گھوٽڪي
-
پهرين لائين جي بندن جي مرمت جو ڪم جون جي آخري هفتي ۾ مڪمل ٿي ويندو: تي ڊائريڪٽر سيڊا
جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجي آفيس جي ڪاميٽي روم ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر سيڊا ڊي سي او کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پهرين لائين جي بندن جي مرمت جو ڪم جون جي آخري هفتي ۾ مڪمل ٿي ويندو جڏهن ته ٻئين لائين جو ڪم جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ مڪمل ٿي ويندو. ان موقعي تي ڊي سي او ايريگيشن ۽ سيڊا جي عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو فوري طور تي بندن جي مرمت جو ڪم مڪمل ڪن ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ۽ سستي برداشت نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي هن ڊي پي او کي چيو ته هو بندن تي ڪم ڪندڙ عملدارن ۽ مزدرون لاءِ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي ته جيئن هو آساني سان ڪم ڪري سگهن.
وڌيڪ پڙھو -
گهوٽڪي ضلعي جي 87 تعليمي ادارن ۾ مورا اسڪالرشپ جا 6 لک 24 هزار 990 روپين جا چيڪ ورهايا ويا
چيئرمين سنڌ زڪوات ڪائونسل جسٽس (رٽائرڊ) زاهد قربان الوي گهوٽڪي ضلعي جي 87 تعليمي ادارن ۾ مورا اسڪالرشپ جا 6 لک 24 هزار 990 روپين جا چيڪ ورهايا جن ۾ گورنمينٽ اين ڊي وي اي اسڪول گهوٽڪي لاءِ 147978، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ملوڪ شيخ لاءِ 27000، گورنمينٽ پرائمري اسڪول عادلپور لاءِ 90000، گورنمينٽ هاءِ اسڪول عادلپور لاءِ 52548، گورنمينٽ (پي) هاءِ اسڪول گهوٽڪي لاءِ 53214، گورنمينٽ پرائمري اسڪول انورآباد لاءِ 213300 ۽ گورنممينٽ پرائمري اسڪول گهوٽڪي لاءِ 40950 ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گهوٽڪي ۾ 479250 روپين جا چيڪ ورهايا ويا. ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ٻار اسان جو مستقبل آهن انڪري گورنمينٽ جي اسڪولن کي بهتر کان بهتر بڻائي اسڪولن جي ماحول کي خوشگوار بڻايو وڃي ۽ استادن پنهنجو ڪردار ادار ڪرڻ گهرجي جڏهن ته اسان جي ٽيم سنڌ جي 23 ضلعن ۾ ڪم ڪري رهي آهي
وڌيڪ پڙھو -
پروين مهر جو ٽن مهينن جو حمل ڪيرايو ويو،نرس ۽ دائي گرفتار
پيار جو پرڻو ڪندڙ پروين مهر جو ٽن مهينن جو حمل والدين پاران ضايع ڪرائڻ لاءِ پروين مهر کي ميرپورماٿيلو آندو ويو، پريمڪا جو 3 مهينن جو حمل ضايع، ميرپور ماٿيلو پوليس پروين مهر کي پوليس هٿ ڪري ورتو، ڊاڪٽرياڻي، نرس سميت 3 ڄڻا گرفتار، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. پروين مهر پاران پنهنجي مڙس رياض مهر ڏانهن وڃڻ لاءِ دانهون، منهنجو پي علي محمد مهر ۽ منظور مهر ۽ ٻين منهنجو 3 مهينن جو حمل ضايع ڪرائي منهنجي ٻار جا قاتل بڻجي ويا آهن. ۽ هاڻي منهنجي جان جا ويري بڻيل آهن ۽ مون کي قتل ڪري ڇڏيندا، تحفظ فراهم ڪري انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، پروين مهر، تفصيل موجب ڪجهه مهينا اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ پروين مهر جو ٽن مهينن جو حمل والدين پاران ضايع ڪرائڻ لاءِ پريمڪا پروين مهر جو 3 مهينن حمل نرس شوڪت سرفراز دائي ۽ نرس مختياران شيخ ضايع ڪري ڇڏيو آهي. اطلاع تي ميرپورماٿيلو پوليس پريمڪا پروين مهر کي ريلوي اسٽيش نوٽ هٿ ڪري ورتو آهي. جنهن بعد پريمڪا جي چوڻ تي حمل ضايع ڪندڙ نرس شوڪت سرفراز، نرس مختياران شيخ ۽ موج علي مهر کي گرفتار ڪر ورتو آهي. جڏهن ته آخري اطلاع تائين ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي…
وڌيڪ پڙھو -
هر علائقي ٿر، بر ڪچي ۽ پڪي ۾ پهرين مرحلي ۾ 5 اپريل کان 19 اپريل تائين گهر شماري ڪئي ويندي : ڌاريجو
گهوٽڪي : ايم پي اي ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو ۽ ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي گهوٽڪي ۾ گهوٽا مارڪيٽ جي غريب آباد محلي ۾ آدم شماري 2011 جي پهرين مرحلي ۾ گهر شماري جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي جي هر علائقي ٿر، بر ڪچي ۽ پڪي ۾ پهرين مرحلي ۾ 5 اپريل کان 19 اپريل تائين گهر شماري ڪئي ويندي جڏهن ته سيپٽمبر 2011 ۾ ٻئين مرحلي دوران آدم شماري ڪئي ويندي ان سلسلي ۾ عملي کي سخت هدايتون ڪيون ويون آهن ته جيئن ڪوبه ماڻهو رهجي نه وڃي. ان سلسلي ۾ ڊي سي او آفيس گهوٽڪي ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو گهر شماري کان رهجي وڃي ته هو ڪنٽرول روم تي اهڙو اطلاع ڪن ته جيئن عملي کي ان علائقي تائين پهچائي سگهجي. هن وڌيڪ ڳالهائيندي ماڻهن کي گذارش ڪئي ته هو آدم شماري دوران عملي کي صحيح انگ اکر فراهم ڪن ڇاڪاڻ ته صحيح انگ اکر هئڻ جي ڪري ضلعي گهوٽڪي جي آئنده ترقياتي ڪمن ۽ انهن کي فنڊ سٺي نموني ملي سگهن. ان موقعي تي ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي ڳالهائيندي چيو…
وڌيڪ پڙھو -
ڊي سي او ڪيڊٽ ڪاليج جو دورو ڪيو
گهوٽڪي: ڊي سي او/ چيئرمين فنانس ڪاميٽي ڪيڊٽ ڪاليج گهوٽڪي زاهد علي عباسي جي صدارت هيٺ فنانشل ڪاميٽي جو هڪ اجلاس منقعد ٿيو جنهن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسيپال نسيم ميمڻ 1 ڪروڙ 73 لک 42 هزار 750 روپيه خساري واري بجيٽ پيش ڪئي جنهن ۾ ڪاليج جي ڪل آمدني 98 لک 14 هزار 140 روپيه آهي جڏهن ته خرچ 2 ڪروڙ 71 لک 56 هزار 890 روپيه آهي جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي. تفصيل موجب پگهارن لاءِ 93 لک 92 هزار 870 روپيه، مختلف تعليمي سرگرمين لاءِ 13 لک روپيه، لائبريري لاءِ 50 هزار روپيه، ميس لاءِ 34 لک روپيه، پلي گرائونڊ لاءِ 1 لک 50 هزار روپيه، ڪيڊٽس جي انعامن لاءِ 50 هزار روپيه، قومي ۽ والدين وارن ڏينهن لاءِ 1 لک روپيه، راندين لاءِ 2 لک روپيه، اسٽڊي ٽوئر لاءِ 1 لک روپيه، سائنس ليبارٽري جي لاءِ 1 لک روپيه، جمناسٽڪ لاٰءِ 3 لک روپيه، بينڊ جي آلات لاءِ 2 لک روپيه، فائر فائيٽنگ جي ساز و سامان لاءِ 50 هزار روپيه ۽ لائبريري جي ڪتابن لاءِ 50 هزار روپيه رکيا ويا آهن. ان موقعي تي ڊي سي او ٻڌايو ته ضلعي حڪومت پاران ڪيڊٽ ڪاليج جي ٻارن لاءِ مستقل ڊاڪٽر ۽ دوا دارون جو…
وڌيڪ پڙھو -
ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي نيو بس اسٽينڊ، پراڻي بس اسٽينڊ سميت تعلقي گهوٽڪي جي روڊ ڊيولپمينٽ اسڪيمن جو دورو ڪيو
گهوٽڪي: ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي نيو بس اسٽينڊ، پراڻي بس اسٽينڊ سميت تعلقي گهوٽڪي جي روڊ ڊيولپمينٽ اسڪيمن جو دورو ڪيو دوري دوران ڊي سي او ٽي ايم او گهوٽڪي کي هدايت ڪئي ته ڊي او فاريسٽ سان گڏجي مسافرن جي سهولت ۽ ماحوليات جي آلودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ بس اسٽينڊ جي پاسن تي وڻڪاري ڪئي وڃي ۽ لان ٺاهيو وڃي، بس اسٽينڊ تي خراب موٽر جي رپيئرنگ ڪرائي پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست ڪيو وڃي، مسافرن جي ويهڻ لاءِ بينچن جو انتظام ڪيو وڃي. ۽ اسٽريٽ لائيٽن کي ورڪنگ ۾ آندو وڃي ، بس اسٽينڊ تي موجود دوڪان الاٽ ڪري لسٽ فراهم ڪئي وڃي ۽ روزانون جي بنيادن تي صفائيءَ جو جائزو ورتو وڃي. جڏهن ته هن ڊي او روڊس کي هدايت ڪئي ته بس اسٽينڊ جي اکڙيل روڊ واري حصن کي رپيئر ڪرايو وڃي ۽ رحمووالي پارڪ جي روڊ جو ڪم 8 محرم کان اڳ مڪمل ٿيڻ گهرجي ۽ حسين ٻيلي روڊ جي مرمت ڪئي وڃي. ان موقعي تي هن اي ڊي او ورڪس کي هدايت ڏيندي چيو ته هڪ هفتي اندر پراڻي بس اسٽينڊ واري جڳهه تي ڪلاڪ ٽاور تعمير ڪرڻ جي اسٽيٽمينٽ مڪمل ڪيو وڃي. جڏهن ته هن ڊي ڊي او روينيو…
وڌيڪ پڙھو -
ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي جي صدارت ۾ پوليو جي روڪ ٿام جي ميٽنگ
گهوٽڪي: ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي جي صدارت ۾ ڪاميٽي روم ميرپور ماٿيلو ۾ پوليو مطعلق ميٽنگ ٿي گذري. ميٽنگ ۾ پوليو مهم جي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسان وٽ 750 ليڊي هيلٿ ورڪر آهن جن مان 731 ليڊي هيلٿ ورڪر ورڪنگ ڪن ٿيون جڏهن ته نومبر ۾151 ٻار مختلف سببن جي ڪري رهجي ويا آهن. ان موقعي تي ڊي سي او، اي ڊي او هيلٿ کي هدايت ڏيندي چيو ته رهجي ويل 151 ٻارن جي لسٽ فراهم ڪئي وڃي ڇو ته انهن کي ڪنهن به حالت ۾ پوليو جا قطرا پيارڻا آهن ۽ جنهن يونين ڪائونسلن ۾ ايريا انچارج جي ڪارڪردگي بهتر ناهي انهن کي وارننگ طور شوڪاز نوٽيس ڏنا وڃن ڇو ته خراب ڪاڪردگي ڏيکاريندڙ ايريا انچارجن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊي سي او چيو ته پوليو مهم دوران روينيو، پاپوليشن سميت تعليم کاتي جي عملدارن جون ڊيوٽيون لڳايون وينديون. ڇو ته پوليو هڪ انتهائي اهم مسئلو آهي جنهن ۾ سنجيدگي ۽ سچائي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي هن ڀيري ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ٿي ڪري سگهجي، ان وڌيڪ چيو ته پوليو بابت ميٽگيون ٿينديون رهنديون ۽ پوليو ٽيمن کي پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪيو ويندو ته…
وڌيڪ پڙھو