سنڌ سماچار
-
سنڌ ۾ انجنيرئنگ،ميڊيڪل ۽ جنرل يونيورسٽين جو ڄار وڇايو ويو، قائم علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته،خيرپور ۾ کوليل مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ڪئمپس سان تر جي نه رڳو تعليمي ترقي ٿيندي پر،سڄي علائقي جي سماجي ۽ معاشي ترقي پڻ ٿيندي.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي مان بيحد مطمئن ۽ خوش آهي، قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي دورِ حڪومت کانپوءِ پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت ملڪ جي خوشحالي جي وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون آهن جڏهن گذريل 15 سالن ۾ روزگار نه ملڻ ڪري ماڻهو روزگار لاءِ پريشان هئا
وڌيڪ پڙھو -
شهدادڪوٽ ۾ ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي ويئي
شهدادڪوٽ ۾ ايڇ آر ڊي ايس ۽ سائيٽ سيوَرز اسلام آباد پاران ڳوٺ سيلرا،ڪُورَ ڏاتو ۾ ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ لاڳائي وئي
وڌيڪ پڙھو -
دادو: پاڪستان مسلم ليگ(ن) پاران يوم نجات ملهايو ويو
پاڪستان مسلم ليگ(ن) پاران يوم نجات ملهايو ويو، هزارين ڪارڪنن مسلم ليگ(ن) سنڌ جي اڳواڻ لياقت جتوئي،حامد ڀنڊ، انور لغاري، ڊاڪٽر بنده علي لغاري، سيد ظفر شاهه جي اڳواڻيءَ ۾مردن توڙي عورتن ريلي ڪڍي، رقص ڪيو ۽ مٺائي تقسيم ڪئي وئي.
وڌيڪ پڙھو -
دادو ۾ جمھوريت جي 5 سالن جي خوشي ۾ ريلي
سپاف، پ پ يوٿ، پ پ هاري ڪاميٽي دادو پاران سوين ڪارڪنن جمهوري حڪومت جا پنج سال پورا ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ گل حسن قمبراڻي، ايم عمر پنهور عدنان جويو، امير سولنگي جي اڳواڻيءَ ۾ ميونسل پارڪ کان ايس پي چوڪ تائين ريلي ڪڍي، خوشيءَ ۾ فائرنگ ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
پوليس جو شھري تي تشدد، چيف جسٽس کي اپيل
شهر جي ذڪريا ڪالوني جي رهواسي ريلوي ملازم روشن علي چانڊيو پنهنجي رهائش تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 4 ڏينهن اڳ آئون پنهنجي گهر ۾ ويٺو هئس ته اوچتو ڊي ايس پي ڏوڪري شوڪت شاهاڻي ۽ ايس ايڇ او باڊهه خالد سرڪي پوليس اسٽالن سميت چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي منهنجي گهر ۾ ڌاڙيلن جيان گهڙي آيا
وڌيڪ پڙھو -
حسينيت جي راهه تي هلندي ڀٽن عوام لاءِ جانيون ڏنيون، سيد نويد قمر
وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو آهي ته شهيد راڻي جو اڃان رت نه سڪو آهي ۽ اسان سدائين سينن تي گوليون کائڻ وارن مان آهيون ڪڏهن به پٺي نه ڏني آهي ، حسينيت جي راهه تي هلندي ڀٽن عوام لاءِ جانيون ڏنيون آهن
وڌيڪ پڙھو -
وفاقي حڪومت 16 مارچ رات 12 بجي تائين تحليل ڪئي ويندي، خورشيد شاهه
وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت 16 مارچ رات 12 بجي تائين تحليل ڪئي ويندي، جڏهن ته اسيمبلين جون الڳ الڳ تاريخون آهن، نگران وزير اعظم جو اعلان جلد ڪيو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: اتر سنڌ ۾ ڪڻڪ جي لاباري لاءِ تياري
اتر سنڌ جي ضلعي خيرپور ، نوشهروفيروز ۽ سکر ۾ لکين ايڪڙ زمين تي پوکيل ڪڻڪ جي فصل ۾ لابارو شروع ٿيڻ کان اڳ ڪڻڪ جي ڪٽائي ۽ صفائي لاءِ مشينري ۽ ڏاٽا ٺپڻ وارو ڪم تيز ٿي ويو مسترين ۽ لوهارن وٽ رش وڌي وئي سيزن شروع ٿيڻ تي مسترين ۽ لوهارن اگهه وڌائڻ سان گڏ اگهه وڌائڻ سان گڏ ناز ۽ نخرا ڪرڻ لڳا.
وڌيڪ پڙھو -
شهدادڪوٽ: پڪو ڪيو وڃي، ميونسپل ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال
شهدادڪوٽ ۾ ڪچن ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ ۽ پگهارون نه ڏيڻ خلاف ڇهين ڏينهن به ميونسپل ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال جاري رکي احتجاجي مظاهرو ڪرص ڌرڻو هنيو آهي
وڌيڪ پڙھو