سنڌ سماچار
-
جماعت اسلامي پاران سيري ۽ گاجا موري ۾ 200برسات متاثرخاندانن ۾ راشن ورهايو ويو ،ممتاز حسين سهتوسيري بس اسٽاپ وٽ قائم خيمه وسندي جو دورو ڪيو.
الخدمت فائونڊيشن طرفان يوسي سيري ضلعي حيدرآباد ۾ گاجا موري سميت سيري جي 200برسات متاثر خاندانن ۾ راشن بيگ،پاڻي جا ڪولر،تڏيون ۽ ٻيو ضروري سامان ورهايو ويو .ان موقعي تي جماعت اسلامي ضلع حيدرآباد جي امير شيخ شوڪت علي،نائب امير جعفرعلي نظاماڻي،ريليف انچارج ارشاد علي اگهيم ۽ نيعم مغل خطاب ڪندي چيو ته برسات سٽيل عوام امداد جو مستحق آهي،جماعت اسلامي ۽ ان جو فلاحي ادارو الخدمت پهرين ڏينهن کان مظلوم ماروئڙن جي خدمت ڪري پيو .برسات متاثرن جي مدد ڪري اهو اسان ڪنهن تي احسان نه بلڪه پنهنجو قومي ۽ اخلاقي فرض سمجهون ٿا
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽي ۾ 50 ڏينھن کان پوءِ بيروزگار نوجوانن جو احتجاج
ٺٽو ۾ 50 ڏينهن جي احتجاج بعد روزگار نه ملڻ خلاف احتجاجي ڪيمپ قائم ڪندڙ نوجوانن جي ڪيمپ تي پ پ اڳواڻ پهچي نوجوانن کي جوس پياري احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو، کين روزگار ڏيڻ جو اعلان. ٺٽو پريس ڪلب اڳيان 50ڏينهن کان وٺي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن ۾ نوڪريون نه ملڻ خلاف احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري احتجاج ڪندڙ ڊگري يافته نوجوانن جي جدوجهد نيٺ رنگ لاٿو پ پ ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ امتياز قريشي ۽ پ پ ٺٽو سٽي جي صدر عزيز پکيئڙو جي اڳواڻي ۾ پ پ اڳواڻن جو هڪ وفد پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي ڪيمپ تي ويٺل نوجوانن وٽ پهتو جتي احتجاج ڪندڙ نوجوانن سان ڳالهيون ڪري کين انصاف جي خاطري ڪرائي، احتجاجي ڪيمپ تي ويٺل عنايت شاهه، ممتاز شيخ، شاهد عباسي، احسان جاکرو ، سڪندر شاهه ۽ ٻين نوجوانن کي جوس پياري سندن احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
سکر ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ نوجوان کي قتل ڪري
سکر ۾ ڏينهن ڏٺي هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيوخبرموجب سکر جي سيشن ڪورٽ ويجهو شاليمار واري علائقي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ٽن هٿياربندن ڪيس جي پيشي لاءِ پنوعاقل کان آيل نوجوان يارمحمد پٽ بهاول جتوئي تي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا فوري اطلاع باوجود پوليس ٿسي سيڪشن ٿاڻو ويجهو هئڻ باوجود پوليس اڌ ڪلاڪ دير سان پهتي ۽ لاش سول اسپتال کڻائي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪئي واضع رهي ته اڳ به ساڳي علائقي ۾ پوليس جي موجودگي باوجود ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ آيل ڪيترن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
واپڊا جي نجڪاري خلاف پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ سينٽرل ليبر يونين جي اڳواڻ جي احتجاجي ريلي
پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ سينٽرل ليبر يونين زون سکر جي اهتمام هيٺ محمد بن قاسم پارڪ کان ريلي ڪڍي ويئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي نيشنل پريس ڪلب تي احتجاجي جلسي ۾ تبديل ٿي ويئي ريلي جي قيادت زونل اڳواڻ سيد زاهد حسين شاهه، بدرالسلام ملڪ، مظهر حسين انصاري ۽ لاله ڌڻي بخش پٺاڻ ڪري رهيا هئا. احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي هنن چيو ته حڪمران قومي ۽ حساس ادارن کي نجڪاري جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي واپڊا جا پاور هائوسز جي نجڪاري رهيا آهن. جنهن سان بجلي انتهائي مهانگي ٿي ويندي. جنهن سان ملڪ جي اقتصادي صورتحال ۽ مهانگائي جو طوفان اٿندو. غريب ۽ محنت ڪش طبقو جيڪو پهريان ئي انتهائي مشڪل صورتحال جو شڪار آهي. وڌيڪ بدحالي جو شڪار ٿي ويندو
وڌيڪ پڙھو -
لاڙڪاڻي جي رهواسي طرفان سندس ڀينرن جي اغوا خلاف سکر ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن
لاڙڪاڻي جي رهواسي علي دوست سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ پنهنجي وڪيل نصرت ميمڻ معرفت پٽيشن داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته سندس ڀيڻ زينب سوڌو صغرا،روانتي ۽ ٻين عورتن ڳوٺ محبت ديرو۾ شاهد ٽانوري نالي شخص جي زمين تي ڪم ڪنديون هيون ڏيڍ مهينو اڳ شاهد پنهنجي هٿياربند ساٿين جمال،يوسف،۽ مظفر کين اغوا ڪيو ۽ مسلسل زيادتي جو نشانو بڻايو ڪجهه ڏينهن اڳ صغرا موقعو وٺي اتان ڀڄي ٻين عورتن جي اغوا جي اطلاع ڪئي ڳوٺ وارن جي پٽيشن تي عدالت ڊي پي او نوشهرو فيروز،ايس ايڇ او محبت ديرو ۽ ٻين آفيسرن کي عدالت ۾ طلب ڪيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي ملازمن آپڪا فيملي پلانگ جي اڳواڻن جو احتجاج
پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي ملازمن آپڪا فيملي پلانگ جي صدر پريل دايو جي اڳواڻي ۾ سکر جي سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ملازمن جي ريگيولر ڪرائڻ ۽ سن ڪوٽا تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
الخدمت فائونڊيشن سنڌ پاران سانگهڙ جي ڳوٺ شيرخان لغاري ۾ خيمه وسندي قائم.
الخدمت فائونڊيشن سنڌ پاران سانگهڙ روڊ تي واقع برسات متاثر ڳوٺ شيرخان لغاري ۾ خيمه وسندي قائم ڪري ورتي آهي.جتي ميڊيڪل،پڪل کاڌو پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن .الخدمت سنڌ جي ريليف ڪوآرڊينيٽر عظيم بلوچ چيو ته الخدمت واحد فلاحي اداروآهي جنهن شيرخان لغاري ڳوٺ ۾ پهچي برسات متاثرن جي مدد ڪئي آهي .جڏهن ته ان کان علاوه ڪوبه هتي ڪونه پهچي سگهيو آهي،الخدمت جي رضاڪارن هتي پنهنجي مظلوم عوام کي سهارو ۽ حوصلو ڏنو ته الله وڏو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ جي عوام ۽ غريبن جي نالي تي ووٽ وٺندڙ حڪمرانن نه رڳو ماڻهن کي سندن بنيادي حقن کان محروم رکيو آهي : ماروي ميمڻ
ٺٽي ۾ اڳوڻي ايم اين اي ماروي ميمڻ پاران عورت ڪارڪنن ۽ ورڪرن سميت ٺٽو شهر ۾ ٻوهارو مهم هلائي صفائي جي لاءِ شهرين کي خود حصو وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي، حڪومتي ۽ انتظامي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان ظاهر. عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ اڳوڻي ايم اين اي ماروي ميمڻ ٺٽي شهر ۾ وڌندڙ گندگي ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف هڪ انوکو احتجاج شروع ڪندي هن پاڻ عورت ورڪرن توڙي نوجوان رضاڪارن سان گڏجي جلوس جي صورت ۾ ٺٽي جي شاهي بازار ۾ ٻوهارا کڻي پاڻ ٻوهارا ڏيئي صفائي مهم شروع ڪري ڇڏي
وڌيڪ پڙھو -
مرزا پاران حڪومت خلاف جلسن جو اعلان، پ پ عوامي حق متحده وٽ وڪرو ڪري رهي آهي: ذوالفقار
اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا حڪومتي پاليسين خلاف سکر کان ڪراچي جلسا ڪرڻ ۽ پيپلزامن ڪميٽي کي نئين نالي سان ٻيهر سرگرم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.سنڌ ڪابينا جي 4 صوبائي وزيرن ۽ پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ 18 ايم پي ايز اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ذوالفقار مرزا سان ملاقات ڪندڙ سڌ سماءَ وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير ايڪسائيز مڪيش ڪمار چاولا، صادق ميمڻ، ايم پي اي امداد پتافي، عمران لغاري، نواز تيمور ٽالپر، نصرالله بلوچ، غلام محمد شهلياڻي، فياض احمد ٻٽ، جاويد شاهه جيلاني، سليم هڱورو، عائشه کوسو، پتمبر سيوهاڻي ۽ ٻيا شامل هئا
وڌيڪ پڙھو -
ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلرز، ڀتاخورن ۽ سماج دشمنن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو فيصلو
وفاقي گهرو وزير عبد الرحمان ملڪ ڪالهه اڱاري ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن پاران ڪراچي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جو جائزو وٺندي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ٻين ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سنڌ پوليس ۽ رينجرز پاران کنيل قدمن کي به ساراهيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ٽارگيٽ ڪلرز، ڀتاخورن ۽ سماج دشمن عنصرن خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڪنهن به سياسي وابستگي يا گروپ بندي کان مٿانهون ٿي بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي جاري رکي ويندي
وڌيڪ پڙھو