سنڌ سماچار
-
ضلعي جي ٽيڪنيڪل ادارن کي ٽرانسپورٽ سان گڏو گڏ سموريون گھربل سهولتون فراهم ڪيون وينديون: صوبائي وزير صادق علي ميمڻ
صوبائي وزير جيل خانه صادق علي ميمڻ چيو آهي ته ٺٽي ضلعي جي ٽيڪنيڪل ادارن کي ڪوششون وٺي هر قسم جون سهوليتون مهيا ڪيون وينديون ۽ ان ڏس ۾ ٽيڪنيڪل ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي ٽرانسپورٽ سان گڏو گڏ سموريون گھربل سهولتون پڻ فراهم ڪيون وينديون ته جيئن غريب شاگرد آساني سان تعليم حاصل ڪري سگھن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ گورنمينٽ پولي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ مڪلي (ٺٽو) ۾ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (اسٽيوٽا) پاران منعقد ڪيل هڪ ڪوسٽر ڏيڻ واري تقريب کي مهمان خاص طور خطاب ڪندي ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
ايشيائي ترقياتي بينڪ پاران ٻوڏ سٽيل سامونڊي علائقن جي بحاليءَ لاءِ 100 ملين ڊالر جو اعلان.
ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان مشن صوبي سنڌ جي ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي سامونڊي علائقن ۾ ٻوڏ جي نقصانن جو جائزو وٺندي انهن علائقن ۾ انفرا اسٽرڪچر جي بحالي وغيره لاءِ 100 ملين ڊالر جا فنڊ مهيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان اڄ ٺٽي جي دوري تي آيل اي ڊي بي پاڪستان مشن جي ڊائريڪٽر مسٽر وارنر لي پيچ جي سربراهي ۾ هڪ اعلٰي سطحي وفد دربار هال مڪلي ۾ ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي پاران ٻوڏ جي نقصانن جي حوالي سان ڏنل بريفنگ جي موقعي تي ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽي ۾ پوليو جا 6 ڪيس ظاھر ٿيڻ کان پوءِ سومر کان 3 ڏينھن واري مھم ھلائي پئي وڃي
ٺٽي ضلعي مان پوليو جي بيماري سبب 6 ٻارڙن جي معذور بنجڻ جا ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ضلعي جي پنجن سالن تائين جي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ سومر 24 آڪٽوبر کان 3 ڏينهن واري مهم هلائي پيئي وڃي جنهن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ صحت جي عالمي اداري، ضلعي حڪومت، صحت کاتي ۽ سول سوسائٽي پاران ان مهم کي ڀرپور نموني هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته پوليو ٻار جي موت يا معذوري جو سبب بنجي ٿي جنهن جو ڪوبه علاج نٿو هجي پر 5 سالن تائين جي ٻارڙن کي ڦڙا پيارڻ سان ان بيماري کان محفوظ ڪري سگھجي ٿو
وڌيڪ پڙھو -
تعلقي ميرواه جي بدلجندڙ قسمت ۽ ذات پات کان مٿاهون مٽالي ڪردار ادا ڪندڙ نٽار احمد بلوچ.
ٺري ميرواه ۾ برسات سبب ٿيل تاريخي تباهي جون غريب بي سهارا ماڻهن جو داهون ۽ آهون ٻڌي انسانيت سان محبت رکندڙ هڪ مرد مجاهد نٽار احمد بلوچ پنهجي تعلقي جي غريب بي سهارا عوام جي مدد ڪرڻ لاء پهچي ويو. هن باصلاحيت ڪردار رکندڙنوجوان پنهجي هڙئون وڙئون ڊاتي خرچ ڪري تعلقي جي 11 يونين ڪائوسلن جي 15000 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ کاڌي پيتي جو راشن بيگس ۽ روز مره جوسامان روق رقمون ۽ 10 کان وڌيڪ ٽرڪون ورهايون ۽ ڏکئي مصيبت جي گهڙي ۾ متاثرين جي ڀرپور سهائتا ڪئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
ذوالفقار آباد شهر هتان جي لکين مقامي ماڻهن کي پنهنجي اباڻي ماڳن، وسندين ۽ زمينن تان بيدخل ڪري ڌارين ۽ شاهوڪار ترين ماڻهن کي آباد ڪرڻ جو شهر آهي: چيئرمين فشرفوڪ فورم
ٺٽي ضلعي جي سامونڊي پٽي ۾ تعمير ٿيندڙ جديد شهر ذوالفقار آباد سبب 223 ڪلوميٽر سامونڊي پٽي 6 تاريخي بندرگاهه 480 قديم وسنديون، 2 لک 35 هزار مقامي انساني آبادي ، 17 ڪريڪس به روينيو کاتي سرڪاري ملڪيت ڄاڻائي ڇڏيا آهن، ان ڏس ۾ فشرفوڪ فورم جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ جي 250 ڪلوميٽرن جي ايراضي ضلي ٺٽي جي حدن ۾ اچي ٿي جنهن ۾ 480 مقامي ماڻهن جا قديم ڳوٺ آباد آهن جن ۾ 2 لک 35 هزار انساني آبادي رهندڙ آهي
وڌيڪ پڙھو -
ڌاٻيجي ۾ مامي جي ڌي کي ڀاڻيج گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو
ڌاٻيجي ۾ مامي جي ڌي کي ڀاڻيج گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، شيخ مجيد ڪالوني ڌاٻيجي ۾ شاهد ڀٽي پنهنجي مامي جي ڌي بشيران ڀٽي کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو، جنهن کي مقامي رهواسين پڪڙي پوليس حوالي ڪيو، فوتڻ جي پيءُ جي فرياد تي نوجوان خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو، وارثن موجب شاهد لاهور جو رهواسي آهي ٻه ڏينهن اڳ ۾ وٽن مهمان ٿي آيو ۽ سندن ناري کي بنان جواز قتل ڪري ڇڏيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽي ضلعي اندر هلندڙ سال دوران پوليو جو چوٿون ڪيس ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ضلعي حڪومت پوليو مھم جي ڪاميابي لاءِ اثرائتا اپاءَ وٺي پئي
ٺٽي ضلعي اندر هلندڙ سال دوران پوليو جو چوٿون ڪيس ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ٺٽي جي ڊي سي او 24 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي ڪاميابي لاءِ 648 ٽيمون تشڪيل ڏيئي 2 لک 51 هزار 4 سئو 62 معصوم ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ صحت ، روينيو، تعليم ۽ مڪاني ادارن جي يوسي سيڪريٽريز کي الرٽ رهڻ ۽ مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته صحت کاتي ٺٽو جي اي ڊي او ڊاڪٽر ناصر جلباڻي پوليو جو چوٿون ڪيس ظاهر ٿيڻ کان پوءِ 3 ڏينهن کان وٺي آفيس نه اچي رهيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
چوهڙجمالي ڀرسان هوٽل تي نوجوان کي گوليون هڻي قتل، جوابدار فرار
چوهڙجمالي ڀرسان هوٽل تي نوجوان کي گوليون هڻي قتل، جوابدار فرار، چوهڙجمالي ڀرسان ڳوٺ تاج محمد جمالي ۾ سڱاوتي تڪرار تان هوٽل تي ويٺل نوجوان انور جمالي کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو ، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا، فوتي نوجوان جو لاش چوهڙجمالي پوليس ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو هوڏانهن فوتي جي ڀاءُ عبدالغفور جمالي جي فرياد تي تاج محمد جمالي اما م ڏنو ۽ غلام حسين جمالي خلاف ڪيس داخل ڪري سندن گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
2 مهينا گزرڻ باوجود ٺري مير واه انتظاميا ميرس ڪالوني مان برسات جو پاڻي ناهي ڪڍرايو ويو: شھري
ميرس ڪالوني مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرايو ميرس ڪالوني جا سوين شهري معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏوڌرڻو هنيوشهر ٺري ميرواه جي ميرس ڪالوني جي مظاهرين شاهنواز شر وزير علي سومرو رياض احمد سومرو حيدر بخش ملاح ۽ ٻين ٻڌايو 2 مهينا گزرڻ باوجود ٺري مير واه انتظاميا ميرس ڪالوني مان برسات جو پاڻي ناهي ڪڍرايو ويو ۽ هينر 5 کان 6 فوٽ برسات جو پاڻي گهرن ۾ بيٺل آهي جنهن سسب مليريا ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين منهن ڪڍيو آهي هنن ٽي ايم او ٺري مير واه خلاف ڇتي ناريبازي ڪئي ۽ برسات جو پاڻي ڪڍرائن جو مطالبو ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
حڪومت بيروزگاري، بک، افلاس ۽ وڌندڙ مهانگائي کي ڪنٽرول جي ذميواري پوري نه ڪئي ته غربت جي وڌندڙ شرح جا ملڪي معيشت تي ڀيانڪ اثر پوندا: حاجي محمد جاويد ميمڻ
سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ وفاقي اداري شماريات پاران مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري ساڍا 7 ڪروڙ پاڪستاني جيڪي ٽوٽل آبادي جو تقريبن اڌ ٿين ٿا کي غربت جي لکير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي گهري تشويش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت بيروزگاري، بک، افلاس ۽ وڌندڙ مهانگائي کي ڪنٽرول جي ذميواري پوري نه ڪئي ته غربت جي وڌندڙ شرح جا ملڪي معيشت تي ڀيانڪ اثر پوندا
وڌيڪ پڙھو