خيرپور
-
پ پ پ ڪي ختم ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ اڍورا رهجي ويندا: پي پي صوبائي اڳواڻ
مخالفن شريف ڀائرن اجائي واويلا پيا ڪن،پ پ پ ڪي ختم ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ اڍورا رهجي ويندا،شريف ڀائر موجوده حڪومت جو مدو پورو ٿيندي ڏسي بوکلائجي ويا آهن ۽ عوام سندن اصل چهرا ڏسي ورتا آهن ڇاڪاڻن ت انهن جي سياست ڊونگ تي ٻڌل آهي انهن ڪڏهن عدليا جي آزادي جون ڳالهيون وري ڪڏهن جمهوريت جي بحالي جون ڳلهيون ڪري عوام کي بيوقوف بڻايو آهي هنن اهڙن خيا لن جو اظهار ٺري ميرواه تعلقي اندر مختلف ڳوٺن ظفر علي شر ۽ ٻين ڳوٺن جي دوري دوران پ پ پ جي صوبائي اڳواڻ نثار احمد بلوچ ،حاجي احمد بخش شر ۽ ٻين پ پ پ جي ورڪرن کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
فنڪشنل مسلم ليگ لبير ونگ ضلع جي اڳواڻ فقير غلام رسول شر تعلقه نارو، فيض گنج ۾ فنڪشنل ۾ مسلم ليگ ليبرونگ جي ڪارڪن سان گڏجاڻي
فنڪشنل مسلم ليگ لبير ونگ ضلع جي اڳواڻ فقير غلام رسول شر تعلقه نارو، فيض گنج ۾ فنڪشنل ۾ مسلم ليگ ليبرونگ جي ڪارڪن سان گڏجاڻي ڪئي ان موقعي تي فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ ضلع خيرپور جي ڳواڻ فقير غلام رسول شر انڊس نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ٺري ميرواهه، فيض گنج،جا واپاري ڪاٽن فيڪٽرين جي مالڪن سان ملي ڀڳت ڪري غريب هارين آباد گارن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن ۽ سرڪاري اگهه ڏيڻ بنا صرف 2000 هزار روپين ۾ ڦٽين جو مڻ خريد ڪري رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
پرنس مير مهدي رضا ٽالپر جي سهڪار سان ٽنڊوميرعلي ھڪ مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي ويئي
خيرپور سنڌ برادري جي سربراه پرنس مير مهدي رضا ٽالپر جي سهڪار سان ٽنڊوميرعلي شهر ۾هڪ روزامفت ميڊيڪل ڪيمپ يونين ڪائونسل ٽنڊو مير علي جي آفيس ۾ لڳائي وئي جنهن ۾ ڊاڪٽر ڪرامت حسين ڊاڪٽر غلام حيدر ڦل ليدي ڊاڪٽر تسليم ميمڻ حميدا خاصخيلي شرڪت ڪئي مفت ڪيمپ ۾ 1500 کان وڌيڪ مريضن شرڪت ڪئي جن کي چڪاس ڪرڻ کان پوءِ کين دوائون مفت ۾ ڏنيون ويون ڳن موقعي تي محمد اڪرم ٿيٻو سيد ياسر حسين شاه سيد محمد بچل شاه محمد اقبال سومرو محمد عظيم شر فود احمد شر زاهد حسين ڀٽو ۽ٻين ڪيمپ ۾ حصو ورتو
وڌيڪ پڙھو -
ھڪ ٻارڙي جنھن اسڪول ۾ نه ٿو ويھاريو وڃي
هي تصوير هڪ معصوم نياڻي جي آهي جيڪا صبح سوير گهر مان نڪري پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ نڪري اسڪول طرف اچي ٿي شايد اسڪول انتظاميه طرفان اسڪول ۾ نه ويهارڻ تان هڪ گهٽي ۾ ڪتاب ۽ قلم کڻي پڙهي رهي آهي. سوال اهو آهي ته شهر ۾ وڏي تعداد ۾ نجي اسڪول ۽ گورنمنٽ اسڪول آهن.
وڌيڪ پڙھو -
ٽنڊومير۾علي سجاڳ سماجي اتحاد ايسوسيئيشن طرفان طبي ڪيمپ لڳائي ويئي
سجاڳ سماجي اتحاد ايسوسيئيشن ٺري مير واه پاران نيٽ پاوُو جي تعاون سان عورتن جي بيمارين جي مفت ميڊيڪل ڪيمپ ٽنڊومير علي ۾ لڳائي وئي عورتن کي صحت بابت ڄاڻ ڏني وئي ۽ چڪاس ڪرڻ کان پوءِ دوائون مفت ڏنيون ويون سجاڳ سماجي اتحاد پروجيڪٽ ڊاريڪٽر فرزانا ڪوثر ليڊي ڊاڪٽر فوزيا فائق سونيا قريشي ياسمين عبدالحق عبدالقدوس محمد اقبال سومرو ڪيمپ ۾ شرڪت ڪئي سجاڳ سماجي اتحاد پروجيڪٽ ڊاريڪٽر فرزانا ڪوثر ٻڌايو تعلقا ٺري مير واه جي ٻوڏ متاثر ڳوٺن ۾ مفت ڪيمپون نيٽ پاوُو جي تعاون سان لڳايون ٿيون وڃن جنهن ۾ عبدالمجيد انصاري جو وڌ ۾ وڌ سهڪار آهي
وڌيڪ پڙھو -
ڦٽين جو سرڪاري اگھ ڏياريو وڃي: آبادگار
ڦٽين جو صحيح اگه ڏياريو وڃي ٺري مير واه جي آبادگارن پاران پريس ڪلب ٺري مير واه تائين احتجاجي ما رچ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو واپاري ٻنهي هٿن سان ڦرين ٿا آبادگارن جون داهون آبادگارن حاجي غلام الله شر شير محمد محمد علي شر۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرين اخبار وارن کي ٻڌايو واپاري ملي ڀڳت ڪري اسان آبادگارن سان وڏو ظلم ڪري رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
تعلقي ميرواه جي بدلجندڙ قسمت ۽ ذات پات کان مٿاهون مٽالي ڪردار ادا ڪندڙ نٽار احمد بلوچ.
ٺري ميرواه ۾ برسات سبب ٿيل تاريخي تباهي جون غريب بي سهارا ماڻهن جو داهون ۽ آهون ٻڌي انسانيت سان محبت رکندڙ هڪ مرد مجاهد نٽار احمد بلوچ پنهجي تعلقي جي غريب بي سهارا عوام جي مدد ڪرڻ لاء پهچي ويو. هن باصلاحيت ڪردار رکندڙنوجوان پنهجي هڙئون وڙئون ڊاتي خرچ ڪري تعلقي جي 11 يونين ڪائوسلن جي 15000 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ کاڌي پيتي جو راشن بيگس ۽ روز مره جوسامان روق رقمون ۽ 10 کان وڌيڪ ٽرڪون ورهايون ۽ ڏکئي مصيبت جي گهڙي ۾ متاثرين جي ڀرپور سهائتا ڪئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
2 مهينا گزرڻ باوجود ٺري مير واه انتظاميا ميرس ڪالوني مان برسات جو پاڻي ناهي ڪڍرايو ويو: شھري
ميرس ڪالوني مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرايو ميرس ڪالوني جا سوين شهري معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏوڌرڻو هنيوشهر ٺري ميرواه جي ميرس ڪالوني جي مظاهرين شاهنواز شر وزير علي سومرو رياض احمد سومرو حيدر بخش ملاح ۽ ٻين ٻڌايو 2 مهينا گزرڻ باوجود ٺري مير واه انتظاميا ميرس ڪالوني مان برسات جو پاڻي ناهي ڪڍرايو ويو ۽ هينر 5 کان 6 فوٽ برسات جو پاڻي گهرن ۾ بيٺل آهي جنهن سسب مليريا ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين منهن ڪڍيو آهي هنن ٽي ايم او ٺري مير واه خلاف ڇتي ناريبازي ڪئي ۽ برسات جو پاڻي ڪڍرائن جو مطالبو ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
اصل عبادت غريب ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي: اقبال خان بجاراڻي
سجاڳ سماجي اتحاد ايسوسيئيشن ڪرم پور جي چيئر مين اقبال احمد خان بجاراڻيچيو آهي اصل عبادت غريب ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي انسانيت جي ناتي همدردي ڪرڻ سان روحاني سڪون ملي ٿو اقبال احمد خان بجاراڻي وڌيڪ چيو ٺري مير واه برسات متاثرعلائڪن ۾ مسلسل ٽن مهينن تائين مفت ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون وينديون ۽ برسات متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي انهن جو اهنج اسان جو اهنج آهي برسات متاثرين جي ڏک سک ۾ گڏ آهيون سرمائيدارن کي گهرجي برسات متاثرين جي بنا فرق جي خدمت ڪن .
وڌيڪ پڙھو -
سجاڳ سماجي اتحاد ايسوسيئشن پاران ٺري ميرواھ جي مختلف ڳوٺن ۾ مفت طبي ڪيمپون لڳايون ويون
سجاڳ سماجي اتحاد ايسوسيئشن پاران ٺري ميرواه جي برسات متاثرين جي مختلف ڳوٺن ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾ مفت ۾ ڊليوريون پڻ ڪيون ويون ڳوٺ محب علي شر ڳوٺ حامد لاشاري ڳوٺ ابل ويسر ڳوٺ سجاول فقير لاشاري۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڪيمپون لڳايون مفت ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ڊاڪٽر زڪيا ميمڻ سونيا قريشي عورتن جو چڪاس ڪيو ۽ مفت دوائون فراهم ڪيون ان موقئي تي سجڳ سماجي اتحاد ايسوسيئيشن جي صدر مير اقبال خان بجاراڻي صحافين ڳالهائيندي چيو اسان پنهنجي تنظيم جي پليٽ فارم تحت نج انساني همدردي خاطر مفت ڪيمپون هڻي برسات متاثرين جي مدد ڪري رهيا آهيون
وڌيڪ پڙھو