سنڌ سماچار

  • پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندڙ راجا جي گهر ۾ ڏک سان گڏ خوشي، تدفين وقت پٽ جو جنم

    اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس اڳيان بيروزگاري کان تنگ ٿي پاڻ ساڙيندڙ ڪنڊيارو واسي نوجوان راجا خان رند جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي، لاش لحد ۾ لاهڻ وقت سندس گهرواري گلن جهڙي پٽ کي جنم ڏنو، خوشي واري ڪيفيت تي غم حاوي ٿي ويو، غريب ۽ بي پهچ نوجوان جي جنازي نماز ۾ برادري جي ماڻهن کانسواءِ ڪنهن به وزير، ايم اين اي، ايم پي اي، مقامي ڪاموري توڙي سياسي سماجي اڳواڻ شرڪت نه ڪئي، خبر موجب 3 ڏينهن اڳ غربت ۽ مفلسي کان تنگ ٿي پارليامينٽ هائوس اڳيان پاڻ کي باهه ڏئي آپگهات ڪندڙ ٻن ٻارن جي پيءُ راجا خان رند جو لاش ڪالهه صبح جو سوير ايمبولينس ذريعي ڪراچي ايئرپورٽ کان سندس اباڻي ڳوٺ حاجي سائينداد رند پهتو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • ھڪ ٻارڙي جنھن اسڪول ۾ نه ٿو ويھاريو وڃي

    هي تصوير هڪ معصوم نياڻي جي آهي جيڪا صبح سوير گهر مان نڪري پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ نڪري اسڪول طرف اچي ٿي شايد اسڪول انتظاميه طرفان اسڪول ۾ نه ويهارڻ تان هڪ گهٽي ۾ ڪتاب ۽ قلم کڻي پڙهي رهي آهي. سوال اهو آهي ته شهر ۾ وڏي تعداد ۾ نجي اسڪول ۽ گورنمنٽ اسڪول آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ جي جيلن ۾ قيدين کي جيل قانون موجب سهولتون ڏنيون پيون وڃن: صوبائي وزير صادق ميمڻ

    سنڌ جي جيلن واري صوبائي وزير صادق ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي جيلن ۾ قيدين کي جيل قانون موجب سهولتون ڏنيون پيون وڃن ۽ انهن کي هنر مند ۽ تعليم يافتا بنائڻ لاءِ به قدم کڻي رهيا آهيون جڏهن ته جيلن ۾ جلد موبائيل فون استعمال ڪندڙن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويندو سکر سينٽرل جيل جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيلن ۾ قيدين سان زيادتين جي شڪايتن تي هن جيلن جو دورو شروع ڪري ڇڏيو آهي قيدين سان جيل انتظاميا جي زيادتي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن ڪو جيل عملدار ان عمل ۾ ملوث ظاهر ٿيو ته ان خلاف پڻ سخت ڪاروائي ڪئي ويندي هن چيو ته سنڌ جي جيلن ۾ ڪيترن سالن کان قيد قيدي انصاف لاءِ عدالتن ڏانهن نهاري رهيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • سکر ۾ نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ڪري اسلحي جي زور تي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي ڪري ڦر ڪري ويا

    سکر جي علائقي نئين پنڊ ۾ 5 نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ڪري اسلحي جي زور تي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي ڪري هڪ لک 70 هزار روڪ، 14 تولا سون ۽ 3 ڌيئرن جي ڏاج جو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ڪالهه سکر جي علائقي نئين پنڊ جي پٺاڻ ڪالونيءَ ۾ 5 نامعلوم هٿياربند محمد اسماعيل ولد اڪبر خان هزاره جي گهر ۾ گهڙي ڪري اسلحي جي زور تي گهر ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن کي يرغمال بڻائي گهر ۾ پيل هڪ لک 0 7 هزار روپيا روڪ، 14 تولا سونا زيورن سميت 3 ڌيئرن جي ڏاج جو سامان ڦر ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويا.

    وڌيڪ پڙھو
  • روهڙي ريلوي اسٽيشن تي ڊيزل جو بحران برقرار اپ ۽ ڊائون ٽرنيون ڪيترائي ڪلاڪ بيٺيون رهيون

    روهڙي ريلوي اسٽيشن تي ڊيزل جو بحران برقرار اپ ۽ ڊائون ٽرنيون ڪيترائي ڪلاڪ بيٺيون رهيون خيبر ميل ۽ قراقرم ايڪسپريس جي مسافرن ڪاوڙ ۾ اچي ريلوي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪندي اسٽيشن ماستر جي آفيس جو گهيراءُ، عملو آفيس ڇڏي ڪري غائب، خيبر ميل ايڪسپريس جو ڊرائيور خوف وچان انجڻ تان لهي ويو، مسافر انجڻ تي سوار ٿي ويا

    وڌيڪ پڙھو
  • ريلوي انتظاميا جي غفلت ۽ ملي ڀڳت جي ڪري مسافر ٽرينن ۾ غير قانوني شين اسمگلنگ جاري

    ريلوي انتظاميا جي غفلت ۽ ملي ڀڳت جي ڪري مسافر ٽرينن ۾ غير قانوني شين اسمگلنگ جاري، ڪوئٽيا ۽ پشاور کان ايندڙ ٽرينن ۾ غير قانوني ڪپڙا، پان پراگ، آتش گير مادي سميت ٻيون شيون روهڙي ريلوي اسٽيشن تي لاهي ڪري ٽرانسپورٽ جي ذريعي ٻين شهرن ڏانهن پهچايو ويندو آهي. روهڙي ريلوي اسٽيشن ويجهو روهڙي پوليس جو ڇاپو، پان پراگ سان ڀريل 2 3 ٻوريون ضبط، 5 جوابدار گرفتار، خبر موجب مسافر ٽرينن ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين غير قانوني پان پراگ، ڪپڙو، آتش گير مادي سميت ٻيو سامان به اسمگلنگ معمول بڻجي وئي آهي پشاور ۽ ڪوئيٽا کان ايندڙ ٽرينن ۾ اسمگلنگ جو سامان کڻي ڪري روهڙي ريلوي اسٽيشن تي لاٿو ويندو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • ٽنڊومير۾علي سجاڳ سماجي اتحاد ايسوسيئيشن طرفان طبي ڪيمپ لڳائي ويئي

    سجاڳ سماجي اتحاد ايسوسيئيشن ٺري مير واه پاران نيٽ پاوُو جي تعاون سان عورتن جي بيمارين جي مفت ميڊيڪل ڪيمپ ٽنڊومير علي ۾ لڳائي وئي عورتن کي صحت بابت ڄاڻ ڏني وئي ۽ چڪاس ڪرڻ کان پوءِ دوائون مفت ڏنيون ويون سجاڳ سماجي اتحاد پروجيڪٽ ڊاريڪٽر فرزانا ڪوثر ليڊي ڊاڪٽر فوزيا فائق سونيا قريشي ياسمين عبدالحق عبدالقدوس محمد اقبال سومرو ڪيمپ ۾ شرڪت ڪئي سجاڳ سماجي اتحاد پروجيڪٽ ڊاريڪٽر فرزانا ڪوثر ٻڌايو تعلقا ٺري مير واه جي ٻوڏ متاثر ڳوٺن ۾ مفت ڪيمپون نيٽ پاوُو جي تعاون سان لڳايون ٿيون وڃن جنهن ۾ عبدالمجيد انصاري جو وڌ ۾ وڌ سهڪار آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • اگر ريلوي کي منافعي بخش طريقي سان هلائڻو آهي ته کاتي مان پهريان ڪرپشن کي ختم ڪرڻو پوندو: ريلوي يونين جو اڳواڻ

    پاڪستان ريلوي ٽريفڪ يارڊ جو هڪ اهم اجلاس روهڙيءَ ۾ مولي ڏنو جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن جو مهمان خصوصي مرڪزي سينئر نائب صدر عبدالرحمان عرف جڳا هو. هنن چيو ته اگر ريلوي کي منافعي بخش طريقي سان هلائڻو آهي ته کاتي مان پهريان ڪرپشن کي ختم ڪرڻو پوندو. عبدالرحمان عرف جڳا عدالتي ٽيم ٺاهي ڪري جوابدارن کي پڪڙي سگهجي ٿو. جهڙي طرح بجلي جو بل ملازمن جي پگهارن مان ڪٽيو وڃي ٿو. مگر حڪومت جمع نه ٿي ڪرائي، کاتي ۾ آفيسرن جي فوج ۽ شاهه خرچين سبب ريلوي کي وڌيڪ نقصان پهتو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪرنل قذافي جي انجام سان پاڪستان جي حڪمرانن کي سبق حاصل ڪرڻ کپي: کپي آل پاڪستان مسلم ليگ

    ڪرنل قذافي جي انجام سان پاڪستان جي حڪمرانن کي سبق حاصل ڪرڻ کپي آل پاڪستان مسلم ليگ سکر ريجن جو اجلاس ريجنل زونل آرگنائيزر سيد سردار علي شاه جيلاني ايڊووڪيٽ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ لائيرز ونگ جي صدر عبدالوحيد عرشي ايڊووڪيٽ، حاجي عبدالرحمان سمون، عبدالستار شيخ، سهيل صادق ۽ ٻين عهديدارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي بگڙجندڙ صورتحال تي تشويش جو اظهار ڪيو ويو، بجلي، گئس، پئٽرول، کنڊ، اٽي سميت هر شيءِ مهانگي ڪري عوام کي غيض ۽ غضب جي حڪمران دعوت ڏئي رهيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • جمعيت علماءِ اسلام پوليس تي عدم اطمينان جو اظھار

    جمعيت علماءِ اسلام جي 3 ڪارڪنن مصطفيٰ ڪمال پيرزادو، محمد سومرو چوهاڻ، مولانا عبدالرشيد مهر جي قتل ۽ قاتلن جي عدم گرفتاريءَ ۽ ايس ايس پي سکر ثاقب اسماعيل ميمڻ جي نااهل پوليس پاران قاتلن کي تحفظ فراهم ڪرڻ خلاف مدرسه بدرالهديٰ توحيديه ۾ جعيت علماءِ اسلام جو هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن جو مهمان خاص جي يو آءِ جي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو هيو، اجلاس ۾ مولانا عبيد الله ڀٽو، حافظ رفيق احمد توحيدي، شهيد ڪارڪنن جا و ارث، ابو جنيد چوهاڻ، عمر فاروق پيرزادو، حافظ غلام مصطفيٰ سومرو، محمد اعجاز مهر، قاري عبدالستار عباسي، حاجي نثار احمد سومرو، مولانا عبدالحق مهر سميت ٻين عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جي يو آءِ جي ٽن ڪارڪنن جي قتل ۽ قاتلن جي سرپرست سکر پوليس کي قرار ڏنو ويو.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button