خيرپور
-
امڪاني برسات ۽ ٻوڏ جي حوالي سان خيرپور ضلعي جي ڪچي واري علائقن ۾ انتظاميه جو دورو
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ، رينجرز جي ميجر شهباز، آبپاشي کاتي جي ايگزيڪيٽوِ انجنيئر بهادر خان اڄڻ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن سانوڻي جي امڪاني برسات ۽ ٻوڏ جي حوالي سان خيرپور ضلعي جي ڪچي واري علائقن ۾ مختلف بچاءُ بندن جو معائنو ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
نادرا جون ٽيمون مختلف علائقن جو دورو ڪنديون
ڊپٽي ڊائريڪٽر (ايم آر ويز) نادرا ريجنل هيڊ ڪوارٽر سکر، خيرپور ضلعي جي مختلف يونين ڪائونسلن اندر ماڻهن کي سندن علائقن ۾ قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ نادرا جي موبائيل وينز جو شيڊيول پڌرو ڪندي ڄاڻايو آهي
وڌيڪ پڙھو -
پير جو ڳوٺ: اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري عدالت ۾ پيش
وڏا مهيسر مان اغوا بعد اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري عدالت ۾ پيش، عدالت پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ نوٽيس جاري، ناري جو ميڊڪل چيڪ اپ پڻ ڪرايو ويو
وڌيڪ پڙھو -
عام واھپي جي شين جي قيمتن جي مقرري لاءِ ڊي سي گڏجاڻي ڪئي
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ضلعي اندر عام واهپي کاڌي پيتي جي شين جي اگهن جي مقرري جي حوالي سان درٻار هال ڊي سي آفيس خيرپور ۾گڏجاڻي ٿي گُذري
وڌيڪ پڙھو -
پيرڳوٺ ۾ محفل موسيقي
پيرڳوٺ ۾ محفل موسيقي، نجمه ناز، منير عباسي ۽ ٻين سڄي رات سر وکيري خوب داد حاصل ڪيو، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ جي پرائمري اسڪول نمبر 1 ۾ محفل موسيقي ڪرائي وئي جنهن ۾ ناليوارن فنڪارن نجمه ناز، منير عباسي، سرمد اقبال، سعيد ملاح ۽ ٻين سڄي رات سرن جي ورکا ڪري خوب داد حاصل ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
پيرڳوٺ: ناريجا ڪليري ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ٿي ويو
پيرڳوٺ لڳ ناريجا- ڪليري ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ٿي گذريو، مجموعي طور ڌرين ساڍا 23 لک رپيه ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ، علائقي ۾ خوشي جي لهر
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور: سول اسپتال جي مريض عورت کي اسپتال مان ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو
سول اسپتال خيرپور جي ڊاڪٽر پيرڳوٺ واسڻ ڪاري ڪامڻ جي مريضه کي اسپتال مان ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو، عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، عورت جو پيرڳوٺ ۾ صحافين آڏو احتجاج، ڊاڪٽر خلاف ڪاروائي ۽ واهر جي اپيل
وڌيڪ پڙھو -
پيرڳوٺ ۾ هيپاٽائيٽس کان بچاءُ لاءِ مفت ڪيمپ لڳائي وئي
پيرڳوٺ ۾ سماجي تنظيم پاران هيپاٽائيٽس کان بچاءُ لاءِ مفت ڪيمپ لڳائي وئي، 700 مريضن جون ٽيسٽون ڪرڻ سان گڏ کين مفت ويڪسين پڻ ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ کي خوفناڪ باهه، 7 گهر سڙي
پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ کي خوفناڪ باهه، 7 گهر سڙي ، 50 لک ماليت جو سامان پڻ سڙي ويو، متاثرن کلي آسمان هيٺ ويٺل، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ سڪندر آباد (ڪانهر) ۾ اوچتو ڳوٺ کي بجلي جي تارن مان باهه وڪوڙي وئي
وڌيڪ پڙھو -
پورهيت جي معصوم نينگري دل جي سوراخن واري بيماري ۾ متبلا، سرندي وارن کي سھڪار جي اپيل
پيرڳوٺ لڳ پورهيت جي معصوم نينگري دل جي سوراخن واري بيماري ۾ متبلا، علاج ڪرائڻ کان قاصر، سرڪار ۽ سرندي وارن کان واهر جي اپيل
وڌيڪ پڙھو