مورو
-
مورو ۾ وڌندڙ بد امني، پاڻي جي کوٽ ۽ بي روزگاري خلاف قومي عوامي تحريڪ احتجاجي مظاهرو
مورو ۾ وڌندڙ بد امني، پاڻي جي کوٽ، بي روزگاري، مهانگائي، ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن، بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ، تعليم، صحت ۽ ڊرينيج جي تباهي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مورو ۾ قومي عوام تحريڪ پاران احتجاجي مظاهرو ڪري گچيرو روڊ کان هڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جو گشت ڪندي مورو ميڊيا سينٽر اڳيان پهتو جتي اڳواڻن ڪارڪنن پاران ڌرڻو هنيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
مورو: اسسٽنٽ ڪمشنر پاران مھانگائي خلاف اوچتو ڇاپا، کليل ھوٽل بند ڪرايا
مورو شهر ۾ رمضان شريف جو احترام نه ڪندڙ هوٽلن ۽ روز مرھ جي شين جا اگھ چوٽ ڪري هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف اڄ ٽئين ڏينهن به اسسٽنٽ ڪمشنر مورو ڊاڪٽر سيد محمد علي شاھ زيدي روينيو عملي ۽ پوليس جي نفري ساڻ ڪري مورو شهر جي مختلف هنڌن تي اوچتا ڇاپا هڻي کليل هوٽلن کي بند ڪرائي مٿن رمضان شريف جو احترام نه ڪرڻ تي سندن مٿان ڏنڍ وڌا
وڌيڪ پڙھو -
مورو: مھانگائي چوٽ چڙھيل، مئجسٽريٽ جا ڇاپا، رمضان جو احترام نه ڪندڙن تي ڏنڊ
مورو شهر ۾ رمضان شريف جو احترام نه ڪندڙ هوٽلن ۽ روز مرھ جي شين جا اگھ چوٽ ڪري هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف اڄ قائم مقام جوڊيشنل مئجسٽريٽ ۽ سول جج مورو پرديب ڪمار، اسسٽنٽ ڪمشنر مورو ڊاڪٽر سيد محمد علي شاھ ۽ ڊي ايس پي مورو محمد ايوب هاليپوٽو پوليس نفري ۽ روينيو عملي سان گڏجي مورو شهر جي قومي شاهراھ جي مختلف هنڌن تي اوچتا ڇاپا هڻي کليل هوٽلن کي بند ڪرائي مٿن رمضان شريف جو احترام نه ڪرڻ تي سندن مٿان ڏنڍ وڌا
وڌيڪ پڙھو -
وانا جي ٻاهران ڪئمپون هنيون وڃن آءِ ڊي پيز کي سنڌ ۾ امداد ڏيئي نه رهايو وڃي، جساف
وانا وزيرستان ۾ فوجي آپريشن ڪري دهشتگردن کي چٿڻ ۾ حڪومت جي سنجيده آهي ته وانا جي ٻاهران ڪئمپون هنيون وڃن انهن کي سنڌ ۾ امداد ڏيئي نه رهايو وڃي ڇاڪاڻ ته جيڪي پناهگير 1500 ڪلوميٽر پنڌ ڪري ڌاريا ڪراچي ۾ جيڪي اچن ٿا اهي وانا وزيرستان ۾ ڪنهن به صورت ۾ واپس وڃڻ لاءِ نه آهي ٿيندا
وڌيڪ پڙھو -
مورو: دادو مورو پل تي نوجوان سنڌو درياءَ ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
مورو ڀرسان دادو مورو پل تي نوجوان سنڌو درياءَ ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو جڏهن ته اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته نوجوان خودڪشي کان اڳ ۾ پنهنجي قميص جيڪا آسماني رنگ جي هئي اها لاهي اڇلي جنهن ۾ لکت وارو پنو به ڏسڻ ۾ آيو
وڌيڪ پڙھو -
شرميلا فاروقي جي تعصباڻي رويي خلاف مورو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
سنڌي ادبي سنگت مرڪزي جي سڏ تي سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو پاران ثقافت کاتي سنڌ پاران مستحق شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن جي علاج جا پئسا غير مستحق ۽ من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ واري عمل ۽ شرميلا فاروقي جي تعصباڻي رويي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
وڌيڪ پڙھو -
مورو: ڀلاري مهيني جي اچڻ شرط منافع خور واپارين شين جا اگھ ٻيڻا ڪري ڇڏيا
مورو شهر ۾ رمضان جهڙي ڀلاري مهيني جي اچڻ شرط منافع خور واپارين پنهنجي شين جا اگھ ٻيڻا ڪري هٿرادو مهانگائي ڪري روزائتن غريب ماڻهن مسڪين ماروئڙن مزدورن ۽ پورهيتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
مورو کان حيدرآباد ويندڙ ڪار جو مسافر ڪوچ سان ٽڪر، 5 فوت
مورو کان حيدرآباد ويندڙ ميمڻ برادري سان تعلق رکندڙ سياسي سماجي اڳواڻ ۽ ميمڻ برداري جي معزز شخصيت الطاف ميمڻ جي ڪار جو سڪرنڊ باءِ پاس وٽ تيز رفتار مسافر ڪوچ سان حادثو پيش آيومسافر ڪوچ ڪار جي مٿان چڙهي وئي
وڌيڪ پڙھو -
مورو: سياستدان عيد ملھائڻ لاءِ پنھنجن بنگلن تي پھتل
مورو جا ڪهڙا ڪهڙا سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ عيدالاضحىٰ ڪٿي ڪٿي ملهائيندا، عيد جي خوشين ۾ ماڻهن سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ سڀ پنهنجن پنهنجن بنگلن تي پهتل آهن ۽ عيد جا ٽئي ڏهاڙا سياستدان ماڻهن سان عيد ملندا ۽ عيد جون مبارڪون وصول ڪندا
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ۾ وڌندڙ طالبانيت سامراج جي والار جو حصو آهي، سيمينار کي خطاب
مورو جي ساڃاھ وند ڌرين بنياد پرستي کي سماج جو ناسور قرار ڏئي ڇڏيو هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ طالبانيت سامراج جي والار جو حصو آهي ان جي خاتمي لاءِ عوام دوست سياسي سرگرمين کي زور وٺرائڻو پوندو ۽ ڀوري ڀيل جي لاش جي بي حرمتي سنڌ جي مذهبي رواداري تي حملو آهي
وڌيڪ پڙھو