سنڌ سماچار
-
شڪارپور جي درگاھ ڪڻڪ شاه پير جو خدمتگار قتل
ڪڻڪ شاه پير جو خدمتگار قتل سندس لاش اڌ ڪلاڪ رستي تي پيل رهيو ايڌي وارن لاش کي کڻائي ڪري سول اسپتال پهچايو تفصيل موجب شڪارپور شهر جي اسٽيشن روڊ تي واقع مشهور پير ڪڻڪ شاه بادشاه جوخدمتگار مور ولد غلام حسين ابڙو ڪڻڪ شاه بادشاه جي درگاه جي ٻاهران صفائي ڪري رهيو ته نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن مٿس پسٽل جا فائر سڌا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو قاتل فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿئي ويا لاش اڌ ڪلاڪ اسٽيشن روڊ تي پيل رهيو بعد ۾ ايڌي رضاڪارن لاش کي کڻي سول اسپتال شڪارپور پهچايو جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان بعد سندس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽي ۾ بيروزگار نوجوانن جو احتجاج 49 ڏينھن به جاري
ٺٽي ضلعي جي مختلف سرڪاري کاتن توڙي اين جي اوز ۾ نوڪريون نه ملڻ ۽ ٻاهرين ضلعن جي ماڻهن جي سياسي سفارش عيوض ٿيل ڀرتين خلاف بيروزگار نوجوان تحريڪ ٺٽو پاران شرو ڪيل احتجاجي جدوجهد جي سلسلي ۾ 49 ڏينهن به پريس ڪلب ٺٽو اڳيان قائم ڪيل ڪيمپ ۾ بيروزگار نوجوان ممتاز علي شيخ، عنايت شاهه، شاهد عباسي، ذوالفقار بروهي ۽ ٻين پاران احتجاج طور تي معصوم ٻار ۽ گرده وڪرو ڪرڻ لاءِ هوڪا ڏيڻ سان گڏ نعريبازي جو سلسلو جاري رکيو ويو، بيروزگار نوجوانن چيو ته جهموري دور ۾ فريال ٽالپر، آغا سراج دراني، مراد علي شاهه، پيرمظهرالحق پنهنجن ضلعن جي ماڻهن کي ٺٽي جي مختلف کاتن ۾ ڀرتي ڪرايو آهي
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽي ۾ پوليو جي 3 ڪيسن جي تصديق، صحت کاتي جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان
ٺٽي ضلعي اندر پوليو جا 3 ڪيس تصديق ٿيڻ ۽ ڪيترائي شڪي ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ٺٽي جي ڊي سي او سميت سياسي ڌرين صحت کاتي جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان ظاهر ڪندي ضلعي اندر پوليو مهم دوران ايمرجنسي نافذ ڪري خود پوليو جا ڦڙا معصوم ٻارڙن کي پيارن ۽ مهم جي سخت نگراني ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ٺٽي جي ڊي سي او ۽ ضلعي ائڊمنسٽريٽر محمد جعفر عباسي جي صدارت هيٺ پوليو بابت ٿيل اهم گڏجاڻي ۾ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر ارباب وزير ميمڻ ، صحت، تعليم ، پوليس ، روينيو ۽ ٻين کاتن جي اي ڊي اوز ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي ان موقعي تي صحٽ کاتي ٺٽو جي ي ڊي او ناصر جلباڻي پاران ضلعي اندر پوليو جي حوالي سان پيش ڪيل رپورٽ کي رد ڪندي ٺٽي جي ڊي سي او محمد جعفر عباسي چيو ته صحت کاتي جي انتظاميا نا اهلي ۽ ناڪامي سبب ضلعو ٺٽو پوليو جي حوالي سان هاءِ رسڪ تي اچي ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ڌرتي جا غيرتمند پٽ ناظمي نظام جي بل کي منظور ٿيڻ نه ڏيندا: ذوالفقار مرزا
سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ موجود سنڌ ڌرتي جا غيرتمند پٽ بلدياتي بل منظور ٿيڻ نه ڏيندا. پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي ميمبرن اڄ جيڪو ٻڌي جو اظهار ڪيو آهي اهوپارٽي کي مضبوط ڪرڻ طرف پهريون قدم آهي، پير صاحب پاڳاري جي دعا سان منهنجي استعيفيٰ منظور ٿيڻ کان پوءِ مون تي جيڪو هڪ عذاب جي زنجير هئي اها به لهي وئي ايم ڪيو ايم وارن 10 محرم الحرام وانگر شهر ۾ اڄ وري هڪ ڊرامو رچائڻ جي ڪوشش ڪئي مان اعلان ڪيان ٿو ته جيڪڏهن توهان وڙهندا ته اسان وڙهندا سين هڪ گولي هلائيندئو ته 10 گوليون هلائيندا سين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير صاحب پاڳاري سان سندس رهائش گاهه ڪنگري هائوس ۾ ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
اسپيڪر ذوالفقار مرزا جي اسيمبلي ميمبرشپ تان استعيفيٰ منظور ڪري ڇڏي
بدين مان صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 57 تان چونڊيل ميمبر ۽ اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي استعيفيٰ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر منظور ڪري ورتي آهي. سندس استعيفيٰ منظور ٿيڻ بعد پي ايس 57 جي سيٽ خالي ٿي وئي آهي، ان ڏس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سومر تي شام جو سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ واري درخواست سومر تي ملي ۽ درخواست جو اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جائزو ورتو ويو جيڪا درخواست هٿ سان لکيل هئي
وڌيڪ پڙھو -
ذوالفقار مرزا پاران امن ڪميٽي فعال بڻائڻ ۽ الطاف خلاف ثبوت برطانيا سرڪار حوالي ڪرڻ جو اعلان
اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پيپلز امن ڪميٽيءَ کي فعال بڻائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته الطاف حسين ڏوهاري آهي،سندس خلاف ريفرنس ڪرائڻ لاءِ ثبوت جا 3 سوٽ ڪيس کڻي لنڊن ويندس، مختلف ماڻهن طرفان الطاف حسين خلاف ثبوت ڏيڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي، رحمان ملڪ ۾ دم آهي ته ڪراچي اچي پيپلز امن ڪيمٽيءَ تي پابندي مڙهي ڏيکاري آءُ کيس رحمان ملڪ نه پر شيطان ملڪ قرار ڏيان ٿو، ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ذوالفقارمرزا چيوته مون پنهنجي دور ۾ سنڌ جي غيرتمند ماڻهن کي 3 لک هٿيارن جا لائينس ڏنا، هاڻي موقعو ملندو ته 5 لک لائيسنس جاري ڪندس، هاڻي لياري سان گڏوگڏ پوري ڪراچيءَ جي عوام جو تحفظ ڪيو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
شڪارپورجي سينيئر صحافي جو والد ھن دنيامان لاڏاڻو ڪري ويو
سينيئر صحافي واجد علي ڀٽو جو والد نبي بخش ڀٽو 63 سالن جي عمر ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو کيس پنهنجي آبائي قبرستان ميران شاه ۾ جا۽ ڏني وئي جڏهن ته واجد علي ڀٽو سان سياسي ، سماجي شخصيتن سان گڏوگڏ صحافي برادري ۾ آغا اسرار خان پٺاڻ ، آغا يونس پٺاڻ ، آغا طارق نديم پٺاڻ ، غلام فريد فاروقي ، عبدالسميع ڀٽو ، وحيد ڦلپوٽو ، عبدالبصير سومرو ، شاهد مٺياڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي شخصيتن تعزيت ڪئي .
وڌيڪ پڙھو -
پاڪستان هلال اهمر جي تعاون سان ٺٽي ۾ مفت طبي ڪيمپ
پاڪستان هلال اهمر جي تعاون سان ٺٽي ۾ مفت طبي ڪيمپ. پاڪستان هلال اهمرسوسائٽي پاران ٺٽي جي برسات متاثرين جي سهائتا لاءِ مفت طبي ڪيمپ قائم ڪئي ويئي، ان موقعي تي مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن سوين مريضن جي مفت چڪاس ڪري مريضن کي مفت دوائون ڏنيون ويون، جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان هلال اهمر جو هانرري سيڪريٽري حاجي محمد حنيف ميمڻ ۽ ڊي ايم او ٺٽو زين العارفين مغل پڻ موجود هئا.
وڌيڪ پڙھو -
تعليم جو معيار بهتر بنائي ئي عالمي دنيا جو مقابلو ڪري سگھجي ٿو. صادق علي ميمڻ ۽ ڊي سي او ٺٽو جو تقريب کي خطاب
صوبائي وزير جيل صادق علي ميمڻ چيو آهي ته معياري تعليم کي هٿي ڏيارڻ بنا اسان جي قوم دنيا جي ٻين قومن جو مقابلو نٿي ڪري سگھي ۽ تعليم کي هٿي ڏيارڻ لاءِ لازمي آهي ته اسان سڀئي گڏجي جدوجهد ڪريون. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ٺٽي لڳ ڳوٺ پير محمد بروهي ۾ پرائمري اسڪول جي عمارت ۾ ٻن ڪمرن جي اضافي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. صحافي محبوب بروهي پاران منعقد ڪيل تقريب کي ايم پي اي حاجي محمد عثمان جلباڻي، ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي ۽ اي ڊي او ورڪس شفيق الرحمان پڻ خطاب ڪيو. صوبائي وزير صادق علي ميمڻ چيو ته سياسي قيادت متفقه طور ضلعي انتظاميه کي تعليم ۽ صحت وارن کاتن ۾ سڌاري لاءِ فري هينڊ ڏنو آهي جنهن سان ضلع جي قيادت جي ٺٽي جي عوام سان سچائي جو واضح ثبوت آهي
وڌيڪ پڙھو -
استادن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان خيرپور ۾ ھڪ سيمينار ٿي گذريو
استادن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان خميس ڏينهن خيرپور ۾ سنڌ ڊوالپمينٽ سوسائٽي، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ يونيسڪو جي تعاون سان هڪ سيمنار منعقد ڪيو ويو. جنهن کي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اڳواڻ اياز ميمڻ ۽ ڪميونٽي ٽريننگ سينٽر جي استادن غفار ملڪ ۽ اسما بيبي استادن جي محنت ۽ جدوجهد کي سلام پيش ڪندي چيو ته شاگرد قوم جا معمار آهن جيڪي معاشري ۾ انتها پسندي، عدم برداشت ۽ جهالت کي ختم ڪرڻ کان علاوه امن جي پيغام کي هٿي ڏيڻ توڙي ملڪي سلامتي کي مستحڪ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هنن چيو ته استاد جي عزت هڪ مقدس فرض آهي ان موقعي تي هنن ٽيچرس کان واعدو ورتو ته هو پنهنجي شاگردن کي پنهنجو اسڪولن ۾ وڃي انهي محنت ۽ لگن سان پڙهائين ۽ پنهنجي استاد هئڻ جو فرض چڱي نموني سرانجام ڏين.
وڌيڪ پڙھو