سنڌ سماچار

  • بلوچستان ۾ ڪنهن به آزاديءَ جي تحريڪ جي باري ۾ مون کي ڪو به علم نه آهي: نواب اسلم رئيساڻي

    بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪنهن به آزاديءَ جي تحريڪ جي باري ۾ مون کي ڪو به علم نه آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان حقوق پئڪيج تي عملدرآمد ٿئي يا نه اهو ڏيڻ وارا ئي ٻڌائي سگهن ٿا توهان ان کان سوال ڪيو ته حقوق پئڪيج ڪٿي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي بلوچستان جي مقبول ۽ مضبوط پارٽي آهي ان جي سامهون تحريڪ ۽ لانگ مارچ جي ڪا به حيثيت نه ٿا رکن، هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي وفات ڀٽو خاندان سميت پيپلزپارٽيءَ جي هر هڪ ڪارڪن لاءِ هڪ وڏو صدمو آهي، ان جي وفات تي تمام پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪن غمزده آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • فنڪشنل مسلم ليگ لبير ونگ ضلع جي اڳواڻ فقير غلام رسول شر تعلقه نارو، فيض گنج ۾ فنڪشنل ۾ مسلم ليگ ليبرونگ جي ڪارڪن سان گڏجاڻي

    فنڪشنل مسلم ليگ لبير ونگ ضلع جي اڳواڻ فقير غلام رسول شر تعلقه نارو، فيض گنج ۾ فنڪشنل ۾ مسلم ليگ ليبرونگ جي ڪارڪن سان گڏجاڻي ڪئي ان موقعي تي فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ ضلع خيرپور جي ڳواڻ فقير غلام رسول شر انڊس نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ٺري ميرواهه، فيض گنج،جا واپاري ڪاٽن فيڪٽرين جي مالڪن سان ملي ڀڳت ڪري غريب هارين آباد گارن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن ۽ سرڪاري اگهه ڏيڻ بنا صرف 2000 هزار روپين ۾ ڦٽين جو مڻ خريد ڪري رهيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • موجوده حڪومت خلاف اگر ڪنهن کي تحريڪ يا لانگ مارچ هلائڻ جو شوق آهي ته اهو پورو ڪري وٺن: چوڌري اعتزاز احسن

    ناليواري قانوندان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چوڌري اعتزاز احمد چيو آهي ته موجوده حڪومت خلاف اگر ڪنهن کي تحريڪ يا لانگ مارچ هلائڻ جو شوق آهي ته اهو پورو ڪري وٺن اسان کي يا اسان جي حڪومت کي لانگ مارچ يا تحريڪ مان ڪو ئي به نقصان نه ٿيندو.پاڪستان مسلم ليگ ن سميت تمام سياسي پارٽين جي آزاد سياست ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي. مگر اسان مفاهمت جو دامن پڪڙي رکيو آهي، اهڙو اظهار هن ڳڙهي خدا بخش روانگي کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا ۽ شاه محمود قر يشي بهادر پ پ اڳواڻ آهن هنن جي اختلاف رحمان ملڪ يا جهانگير بدر سان ٿي سگهن ٿا مگر هو پارٽيءَ جو حصو آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • محترمه بيگم نصرت ڀٽو جي بدولت اڄ ملڪ ۾ جمهوريت زنده آهي: نويد قمر

    پاڻي ۽ بجليءَ جو وفاقي وزير نويد قمر چيو آهي ته محترمه بيگم نصرت ڀٽو جي بدولت اڄ ملڪ ۾ جمهوريت زنده آهي بيگم نصرت ڀٽو فوجي ڊڪٽيٽر جي سامهون جمهوريت جي آزادي جي سلسلي ۾ ڄمي ڪري مقابلو ڪيو، جمهوريت پاڪستان لاءِ ڀٽو خاندان جون لازوال قربانين تي ڪڏهن فراموش نٿو ڪري سگهجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڳڙهي خدا بخش روانگي بعد سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو اعلان نه ڪيو ويو آهي، بجليءَ جي فراهمي جي سلسلي ۾ ڪيل انتظامن ۾ بهتري آئي آهي، هن وقت پاڪستان ۾ بجليءَ جي فراهمي ۽ پبلڪ ڊمانڊ ٻئي برابر آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • اگر پنجاب جو وڏو وزير صدر کي نٿو مڃي ته اسان به پنجاب جي وڏي وزير کي نه ٿا مڃون: امتياز صفدر وڙائچ

    پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي صدر امتياز صفدر وڙائچ چيو آهي ته اگر پنجاب جو وڏو وزير صدر کي نٿو مڃي ته اسان به پنجاب جي وڏي وزير کي نه ٿا مڃون، هن پنجاب جي وڏي وزير کي مشورو ڏنو ته اگر اهو سمجهي ٿو ته ان جي لانگ مارچ يا احتجاجي تحريڪ هلائڻ سان حڪومت ختم ٿي ويندي ته اها انهن جي ڀل آهي، اگر پ پ جي ڪارڪنن رائيونڊ محل تي ڌرڻو ڏنو ته پنجاب حڪومت کي استعيفيٰ ڏيڻ ۾ ڪا به دشواري پيش نه ايندي. صدر پاڪستان آصف علي زرداري عوام جو منتخب صدر آهي ۽ ان کي صدر پاڪستان تسليم ڪر ڻ وارا اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهن، هن چيو ته موجوده حڪومت پاڪستان جي عوام کي هر لحاظ کان بهتر کان بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • ڏکيل انسان جي خدمت سنت رسول ۽ اجر جو باعث آهي: حافظ منظور الاهي

    اهلحديث يوٿ فورس پاڪستان جي نائب ناظم اعليٰ حافظ منظور الاهي چيو آهي ته ڏکيل انسان جي خدمت سنت رسول ۽ اجر جو باعث آهي، ان لاءِ مرڪزي جمعيت اهلحديث پاڪستان هر وقت پنهنجي ڏکويل ڀائرن جي مدد لاءِ تيار آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مرڪزي جامع مسجد اهلحديث مارچ بازار سکر ۾ عيد پئڪيج متاثرين ۾ تقسيم ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

    وڌيڪ پڙھو
  • شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسيءَ جي سزا تي مٺايون ورهائڻ وارا اڄ پيپلز پارٽي ۾ وزارتون وٺي ڪري مداريءَ جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن: غلام شبير دايو

    پاڪستان مسلم ليگ ن سکر ڊويزن جي آرگنائيزنگ ڪميٽي ۽ مسلم ليگ سنڌ لائيرز فورم جي ميمبر غلام شبير دايو چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسيءَ جي سزا تي مٺايون ورهائڻ وارا اڄ پيپلز پارٽي ۾ وزارتون وٺي ڪري مداريءَ جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار ان پنهنجي دفتر ۾ ملندڙ وفدن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيون. وفد ۾ احمدعلي جتوئي، شيخ مرزا، محمد نواز سومرو، لياقت علي ۽ ٻيا شامل هئا، غلام شبير دايو ايڊووڪيٽ وڌيڪ چيو ته عمران خان حڪومت کي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ميان نواز شريف عوام جي بنيادي حقن ۽ پاڪستان جي بچائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي جيڪي حڪومت ۽ انهن جي وزيرن کي سمجهه ۾ نٿيون اچن

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي دعويٰ ھڪ ڪوڙ ۽ ڌوڪو آھي : ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

    جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سرڪاري دعويدارن جي ان دعويٰ کي ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي اڪثريت کي بحال ڪري ڇڏيو آهي کي رد ڪندي چيو آهي ته اها دعويٰ بلڪل ڪوڙي ۽ ڌوڪو آهي ۽ متاثرن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي مترادف آهي، جي يو آءِ سنڌ جي پريس ترجمان مولانا عبدالحق مهر پاران جاري ڪيل بيان مطابق ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سکر ويجهو ڳاڙهي موريءَ ۾ جي يو آءِ پاران منعقد عظيم الشان عظمت اسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته هو پاڻ هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو متاثر علائقن ۾ ويو آهي ۽ دعويٰ سان چوان ٿو ته اڃان تائين 0 2 فيصد متاثرن کي به پنهنجي گهرن تائين واپس نه ڪيو ويو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • بيگم نصرت ڀٽو آمر ۽ جابر جو وڏي جذبي ۽ حوصلي سان مقابلو ڪيو: شرجيل انعام ميمڻ

    سنڌ جي اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته محترمه بيگم نصرت ڀٽو جي وفات پاڪستان جي عوام ۽ جمهوريت لاءِ وڏو ڌچڪو آهي بيگم نصرت ڀٽو آمر ۽ جابر جو وڏي جذبي ۽ حوصلي سان مقابلو ڪيو اهڙن خيالن جو اظهار سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، اڄ جي جمهوريت ۾ بيگم نصرت ڀٽو جو وڏو ڪردار آهي، هن بيگم نصرت ڀٽو جي مشن کي جاري رکڻ جو عزم ورجايو، مسلم ليگ ن طرفان لاهور مان نڪرندڙ ريليءَ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اسان سمجهندا هئاسين ته بيگم نصرت ڀٽو جي وفات تي وڏيون پارٽيون پختگيءَ جو مظاهرو ڪنديون

    وڌيڪ پڙھو
  • پرنس مير مهدي رضا ٽالپر جي سهڪار سان ٽنڊوميرعلي ھڪ مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي ويئي

    خيرپور سنڌ برادري جي سربراه پرنس مير مهدي رضا ٽالپر جي سهڪار سان ٽنڊوميرعلي شهر ۾هڪ روزامفت ميڊيڪل ڪيمپ يونين ڪائونسل ٽنڊو مير علي جي آفيس ۾ لڳائي وئي جنهن ۾ ڊاڪٽر ڪرامت حسين ڊاڪٽر غلام حيدر ڦل ليدي ڊاڪٽر تسليم ميمڻ حميدا خاصخيلي شرڪت ڪئي مفت ڪيمپ ۾ 1500 کان وڌيڪ مريضن شرڪت ڪئي جن کي چڪاس ڪرڻ کان پوءِ کين دوائون مفت ۾ ڏنيون ويون ڳن موقعي تي محمد اڪرم ٿيٻو سيد ياسر حسين شاه سيد محمد بچل شاه محمد اقبال سومرو محمد عظيم شر فود احمد شر زاهد حسين ڀٽو ۽ٻين ڪيمپ ۾ حصو ورتو

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button