سنڌ سماچار
-
پڊعيدن: حڪومت رڳو ڏٽا ۽ آسرا ڏنا، چار ڏينھن کان احتجاج ڪو ٻڌڻ وارو ناھي، ڊاڪٽر
رورل هيلٿ سينٽر پڊعيدن اڳيان ڊاڪٽرن پيرا ميڊيڪل اڳواڻن جو ڇوٿين ڏينهن به مطالبن جي مڃتا لاء اسپتال جي اڳيان بينر کڻي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽو: ڪوڙا ڊوميسائيل حاصل ڪري پوليس کاتي ۾ڀرتي جو انڪشاف
ڪوڙا ڊوميسائيل حاصل ڪري پوليس کاتي ۾ ڪيترن ئي جوانن جي ڀرتي ٿيڻ جو انڪشاف، ڊي آء جي حيدرآباد پاران شڪ جي بنياد تي تصديق لاء ڊوميسائيلن جي تصديق لاء ليٽر جاري ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽو: مڙس جي وراثت مان حصو ڏياريو، بيواھ جو اعليٰ اختيارين کان مطالبو
گھارو جي رھواسڻ بيواھ حاجران مڪلي ۾ صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته نھنجي مڙس جي پھرين گھر واري قبضو ڪري اسانجي گڏيل ملڪيت زمينون ۽ پلاٽ وڪرو ڪري رھي آھي.
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽو: صحت کاتي ضلعي ٺٽي جو طبعي عملو ٻئي ڏينھن به سراپا احتجاج
صحت کاتي ضلعي ٺٽي جو طبعي عملو اڄ ٻئي ڏينھن تي بہ سراپا احتجاج بڻيل سول اسپتال مڪلي جي طبعي عملي مطالبن جي مڃتا لاء ٻئي ڏينھن بہ ٽوڪن هڙتال ڪري احتجاجي ريلي بعد اسپتال جي گيٽ وٽ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي
وڌيڪ پڙھو -
ڌارين کي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف هنڱورجا ۾ ينگ ميمڻ اتحاد پاران احتجاج
سنڌ ۾ ڌارين کي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف هنڱورجا ۾ ينگ ميمڻ اتحاد پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: اسسٽنٽ مختيارڪار پاران ڇاپا ، دڪاندارن کان ڏنڊ وصول
اسسٽنٽ مختيارڪار هنڱورجا ۾ ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ دڪاندارن هوٽلن ۽ ٻين ڪاروباري مرڪزن تي ڇاپا ڪيترن ئي دڪاندارن کان ڏنڊ وصول ڪيا
وڌيڪ پڙھو -
مڪلي: ڊاڪٽر فرنٽ لائن تي وڙھن پيا پر سندن ڪير بہ پوئيواري ڪرڻ وارو ناھي، گرينڊ ھيلٿ الائينس
مڪلي: گرينڊ ھيلٿ الائينس سنڌ صحت سول اسپتال مڪلي ٺٽي جي ملازمن پاران ھيلٿ رسڪ الائونس، حفاظتي ڪٽس صحت کاتي جي سمورن ملازمن کي ڏيڻ، شھيد پيڪيج، فورٽير سروس اسٽريڪچر، ٽائم اسڪيل ۽ ٻين مطالبن لاءِ 2 ڪلاڪ ٽوڪن ڇڏ ھڙتال ڪري ھڪ احتجاجي مظاھرو ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
جھرڪ: 7 معصوم ٻارڙن جي ٽيجهي جون رسمون ادا ڪيون ويون
جهرڪ ويجهو سنڌو درياء ۾ ٻُڏي فوت ٿيل مري برادري جي 7 معصوم ٻارڙن جي ٽيجهي جون رسمون ادا ڪيون ويون. جهرڪ لڳ ڳوٺ دائم مري ۾ ٽيجهي وارين رسمن ۾ پيپلزپارٽي جي خصوصي ٽيم پهچي شرڪت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
جھمپير: ڪوھستاني پٽي ۾ چوپائي مال ۾ ڦھليل پراسرار بيماري تباھي مچائي ڇڏي
ايم ايڇ ڪنڀار جھمپير جي ڪوھستاني پٽي ۾ چوپائي مال ۾ ڦھليل خطرناڪ پراسرار بيماري تباھي مچائي ڇڏي وڏي تعداد ۾ چوپايو مال مرڻ ڪري ڀاڳين کي مٿي تي ھٿ اچي ويا، چوپائي مال کاتي ڪوبہ تحرڪ نہ ورتو. ان سلسلي م جھمپير جي ڪوھستاني پٽي جي رھواسي مالوند ماڻھن دانھيندي چيو آھي تہ ڪوھستاني پٽي ۾ چوپائي مال ۾ اوچتو پيل پراسرار بيماري وٿاڻن جا وٿاڻ خالي ڪري ڇڏيا آھن. ھنن چيو تہ چوپائي مال ڳئون ۽ ٻڪرين جو گلو، ٽنگ جو سڄڻ، تيز بخار سبب وات ۽ نڪ مان رت اچڻ کانپوء جانور چند ڪلاڪن ۾ مريو وڃن ٿا. ھنن چيو تہ ڪجھ ڏينھن اڳ ڪوھستاني ڳوٺ سليمان بروھي ۾ امام بخش بروھي جون پنج ٻڪريون ۽ اڄ ماستر بھرام بروھي جا ٻه ڍور بيماري سبب مري ويا آھن ۽ ڪافي جانور ان موزي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا اھن. ھنن چيو تہ دانھون ڪرڻ باوجود اڃان تائين ڪوھستاني پٽي ۾ چوپائي مال کي ويڪسين بہ ٿي ناھي سگھي. جڏھن تہ جھمپير شھر ۾ قائم ٿيل چوپائي مال واري اسپتال بند آھي، ڊاڪٽر گھر ويٺـي پگھارون پيا کڻن. ھنن گھر ڪئي تہ ڪوھستاني پٽي ۾ چوپائي مال کي ويڪسين ڪري کين وڌيڪ نقصان کان بچائي جھمپير ۾ بند…
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽو: رسول بخش پليجو جي ٻِي ورسي جنگشاهي شھر لڳ ڳوٺ مُنگر خان پليجو ۾ سادگي سان ملهائي ويئي
سنڌ جي عظيم ڏاهي مُفڪر رسول بخش پليجو جي ٻِي ورسي جنگشاهي شھر ۾ سندس آخري آرامگاه تي عوامي تحريڪ پاران سادگي سان ملهائي ويئي
وڌيڪ پڙھو