خيرپور
-
پيرڳوٺ ڊگري ڪاليج 10 شاگرد ڪاپي ڪيس، موبائل فون جو عام استعمال
پيرڳوٺ ڊگري ڪاليج سينٽر ۾ سکر بورڊ آفيس جواوچتو دورو، 10 شاگرد ڪاپي ڪيس، بورڊ انتظاميه شاگردن جا سوين موبائيل فون کسي کڻي وئي، شاگردن جو ڪاليج آڏو ڌرڻو، پرنسپال جو گهيراءُ، ڪار کي سخت نقصان، پيپر جي بائيڪاٽ جو چتاءُ، رپورٽ موجب، اڄ جئين ڊگري ڪاليج پيرڳوٺ امتحاني سينٽر ۾ مئٿ جو پرچو شروع ٿيو ته اوچتو سکر بورڊ جي ٽيم پهچي وئي جنهن سينٽر تي 10 شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪرڻ بعد سينٽر ۾ موبائيل فون آڻيندڙ ڪيترن ئي شاگردن کان موبائيل فون کسي پنهنجي تحويل ۾ وٺي بورڊ ٽيم ساڻ کڻي وئي جنهن تان جيئن پيپر ختم ٿيو ته شاگردن بورڊ انتظاميه جي خلاف پرنسپال آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي شاگردن ڪاليج انتظاميه کان موبائيل فون واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي پرنسپال کين اهو چيو ته موبائيل فون اسان وٽ نه آهن بورڊ انتظاميه پاڻ کڻي وئي آهي جنهن تي شاگردن احتجاج ڪندي پرنسپال جو گهيراءُ ڪري ورتو
وڌيڪ پڙھو -
پير ڳوٺ امتحاني مرڪزن تي ڪاپي جي ڌم
پيرڳوٺ امتحاني سينٽرن تي ڪاپي جي ڌم متل، ڪمشنر سکر ڊويزن ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور پاران پيرڳوٺ ۽ پريالوءِ امتحاني سينٽر جو اوچتو دورو، اسسٽنٽ مختيارڪار ڪنگري سميت 2 استاد معطل، 23 شاگرد ڪاپي ڪيس، امتحاني سينٽر تي عملي ۾ ٿرٿلو، رپورٽ موجب، ڪمشنر سکر ڊويزن انعام الله خان ڌاريجو ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ سکر تعليمي بورڊ جي نگراني هيٺ هلندڙ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن لاءِ امتحاني سينٽر گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول پريالوءِ ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج پيرڳوٺ ۾ اوچتو ڇاپا هنيا ان موقعي ڪمشنر سکر ڊيوٽي ۾ غفلت ڪرڻ تي اسسٽنٽ مختيارڪار ڪنگري عبدالحميد ڪانڌڙو کي ڦوري طور معطل ڪرڻ سان گڏ پريالوءِ سينٽر تي ڪاپي ڪرائڻ تي استاد عبدالحميد ڦلپوٽو کي پڻ معطل ڪري ڇڏيو ۽ 07 شاگردن کي پڻ ڪاپي ڪيس ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
گمبٽ ۾ منعقد ٿيل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شهيد بينظير ڀُٽو ڪرڪيٽ ٽيم کٽي ورتي
سماجي تنظيم سيو دي لائيف گمبٽ پاران سنڌ اسپورٽس بورڊ جي تعاون سان اسرا سي اين جي ڀرسان مشعل بينظير ڀُٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪرائي وئي جنهن ۾ علائقي جي 8 مختلف ٽيمن حصو ورتو جڏهن ته فائنل مئچ سٽي ڪرڪيٽ ڪلب گمبٽ ۽ شهيد بينظير ڀُٽو ڪرڪيٽ ٽيم جي وچ ۾ ٿي گذري جنهن ۾ سٽي ڪرڪيٽ ٽيم مقرر 8 اوورن ۾67 اسڪور ڪيو جڏهن ته شهيد بينظير ڀُٽو ڪرڪيٽ ٽيم 6 اوورن ۾ ٽارگيٽ حاصل ڪري ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ڇڏي. ٽورناميٽ ۾ مهمان خاص جنرل سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي سکر ڊاڪٽر ارشد مغل هو جڏهن ته ڊي او اسپورٽس خيرپور مير محمد ڪلهوڙو، انچارج ڊپٽي ڊائريڪٽر خيرپور صاحب خان ڀنڊ، سماجي اڳواڻ پرويز احمد وساڻ، صحافي حاڪم علي ڀٽي ۽ ٻيا اعزازي مهمان هئا. ٽورنامينٽ جي فائنل مئچ جي کٽيندڙ ٽيم جي ڪپتان شوڪت علي ڦل ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان اسرار احمد شيخ کي ٽرافيون ۽ روڪ انعام ڏنا ويا.
وڌيڪ پڙھو -
سماجي اداري پاران شاگردن ۾ سرٽيفيڪيٽ تقسيم ڪيا ويا
خيرپور ۾ تعليمي ترقي لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي اداري مئڪزيمم ڊوالپمينٽ آرگنائزيشن(ايم ڊي او) پاران ڪمپيوٽر ۽ انگريزي ٻوليءَ جي سکيا جو ڪورس ڪندڙ پهرين بيچ جي پوزيشن هولڊر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ انعام ورهائڻ واري تقريب ايم ڊي او جي آفيس، لڳ چانڊيا موڙ تي ٿي گذري.ڳوٺ سينگار فائونڊيشن جي سربراهه ۽ تقريب جي خاص مهمان نذير احمد اڄڻ پوزيشن هولڊر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽفڪيٽ ۽ انعام ورهايا. ان موقعي تي ڳالهائيندي خيرپور جي ناليواري سماج سڌارڪ نذير احمد اڄڻ چيو ته ايم ڊي او جي ٽيم محدود وسيلن سان ٿوري عرصي ۾ خيرپور اندر ڪمپيوٽر جي تعليم جي ترقي لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
ريڊيو جي اهميت ۽ افاديت کي نه ٿو گهٽائي سگهجي: ڪوثر ٻرڙو
ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻرڙو چيو آهي ته موجوده دور ۾ ڪيترن ئي ٽي وي چينلز جي هوندي به ريڊيو جي اهميت ۽ افاديت نه گهٽجي سگهي آهي جنهن جو ثبوت ٻڌندڙ پاران ريڊيو جي مختلف پرگرامن جي حوالي سان پيغام ۽ خط موڪليا وڃن ٿا. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان خيرپور گذريل 29 سالن ۾ ڪيترائي فنڪار، اداڪار ۽ براڊ ڪاسٽر پيدا ڪيا آهن جيڪي سڄي ملڪ ۾ مشهور آهن. هن اهڙو اظهار ريڊيو پاڪستان خيرپور جي 29 سالگرهه جي موقعي تي ريڊيو پاڪستان خيرپور ۾ سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪوثر ٻرڙو چيو ته ريڊيو پاڪستان خيرپور جي نشريات جلد سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ڪوششن ۽ مالي سهڪار سان ميڊيم ويوز تي شروع ڪئي ويندي ۽ ريڊيو جا ملازم پنهنجون ذميواريون نڀائيندي سٺو ڪم ڪري رهيا آهن جن جي ڪوششن سان ريڊيوجي ٻڌندڙن لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا ويا آهن جن کي نه صرف ٻڌندڙ دلچسپي سان ٻڌن ٿا پر فون ڪال ڪري حصو وٺي پنهنجي راءِ جو اظهار پڻ ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ريڊيو پاڪستان اندر مختلف ماڻهن جي سهڪار سان ريڊيو جي مشهور فنڪارن، صداڪارن ۽ اداڪارن جي ياد گار تصويرن جي هڪ گئلري…
وڌيڪ پڙھو -
موجوده حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي: نثار احمد کهڙو
وقتي گورنر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته موجوده حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته انسان سڄي زندگي مختلف ذريعن کان علم جي اُڄ اُجهائيندو رهي ٿو. هن چيو ته موجوده حڪومت امن امان کي بهتر ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن اهڙو اظهار هن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڇهين ڪانووڪيشن ۽ سلور جوبلي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي گذريل 25 سالن کان علائقي واسين کي اعلى تعليم جهڙي زيور سان نوازي رهي آهي جڏهن ته سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جا صوبي جي مختلف ضلعن اندر ڪئمپس قائم ڪيا ويندا ان سلسلي ۾ ڪراچي يونيورسٽي جا نوشهروفيروز ۽ ٿرپارڪر ۾ ڪئمپس کوليا ويندا.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور شهر ۾ 17 مارچ 2012 تي خيرپور فيسٽيول 2012 منعقد ڪيو پيو وڃي، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ چيو آهي ته خيرپور ضلعي جي عوام کي تفريح جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميه خيرپور پاران هن سال به خيرپور شهر ۾ 17 مارچ 2012 تي خيرپور فيسٽيول 2012 منعقد ڪيو پيو وڃي جنهن جو افتتاح سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪندو جڏهن ته فيسٽيول جي اختتامي تقريب ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني مهمانِ خاص هوندي. جڏهن ته 17 مارچ کان شروع ٿيندڙ هڪ هفتي تائين هلندڙ خيرپور فيسٽيول جي مختلف پروگرامن ۾ سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن جا وزير ۽ خيرپور ضلعي سان واسطو رکندڙ چونڊيل عوامي نمائندا شرڪت ڪندا. ڊي سي خيرپور ٻُڌايو ته خيرپور فيسٽيول 2012 جا مختلف پروگرام ۽ مختلف تقريبون ڪرنل شاهه هاسٽل گرائونڊ، گورنمينٽ وومين ڪاليج، شهيد بينظير ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر، گورنمينٽ ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول خيرپور، سچل آڊيٽوريم، ممتاز گرائونڊ، لقمان هاڪي گرائونڊ خيرپور ۽ ٻين جاين تي منقعد ڪيون وينديون.
وڌيڪ پڙھو -
چانسلر نذير مغل کي هٽائڻ ۽ استادن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ جساف پاران ٻاهتر ڪلاڪن لاءِ ڪيل بک هڙتال جاري
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائس چانسلر نذير مغل کي هٽائڻ ۽ استادن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ جساف پاران ٻاهتر ڪلاڪن لاءِ ڪيل بک هڙتال جاري سندن بک هڙتالي ڪيمپ تي استاد، سماجي اڳواڻ به حمايت ۾ ويٺا خبر موجب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائس چانسلر نذير مغل کي هٽائڻ ۽ استادن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ جساف پاران ٻاهتر ڪلاڪن لاءِ ڪيل بک هڙتال سيشن ڪورٽ ۽ پريس ڪلب اڳيان جاري سندن بک هڙتالي ڪيمپ تي ويٺل جساف جي شاگردن صفدرتنيو، ميرحسن لاشاري، محبوب بڙدي، جي ايم سيال، عادل لنڊ ۽ ٻين سان گڏ جسقم ضلع خيرپور جو صدر امجد مهيسر، جساف جو نائب صدر امتيازجسڪاڻي، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جا استاد، سماجي اڳواڻ به حمايت ۾ ويٺا. جڏهن ته بک هڙتال تي ويٺل شاگردن صفدر تنيو، ميرحسن لاشاري، محبوب بڙدي، جي ايم سيال، عادل لنڊ، امجد دستي، جي ايم کوسو، صدام ملاڻو ۽ آصف لکڻ جو بلڊ پريشر گهٽجي وڃڻ سبب کين ڊاڪٽرن ڊرپون لڳايون.
وڌيڪ پڙھو -
موجوده حڪومت جي ڪوششن سان سکر بئراج جو ڪجهه مرمتي ڪم ڪرايو ويو آهي، قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي نعيم احمد کرل جي ڀاءُ ڊاڪٽر سليم احمد کرل جي چاليهي ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان موقعي تي فوتي ڊاڪٽر سليم احمد کرل جي ايثال روح کي ثواب لاءِ دُعاِ مغفرت پڻ گهري وئي. ان کان اڳ چاليهي جي موقعي تي سنڌ جو گهرو وزير منظور حُسين وساڻ، ايم اين اي پير فضل علي شاهه، ڪمشنر سکر انعام الله ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، ڊي آءِ جي غلام النبي ميمڻ، اڳوڻو سيڪريٽري ثقافت عبدالقادر منگي، ۽ ٻين کاتن جي مختلف کاتن جي عملدارن، سياسي سماجي شخصيتن، اديبن ۽ صحافين مرحوم ڊاڪٽر سليم احمد کرل جي چاليهي ۾ شرڪت ڪري سندس پوئنرن سان همدردي جو اظهار ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
موجوده حڪومت جي ڪوششن سان سکر بئراج جو ڪجهه مرمتي ڪم ڪرايو ويو آهي، قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي نعيم احمد کرل جي ڀاءُ ڊاڪٽر سليم احمد کرل جي چاليهي ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان موقعي تي فوتي ڊاڪٽر سليم احمد کرل جي ايثال روح کي ثواب لاءِ دُعاِ مغفرت پڻ گهري وئي. ان کان اڳ چاليهي جي موقعي تي سنڌ جو گهرو وزير منظور حُسين وساڻ، ايم اين اي پير فضل علي شاهه، ڪمشنر سکر انعام الله ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، ڊي آءِ جي غلام النبي ميمڻ، اڳوڻو سيڪريٽري ثقافت عبدالقادر منگي، ۽ ٻين کاتن جي مختلف کاتن جي عملدارن، سياسي سماجي شخصيتن، اديبن ۽ صحافين مرحوم ڊاڪٽر سليم احمد کرل جي چاليهي ۾ شرڪت ڪري سندس پوئنرن سان همدردي جو اظهار ڪيو.
وڌيڪ پڙھو