سنڌ سماچار
-
لاڙڪاڻي ۾ سپاف لاول ڀٽو زرداري جي 22ھين سالگرھ ملھائي
لاڙڪاڻي ۾ سپاف ضلعي پاران پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 22ھين سالگرھ ڪينيڍي مارڪيٽ آفيس ۾ ملھائي وئي، جڏھن تھ 22 پائونڊن جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، ان موقعي تي عبدالغني جتوئي، ڪامران احمد اوڍاڻو، عمران علي شيخ، عمران علي جتوئي، عبدالغني ملاڻو، مظھر شاھاڻي ،محمد ملوڪ جاگيراڻي، حضور بخش، عبدالستار گاد شامل ھئا، ھنن جو چوڻ ھو تھ صدر پاڪستان آصف علي زرداري، پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جن سان ھر ڏکي وقت ۾ گڏ آھيون ۽ انھن جي قيادت تي مڪمل اعتماد آھي
وڌيڪ پڙھو -
شيعھ نمائندھ تنظيمن پاران بلوچستان جي ڪوئٽيا، مستونگ جي دردناڪ، وحشياڻي دھشتگرديءَ واري واقعي خلاف احتجاجي مظاھرو
) لاڙڪاڻي ۾ شيعھ نمائندھ تنظيمن پاران بلوچستان جي ڪوئٽيا، مستونگ جي دردناڪ، وحشياڻي، دھشتگرديءَ واري واقعي خلاف گذريل ڏينھن نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي مظاھرين ۾ مجلس وحدت مسلمين، شيعھ علماءِ ڪائونسل، اصغريھ آرگنائيزيشن، اماميھ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن، تحريڪ نفاذ، فقھ جعفريھ تنظيمن جي اڳواڻن شامل ھئا، ان موقعي تي مولانا رياض حسين الحسيني، رستم علي حيدري، طارق ڀٽي، سيد مھتاب علي شاھھ، عبدالغفار لھر ۽ ٻين جو چوڻ ھو تھ .2 سيپٽمبر تي بلوچستان صوبي جي ڪوئٽيا مستون کان ايران زيارت تي ويندڙ مومنن جي بس کي ھٿياربندن روڪي مومنن کي بس مان لاھي قطار ۾ بيھاري بيدرديءَ سان گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو ھيو
وڌيڪ پڙھو -
زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ، ملڪ جي اهم زرعي، سائنسي ۽ تحقيقي ادارن کي تربيت يافته افرادي قوت فراهم ڪري رهي آهي : وائيس چانسلر ڊاڪٽر
لاهور جي نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ مختلف گروپس ۾ سينئر سول آفيسرس پاران 95 نيشنل مينيجمينٽ ڪورس ۾ تربيت حاصل ڪرڻ دوران اندرون ملڪ اسٽڊي ٽوئر جي حوالي سان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو مطالعاتي دورو ڪيو ۽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل سميت يونيورسٽي جي اعليٰ اختيارين سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ فيڪلٽي ميمبرس ۽ عملدارن جن ۾ محمد انور گورايا، مس رخسانه شاهه، ڊي آئي جي اي ڊي خواجه، ڊي آئي جي بشير احمد ميمڻ، احمد يارخان، برگيڊيئر محمد فياض، ڊي ايم جي گروپ جي ڪيپٽن رٽائرڊ محمد آفتاب، اعجاز علي خان، ارباب محمد عارف، اورنگزيب حق، رضوان بشير خان، شعيب احمد صديقي، عثمان علي، پي ايس پي آفيسرس سيد اختر علي شاهه، ڪيپٽن عارف نواز خان، بشير احمد، شوڪت حيات، سيڪريٽريٽ گروپ جي سهيل قدير صديقي، ايف ايس پي گروپ جي اياز حسين، پي اي اينڊ اي ايس گروپ جي سيد محمد ايوب، محمد حاصل ڪورائي، شمس الزمان شاهه، ۽ ٻين گروپن مان سيد عظمت علي شاهه، سيد انظر اسماعيل رضوي، وحيد اختر انصاري، احمد خان، نظام الدين . خان محمد مهر ۽ سريلنڪا جي مس ليلواني رامن يانڪي شامل هئا.
وڌيڪ پڙھو -
سول اسپتال ٺٽي ۾ ڊينگي جي ليبارٽري چارج 250 روپين مان گھٽائي 100 روپيه مقرر. ٻوڏ متاثرن ۽ غريبن لاءِ اها خدمت مفت مهيا هوندي.
سنڌ جي ثقافت واري وزير ۽ چيئرپرسن ضلعي ريليف مانيٽرنگ ڪميٽي ٺٽو سسئي پليجو ضلعي جي ڊي سي او، صحت کاتي ۽ ٽي ايم ايز تي زور ڏنو آهي ته عوام کي ڊينگي، مليريا ۽ ٻين پکڙجندڙ بيمارين کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ۽ ان ڏس ۾ هر هنڌ اسپري ڪيو وڃي ڇو ته سنڌ جو برسات ۽ ٻوڏ متاثر عوام هن وقت ڊينگي جھڙي خطرناڪ مرض کي منهن نٿو ڏئي سگھي. اهڙيون هدايتون هن اڄ دربار هال مڪلي ۾ ڊينگي کان بچاءُ لاءِ احطياتي اپائن جو جائزو وٺڻ متعلق منعقد ڪيل هڪ اعلٰي سطحي اجلاس ۾ جاري ڪيون. اجلاس ۾ ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي، اي ڊي او صحت ڊاڪٽر ناصر جلباڻي، اي ڊي او ورڪس شفيق الرحمان کنباٽي ۽ ٽي ايم ايز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير ٻڌايو ته صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري گذريل ڏينهن ضلعي ٺٽي جي چونڊيل نمائندن سان ٽيلي ڪانفرنس ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
صوفين جي پيغام کي عام ڪرڻ سان امن ،پيار، ۽ ڀائيچاري جو درس ملي سگهي ٿو؛ فقير درمحمد جلباڻي
فقير درمحمد جلباڻي چيو آهي ته صوفين هميشه حق سچ جو درس ڏنو آهي اڄ جي دور ۾ صوفين جي پيغام کي عام ڪرڻ سان امن،پريم، ڀائيچارو انسانيت برقرار رهي سگهي ٿي. سنڌ بزرگن ولين، درويشن ۽ فقيرن جي ڌرتي آهي جن جو فيض صدين گذرڻ بعد به ساڳيو نظر اچي ٿو جتي اڄ به روحاني رهبري ۽ فيض جو سلسلو جاري آهي ان فيض جو هڪ چشمو مرشد هادي شهنشاه فقير مهدي سائين جهانيان سرڪار آهي جنهن جو فيض مان هزارين فقير، طالب مريد ،فيضاب ٿيا آهن ۽ اڄ به سلسلو جاري آهي . مهدي نالو حق جو آهي اڄ جي دنيان ، حق ڇڏي ڪوڙ جي پٺيان ڪاهي پئي آهي، حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سڄي دنيان صرف ٻه جملن تي قائم آهي
وڌيڪ پڙھو -
ايمرجنسي واري صورتحال ۾ سياست ڪرڻ سان وڌيڪ ايمرجنسي پيدا ٿيندي: ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه
ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني چيو آهي ته ايمرجنسي واري صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو سياست ڪندو ته وڌيڪ ايمرجنسي پيدا ٿيندي ۽ برسات متاثر جي بحالي وارو ڪم متاثر ٿيندو. هن چيو ته ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ ڪاميٽي کي وڌيڪ فعال بڻايو پيو وڃي ته جيئن برسات متاثرن جي لاءِ هڪ ٽيم ورڪ جي صورت ۾ هڪ جامع پلان تحت موثر انداز ۾ خدمت ٿي سگهي. هن اهڙو اظهار ڊي سي او هائوس خيرپور جي ڪاميٽي روم ۾ ضلعي جي برسات متاثرن جي بحالي واري ڪم جي مجموعي جائزي وٺڻ واري گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه چيو ته ضلعي حڪومت پاران برسات متاثرن جي ڀرپور مدد ڪئي پئي وڃي جڏهن ته اڃان وڌيڪ ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آهي.
وڌيڪ پڙھو -
مڙس ۽ سھري جو تشدد کان تنگ، عورت ووميڻ ٿاڻي تي پھتي
ڪنڌڪوٽ واسڻ فرزانه بالڪاڻي زال راجه بالڪاڻي پنهنجي مڙس ۽ سهري جي تشدد کان تنگ اچي ڪري پاڻ کي شڪارپور وومين پوليس وٽ پيش ڪيو آهي رابطو ڪرڻ تي فرزانه بالڪاڻي چيو ته مون جي شادي چار مهينه اڳ راجه بالڪاڻي سان ٿئي هئي مون جي ماءَ پيءُ بدلي ۾ هڪ لک ٽيه هزار روپيه ۽ ٻه پيٽ پڻ ڏيڻ جو لکرايو هيو هاڻي راجه بالڪاڻي ۽ مون جو سهرو روز مون کي تشدد بڻائيندا آهن مون اها دانهن پنهنجي ڀائرن کي پڻ ڏني مون جو ڀاءُ محمد فاروق ۽ محمد حسين پڻ دانهن جو نه ورجايو مان بيوس ٿئي ڪري پاڻ کي وومين پوليس حوالي ڪيو آهي مون کي اهو ڀئو هيو ته مون کي مون جو مڙس ماري ڇڏيندو
وڌيڪ پڙھو -
جماعت اسلامي ۽ الخدمت طرفان امدادي سرگرميون جاري، گشتي موبائل ميڊيڪل ٽيمن جو درو ۽ ٽنڊو باگو رليف ڪئمپ ۾ 8 ٻارڙن جي پيدائش،شهدادپور ۾ خيمه بستي قائم،نواب شاهه ۽ سانگهڙ ۾ امداد تقسيم ڪئي وئي
جماعت اسلامي ۽ ان جي فلاحي اداري الخدمت طرفان سنڌ جي برسات سٽيل عوام ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن.هزارين رضاڪار ۽ ڪارڪن ڏينهن رات امدادي سرگرمين ۾ رڌل آهن. شڪارپور:شڪارپور ۾ شهر جي مک چوڪ گهنٽا گهر لکي در وٽ ٽي ڏينهن ڪئمپ لڳائي وئي جڏهن ته اڄ آخري ڏينهن تي ڪارڪنن مقامي اڳواڻن عبدالسميع ڀٽي،محمد ابراهيم بروهي جي اڳواڻي ۾ شهر جي مختلف بازارن ۾ وڃي ڪري متاثرن جي واهر لاءِ جهولي فنڊ گڏ ڪيو. نواب شاهه:نواب شاهه ۾ جماعت اسلامي طرفان مقامي امير سرور احمد قريشي جي اڳواڻي ۾ قاضي احمد ويجهو يونين ڪائونسل مرزا باغ جي ڳوٺ الله بخش لاشاري جي ٻوڏ متاثرن ۾ راشن جا ڪٽا،تنبو،مڇردانيون ۽ پلاسٽڪ جون شيٽون ورهايون.جڏهن ته الخدمت جي ضلعي صدر عبدالباسط قريشي جي سربراهي ۽ ڊاڪٽر جاويد جي نگراني هيٺ ڳوٺ علي نواز ڀٽو ۽ زيرتعمير ڪيڊٽ ڪاليج ۾ قائم ڪئمپ ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي ٽي سو کان وڌيڪ مريضن جو چڪاس ۽ مفت دوائون ڏنيون
وڌيڪ پڙھو -
غريب ۽ بيواه عورتن جي مالي مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾ شهيد بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام کي اڳتي وڌائيندي: آفتاب شعبان ميراڻي
پ پ پ ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي ڪالھ جنرل پوسٽ آفيس گرائونڊ ۾ شهيد بي نظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جي تحت جاري ڪيل پاورٽي ڪور (غربت جي خاتمي جي مهم ) جي اسڪيم جو افتحاح ڪيو ان موقعي ته ان اجتماع کي خطاب ڪندي چيو ته غريب ۽ بيواه عورتن جي مالي مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾ شهيد بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام کي اڳتي وڌائيندي حڪومت پاڪستان پ پ پ جي چئرپرسن جناب آصف علي زرداري صاحب جي قيادت ۾ پاورٽي ڪور اسڪيم جو افتحاح ڪيو آهي جنهن ۾ خاص طور تي عورتن جي مالي مدد ڪئي ويندي ان سلسلي ۾ مسٽر ميراڻي وڌيڪ ٻڌايو ته شڪارپور ضلعي ۾ هن وقت 69462 بيواه عورتن کي تيرنهن ڪروڙ اٺٽيه لک روپيا مني آرڊر جي ذريعي انهن جي گهرن تائين پهچايا ويندا
وڌيڪ پڙھو -
ٺري ميرواھ جو اڳوڻو ڊي ايس پي لطيف شر شڪارپور ۾ قتل
اڳوڻو ڊي ايس پي لطيف شر ڪورٽ سڳوري کان موٽندي مسلح هٿيار بندن هٿان قتل ، قاتل فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب . تفصيل موجب اڳوڻو ڊي ايس پي لطيف شر پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٺري مير واه کان ڪورٽ سڳوري ۾ حاضري کان جيئن ئي موٽي رهيو هيو ته سني پيٽرول پمپ شڪارپور با۽ پاس تي لڳل اسپيڊ بريڪر سبب جيئن ئي گاڏي آهستي ڪئي ته لڪيل هٿيار بندن مٿس فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته سندس ڊرائيورخدا بخش گوپانگ شديد زخمي ٿئي پيو علائقي جي ماڻهن کين سول اسپتال شڪارپور پهچايو جتي سندس زخمي ڊرائيور کي فرسٽ ايڊ ڏئي ڪري سول اسپتال لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو ۽ اڳوڻو ڊي ايس پي لطيف شر جي لاش کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان پو۽ سندس لاش شڪارپور پوليس جي هڪ اهلڪار منٺار شر وصول ڪيو
وڌيڪ پڙھو