورٽ پروگرام (سرسو) انڊس ريسورس سينٽر (آءِ آر سي) ۽ ٻيون علائقائي توڙي بين الاقوامي سماجي تنظيمن سان گڏجي ضلعي اندر برسات متاثرن جي بحالي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺي رهي آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • نثار احمد شر ٺري ميرواه جي عوام جي ڏکن کي محسوس ڪرڻ جو جذبو ۽ شعور اجاگر ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو آهي

    تعلقي ٺري مير واه جو با صلاحيت نوجوان نثار احمد شر جنهن کي ٺري ميرواه جي عوام جي ڏکن کي محسوس ڪرڻ جو جذبو ۽ شعور اجاگر ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو آهي. هي نوجوان تمام سٺن ڪردارن جو مالڪ ۽ عوام جو هڏ ڏوکي آهي هن مهل تائين تعلقي ٺري مير واه جي غريب عوام ۾ پنهنجي طرفان لکين روپين جي امداد ڏني. نثار احمد شر غريبن ۾ ڪپڙا ورها يا آهن ۽ هي پنهنجي طرفان غريبن مردن ۽ عورتن ۾ راشن جي لاءِ راشن جا پيڪيت به ورهايا. سنڌ ڌرتي تي اهڙا ڪيترائي انسان دوست ۽ غريبن جا مددگار پيدا ٿيندا رهيا آهن جن مان هڪ نثار احمد شر به هڪ بهترين سماجي ورڪر ۽ انسان ذات جي مدد لاءِ هڪ سهڻو مثال ٿي گذرندو. جئين ته نثار احمد شر تعلقه ٺري ميرواه جي يارنهن يونين ڪائوسلن جا دورا ڪيا ۽ انهن جي رهواسين جي ڏک ۾ شريڪ ٿيو.

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪافي حد تائين ٽارگيٽ ڪلنز ۾ گهٽتائي آئي آهي ڪيترائي ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا آهن

    صوبائي صلاحڪار ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻ امتياز حسين شيخ چيو آهي ته ذوالفقار مرزا طرفان فاش ڪيل راض پيپلز پارٽي جو اندورني معاملو آهي پر جيڪي راز ان کوليا آهن انهن جو ازالو ضرورو ٿيڻ گهرجي ڇو ته ان ۾ ڪراچي سميت سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو فائدو ٿيندو. اهڙي ڳالهه هن اڳوڻي صوبائي وزير ۽ فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ ظفر اقبال ٻلال جي خيرپور واري رهائش گاهه تي آيل ڪارڪنن ۽ صحافن سان ڳالهائيندي ڪئي هن چيو ته ڪافي حد تائين ٽارگيٽ ڪلنز ۾ گهٽتائي آئي آهي ڪيترائي ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا آهن هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي عيد جي ڏينهن به پير صاحب پاڳاري جي حڪم تي بدين ۽ ٺٽي پهچي متاثر ماڻهن جي مدد ڪئي ۽ انهن سان عيد گڏ ڪئي

    وڌيڪ پڙھو
  • نفيسه شاهه جيلاني ٺري ميرواهه تعلقي جو دورو ڪيو

    ٺري ميرواهه ۾ مسلسل پيل برسات جي تباهي کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ء اين سي ايڇ ڊي چيئرپرسن نفيسه شاهه جيلاني ، ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر صاحب خان ڀنڊ ٺري ميرواهه تعلقي جو دورو ڪيو ء برسات متاثرين سان ملاقات ڪئي برسات متاثرين پاران امداد ڏيارائڻ ء تعلقي ٺري ميرواهه کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

    وڌيڪ پڙھو
  • پاڪستان پيپلز پارٽي ٺري ميرواهه جي اڳواڻ برسات متاثرين ۾ راشن ء ٻيو سامان تقسيم ڪيو

    پاڪستان پيپلز پارٽي ٺري ميرواهه جي اڳواڻ ء سماجي ورڪر نثار احمد شر پاران ٺري ميرواهه تعلقي جي مختلف ڳوٺن ، شهرن ، برسات متاثر علائقن جو دورو ڪيو ء برسات متاثرين ۾ راشن ء ٻيو سامان تقسيم ڪيو ان موقعي تي پيپلز پارٽي ٺري ميرواهه جي اڳواڻ ء سماجي ورڪر نثار احمد شر چيو ته ٺري ميرواهه ۾ برسات سبب 80 سيڪڙو تباهي آئي آهي تعلقي ٺري ميرواهه کي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي ان وڏيڪ چيو ته تازي برسات سبب ٺري ميرواهه تعلقي جا سمورا فصل تباهه ٿي ويا آهن

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button