سنڌ سماچار

  • پير پاڳارو محب وطن ۽ شفيق سياستدان هو: سيد غضنفر شاه موسوي

    مسلم ليگ فنڪشنل ضلع سکر جي اڳواڻ سيد غضنفر شاه موسوي چيو آهي ته حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري جي وفات سان جيڪو ملڪي تاريخ جي سياست ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي ان جو صدين تائين ڀرجڻ مشڪل آهي پير سائين پاڳاري جهڙيون عظيم هستيون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن ملڪ لاءِ ڪيل خدمتن لاءِ پير سا ئين پاڳاري جو نالو ملڪي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو، هن چيو ته پير پاڳارو محب وطن ۽ شفيق سياستدان هو ۽ ان کان ملڪ جي ناليوارا سياستدان دعائون ۽ مشوره وٺڻ ايندا هئا، ان جي وفات سان ملڪي سياست کي وڏو نقصان پهتو آهي موجوده ملڪي حالتن جي تناظري ۾ پيرپاڳاري جي شديد ڪمي محسوس ڪئي ويندي، هن چيو ته پير سائين پاڳاري سياست ۾ جنهن بهادري ۽ همٿ سان پنهنجو ڪردار نڀايو ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي، پير سائين هڪ با اصول ۽ پنهنجي ڳالهه تي قائم رهندڙ سياستدان هو، جيڪو پنهنجي سياسي زندگي ۾ پنهنجي رفيق ساٿين جو محسن ٿي رهيو هو

    وڌيڪ پڙھو
  • پير سائين پاڳاري جي وڇوڙي ڪري سکر بورڊ طرفا 12 جنوري تي ٿيندڙ پرچو 21 جنوري تي ٿيندو

    حرن جي روحاني پيشوا پير سائين پاڳاري جي وڇوڙي تي سکر ۽ ڀرپاس ۾ ڏک ي لهر کڙجي وئي آهي جڏهن ته تعليمي بورڊ سکر سنڌ حڪومت جي اعلان بعد اڄ 12 جنوري تي ٿيندڙ پيپرن کي ملتوي ڪري ڄاڻايل پيپر 21 جنوري تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي ان ڏس ۾ اڳوڻي ضلع نائب ناظم عبدالله گهمرو،سياسي سماجي اڳواڻن اقبال آرائين ،محمد حنيف ميمڻ ،شريف سوناري، اقبال ميمڻ ،علامه عبدالستار بروهي ،سروري جماعت ۽ پ پ اڳواڻ سيد مظهر علي شاه ،۽ ٻين گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته پير آف بڪار فنڪشنل ليگ ضلعي سکر جي صدر سردار سيد زاهد حسين شاه پير سائين پاڳاري جي وڇوڙي تي ضلعي سکر ۾ 0 4 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪندي سمورن يونٽ، تعلقن ۽ ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ تعزيتي ميڙاڪا ۽ قرآن خواني جا پروگرام ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن، فنڪشنل ليگ ضلعي سکر جو صدر سردار زاهد حسين شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پير سائين پاڳاري جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ ڏکاري آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪميونٽي مڊ وائف جي ڀرتي لاءِ انٽرويو 19 جنوري تي منعقد ڪيا ويندا

    ضلعي صحت آفيسرصحت کاتو ضلع ڄامشورو ڊاڪٽر منور علي شاه پڌرو ڪيو آهي ته ڪميونٽي مڊ وائف جي ڀرتي لاءِ انٽرويو 19 جنوري تي اي ڊو صحت ڄامشورو جي دفتر ۾ منعقد ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته اها چوٿين ڀرتي آهي، جنهن تحت ڳون ۾غيرتربيت يافته داين ذريعي ويم جي رجحان کي ختم ڪرڻ ۽ تربيت يافته داين (مڊوائفس) ذريعي ٻارن جي پئدائش جي مرحلي بابت آگاهي ڏيڻ انهن جي صلاحيتن کي پڻ وڌائڻ لاءِ اهي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن ته جيئن ماءِ ۽ ٻار جي موتن تي ضابطو آڻي سگهجي،ڀرتي جا فارم دفتر ۾ موجود آهن.ڊاڪٽرمنور شاه انهي سلسلي ۾ معززين ۽ ٻين فردن کي گذارش ڪئي آهي ته اهي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ڇوڪرين کي هن سلسلي ۾ متوجه ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ يونين ڪونسل جهانگارا،ٽلٽي ،چنه بوبڪ، مول،تونگ، سري ،ٿاڻوعارب خان، منّظورآباد،مانجهند،اي بي شورو،سون ولهار ٽي ۽ موڙو جبل شامل آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • ميمو اسڪينڊل ڊرامو آهي منصور اعجاز فساد ڪرائڻ چاهي ٿو: خالد محمود سومرو

    جي يو آءِ جي صوبائي اڳواڻ سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو چيو آهي ته ميمو اسڪينڊل ڊرامو آهي منصور اعجاز فساد ڪرائڻ چاهي ٿو عوام ديندار قيادت کي اڳتي آڻي اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن اوٻاڙو ڀرسان ڳوٺ لانگهو ۾ مدرسي دارالفلاح حماديه جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته منصور اعجاز جي سرگرمين سان ظاهر ٿئي ٿو ته هو قادياني آهي جيڪو مسلم ملڪن ۾ فساد ڪرائڻ چاهي ٿو هن چيو ته نواز شريف پارليامينٽ ۾ وڃڻ بدران سپريم ڪورٽ ڏانهن ويو آهي جيڪا جمهوريت جي خلاف سازش آهي اها سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين هن چيو ته عمران خان لوٽن جي نئين کيپ ڀرتي ڪئي آهي جيڪا ڪاراگر ثابت نه ٿيندي ڇوته جمهوريت کي نقصان پهچائڻ لاءِ اها اسٽبلشمينٽ جي چال آهي جنهن کي سمجهڻ ضروري آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ڪالهه به ناقابل تلافي نقصان هئي ۽ اڄ به آهي: فاروق ايڇ نائيڪ

    سينيٽ جي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ڪالهه به ناقابل تلافي نقصان هئي ۽ اڄ به آهي، سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن تي موجوده حڪومت ڪم ڪري رهي آهي، ڇو ته ان جي ويزن کان هٽي ڪري حڪومت عوامي مسئلا حل نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته عورتن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ جيترو ڪم محترمه بينظير ڀٽو شهيد ڪيو ايترو پهريون ڪڏهن به نه ٿيو هيو، ايتري تائين جو محترمه پاران عدليه ۾ به جج عورتون ڀرتي ڪيون ۽ عورتن لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪيو

    وڌيڪ پڙھو
  • نواز سريف جي ڪري ملڪي معاملن کي سپريم ڪورٽ ۾ کڻي وڃڻ سي او ڊي جي توهين آهي: فردوس عاشق اعواڻ

    اطلاعات جي وفاقي وزير فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نواز سريف جي ڪري ملڪي معاملن کي سپريم ڪورٽ ۾ کڻي وڃڻ سي او ڊي جي توهين آهي، اسان جي ليڊر شپ پاران هٿ وڌايا ويا آهن نواز شريف ملڪ جي عوام، پارليمينٽ جي بالادستي ۽ جمهوريت لاءِ ان جو مثبت جواب ڏئي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڳڙهي خدابخش روانگي کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي، هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو انٽر نيشنل ڪانسر پرنسي جو شڪار ٿي ان تي ڪجهه جوابدار ڏٺل ۽ ڪجهه اڻ ڏٺل آهن اهو معاملو عدالت ۾ آهي ان جو فيصلو اچڻ بعد ان کي ميڊيا جي عدالت ۾ آندو ويندو، هن چيو ته نوٽ ۽ بلٽ سان ايندڙ تبديلي سان ملڪ عدم استحڪام جو شڪار ٿيندو، هن چيو ته جمهوريت ۾ ئي ملڪ جي بقا آهي اسان ووٽ جي طاقت تي يقين رکون ٿا، سياسي سرگرمين جي آڙ ۾ پيدا ٿيندڙ عدم استحڪام سان عوامي مسئلا جنم وٺندا، هن چيو ته تمام جمهوريت پسند قوتن کي ويهي ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مفاهمت جي سياست کي هلائڻو پوندو، هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ بيروني جارحيت جو مقابلو اندروني يڪجهتي سان ٿي سگهي…

    وڌيڪ پڙھو
  • پاڪستان مسلم ليگ ن سان منهنجو تعلق ڪو ئي به ختم نٿو ڪري سگهي: سيد غوث علي شاهه

    پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر ۽ اڳوڻو وزير اعليٰ سيد غوث علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن سان منهنجو تعلق ڪو ئي به ختم نٿو ڪري سگهي، مسلم ليگ ن پاران هميشه پاڪستان جي ترقي ۽ ان جي عوام جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم ليگ ن جي ڊويزنل ڪو آرڊينٽر سيد نواز علي شاهه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي، ڪوآرڊينيٽر مطابق پاڪستان مسلم ليگ ن هميشه اقتدار جي نه عوام جي جنگ وڙهي آهي ۽ مسلم ليگ ن مان ڪنهن جي وڃڻ سان ڪو عوامي خدمتن جو سلسلو بند نه ٿيندو، مسلم ليگ ن جي نظرياتي عهديدار ۽ ڪارڪن پاڪستان مسلم ليگ ن جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏيندا، مسلم ليگ ن جي نظرياتي ڪارڪنن ۽ عهديدارن قائد ميان نواز شريف ۽ ان جي عوامي خدمت جي مشن تي عمل پيرا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • پاڪستان پيپلز پارٽي جي خلاف سازشون نئين ڳالهه نه آهي: شازيه مري

    سنڌ جي صوبائي وزير اطلاعات شازيه مري چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي خلاف سازشون نئين ڳالهه نه آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي زندگي کان ئي اهو سب ڪجهه ٿي رهيو آهي، اها ئي وجهه آهي جو ان جو جويشنل مرڊر به ڪيو ويو ۽ هڪ ڪريل حرڪت ڪئي وئي، سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهه ڳالهه ٻولهه ڪندي

    وڌيڪ پڙھو
  • نيٽو سپلائي جي حوالي سان هاڻي مفت ۾ ڪم نه ڪنداسين: چوڌري احمد مختيار

    وفاقي وزير دفاع چوڌري احمد مختيار چيو آهي ته نيٽو سپلائي جي حوالي سان هاڻي مفت ۾ ڪم نه ڪنداسين، نيٽو سپلائي جي حوالي سان اسان جا جيڪي خرچ ايندا آهن اهي وصول ڪنداسون، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڳڙهي خدابخش روانگي کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان آمريڪا سان گڏ ڪردار ادا ڪيو آهي، ان لاءِ آمريڪا کي به اسان جي ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي، هن چيو ته آءِ ايس آءِ ۽ فوج سميت ٻيا ادا را اسان جي ڪنٽرول ۾ سيڪريٽري دفاع جي جواب ۾ ان جي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي ۽ جلد ئي جواب پيش ڪنداسون، هن چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • واپڊا جي نجڪاري نه پئي ڪئي وڃي ملازم اجائي احتجاج ڪري رهيا آهن: نويد قمر

    پاڻيءَ ۽ بجليءَ جي وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو آهي ته واپڊا جي نجڪاري نه پئي ڪئي وڃي ملازم اجائي احتجاج ڪري رهيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ايئرپورٽ تي ڳڙهي خدابخش روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته ڊيمن ۾ فلو گهٽ هجڻ جي ڪري ٻيهر لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، ايندڙ مهيني تائين ان ۾ بهتري اچي ويندي، اسان واپڊا يونين کي مذاڪرات جي ذريعي يقين ڏيارائي رهيا آهن ته انهن جي غلط فهمي دور ٿي سگهي، هن چيو ته اسان واپڊا جي ڪنهن حصي کي نه ته ڪنهن کي ڏئي رهيا آهيون ۽ نه ئي ان جا شيئرز وڪرو ڪري رهيا آهيون، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته تيل جي قيمتن ۾ اضافي سان بجلي جي ٽيرف ۾ به اضافو ڪرڻو پئجي رهيو آهي، هن چيو ته اسان پرائيوٽ سيڪٽر جي مدد سان واپڊا ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button