سنڌ سماچار
-
حڪومت تعليم تي خاص ڌيان پئي ڏي، وڌيڪ 14 هزار استاد ڀرتي ڪيا ويندا: پير مظهر
سينئر وزير سنڌ تعليم و خواندگي پير مظهرالحق چيو آهي ته برطانيه تعليم جي لحاظ کان ترقي يافته ملڪ آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ جي تعليم جي ترقئ جي لاءِ خصوصي سهڪار ڪري رهيو آهي انهن خيالن جو اظهار هن برطانيه ۾ منعقد ورلڊ ايجوڪيشن فورم ڪانفرنس جي ٽين ڏينهن تي شرڪت ڪرڻ کانپوءِ ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
ماضي جي حڪومتن جا پيدا ڪيل بحران اسان حل پيا ڪريون، مشڪلاتن باوجود ملڪ کي ترقي ڏياري: وزيراعظم
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ناڻي واري وزارت سميت لاڳاپيل وزارتن کي ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن کي توانائي جي پيداوار ۾ استعمال ڪرڻ جي لاءِ ضروري حڪم ڏئي ڇڏيا آهن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي جي ويزن جي روشني ۾ عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، ترقي جو سفر پڄاڻي تائين پهچائينداسين، حڪومت توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، عوام جي تعاون سان سڀني مسئلن تي ضابطو آڻينداسين، پاڻي، بجلي، گئس ۽ ٻين ضروري سهولتن جي فراهمي اسان جي پهرين ترجيح آهي، ٿرجي ڪوئلي مان توانائي جي پيداوار وڌائڻ جي منصوبي تي ڪم تيز ڪيو ويندو، ڪنر پساکي گئس فيلڊ مان 280 ايم ايم سي ايف ڊي گئس حاصل ٿيندي، جنهن علائقي مان گئس نڪرندي آهي گئس جي فراهمي ۾ ان کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، ڪنر پساکي گئس پائيپ لائين منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هن وقت ملڪ توانائي جي بحران جي ور چڙهيل آهي ۽ ان ڏس ۾ عوامي حڪومت قدرتي گئس جي شعبي کي ترقي ڏيڻ پنهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي ڇو ته ان اهم شعبي جي ترقي سان توانائي جي بحران تي ضابطو…
وڌيڪ پڙھو -
ميمو ۽ اين آر او ڊراما آهن جن جي وسيلي عوام کي بي وقوف بڻايو پيو وڃي: رسول بخش پليجو
عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو چيو آهي ته ميمو ۽ اين آر او ڊراما آهن جن جي وسيلي عوام کي بي وقوف بڻايو پيو وڃي ،ملڪ ۾ هن وقت زيرو زيرو جي گيم هلي رهي آهي موجودهه سياست سان ملڪ کي ڪوبه فائدو نه ٿيندو سکر ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي حوالي سان ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته لطيف جي مشن تي هلي نئين دنيا قائم ڪري سگهون ٿا ان جي شاعري ۾ ڪردار آهي هو هڪ تحريڪ ۽ هلچل جو نالو آهي جنهن پنهنجي شاعري ۾ مظلوم طبقي ۽ عورتن سان ٿيندڙ ظلم کي وائکو ڪيو ان موقعي تي ادل سومرو،برڪت بلوچ،سچل ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
سينٽ جون چونڊون هر حال ۾ مارچ اندر ٿينديون:منظور وساڻ
سنڌ جي وزير داخلا منظور وساڻ چيو آهي آهي ته سينٽ جون چونڊون هر حال ۾ مارچ اندر ٿينديون جنهن لاءِ نامزدگي فارم جا ڪاغذ فيبروري ۾ جمع ڪرايا ويندا سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ادرن وچ ۾ ٽڪراءَ نه ٿا چاهيون ڇوته ادار مظبوط هوندا ته جمهوريت هلندي ڪراچي ۾ امن قائم آهي ٻه ڪروڙ آبادي ۾ ضرور جهيڙا جهٽا به ٿيندا هوندا جڏهن ته اغوا جي وارداتن ۾ پڻ گهٽتائي ٿي آهي هن چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته سنڌ پوليس جون پگهارون به پنجاب پوليس جيتريون ٿين مون آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي ڪارڪردگي کي ميڊيا آڏو ظاهر ڪن هن چيو ته اسان عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.
وڌيڪ پڙھو -
مرتضيٰ ڀٽو جي بهادر ساٿي ۽ ڀٽو خاندان جو وفادار سپاهي شهيد علي محمد سونارا جي اٺين ورسي جتوئي هائوس بچل شاهه مياڻي سکر ۾ ملهائي وئي
سنڌ پيپلز يوٿ (شهيد ڀٽو) سکر شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي بهادر ساٿي ۽ ڀٽو خاندان جو وفادار سپاهي شهيد علي محمد سونارا جي اٺين ورسي جتوئي هائوس بچل شاهه مياڻي سکر ۾ ملهائي وئي، قرآن خواني بعد لنگر تقسيم ڪري شهيد جي ايثال ثواب لاءِ دعا گهري وئي. ان موقعي تي يوٿ (شهيد ڀٽو) سينيئر نائب صدر دلمراد جتوئي، محمد عيدن جتوئي، ايڊووڪيٽ علي رضا بلوچ، ياسين احمد، توفيق جتوئي، حماد گل، عمران سولنگي، سعيد جتوئي، علي مراد مهر، عبدالرزاق ڀارو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد علي محمد سونارا شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو بهادر ۽ وفادار ساٿي هو ۽ ڀٽو خاندان سان مرڻ گهڙي تائين نڀائيندو رهيو، هن شهيد قائد مير مرتضيٰ سان گڏ غريب هارين مزدورن، شاگردن لاءِ جدوجهد ڪئي، هن کي ان دور ان ڪيترائي ڀيرا جيلن ۾ رکي تشدد ڪيو ويندو هو
وڌيڪ پڙھو -
ابڙو برادري جي چيف سردار همٿ علي ڪماريو پير صاحب پاڳري جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار
ابڙو برادري جي چيف سردار همٿ علي ڪماريو پير صاحب پاڳري جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، هڪ تعزيتي بيان ۾ همت ڪري ڪماريو چيو ته ملڪ جي جمهوريت جي فروغ آمريت جي خلاف پير سائين پاڳاري جي ڪردار کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ پاڪستان جي لاءِ پير صاحب جون قربانيون فراموش نٿيون ڪري سگهجن، پير صاحب نهايت بردبار، پرعظم بهادر سان گڏوگڏ شفيق انسان هو. انهن پير سائين جي گهرن وارن سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪرڻ سان گڏ چيو ته مون سان گڏ ابڙا برادري جا فرد هن غم ۾ برابر جا شريڪ آهن.
وڌيڪ پڙھو -
پير پاڳارو هڪ عظيم شخصيت هو ۽ پنهنجي دور جو مثالي ڪردار هو: قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اڄ پير ڳوٺ ۾ حُرن جي روحاني پيشوا پير شاهه مردان شاهه پير پاڳاري جي وفات تي سندس پُٽ نئين گادي نشين پير سيد صغبت الله شاهه راشدي سان سندس رهائشگاهه تي تعزيت ڪئي. وڏي وزير مرحوم جي ايثال ثواب لاءِ فاتح پڙهي ۽ دُعا مغفرت گهُري بعد ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته پير پاڳارو هڪ عظيم شخصيت هو ۽ پنهنجي دور جو مثالي ڪردار هو. جڏهن ته سندس شخصيت حليم، پيار ۽ محبت ڪرڻ واري هئي ۽ ان ڪنهن سان به زيادتي نه ڪئي. سندس سياسي زندگي به پڻ مثالي هئي، سندس ملڪي ۽ سنڌ جي سياست ۾ وڏو ڪردار هو. هن چيو ته پير پاڳارو مُلڪ جي وڏن عُهدن جي خواهش نه ڪئي. ان کان اڳ ۾ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني، سنڌ جي وڏي سيد قائم علي شاهه، وفاقي وزيرن ۽ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، ايم اين ايز، ايم پي ايز، مختلف سياسي پارٽين جا اڳواڻ، سماجي شخصيتون ۽ مُريدن ۽ عقيدتمندن جي وڏي انگ پير شاهه مردان شاهه جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
اين آر او بابت فيصلي خلاف سکر ۾ پ پ طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪارڪنن نعري بازي ڪئي
پ پ سکر طرفان اين آر او بابت فيصلي خلاف سکر ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪارڪنن نعري بازي ڪئي سکر هائوس کان سيڳد سرهندي روڊ تائين نڪتل ريلي کي ايم اين اي نعمان اسلام شيخ،سيد اويس شاهه،مشتاق سرهيو،ڊاڪٽر ارشد مغل ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سمورين سازشن باوجود عوام اڄ به پ پ سان گڏ آهي اسان شهيد محترمه جو ميڊيا ٽرائل نه ٿيڻ ڏينداسين ان لاءِ ڪيتريون به قربانيون ڇو نه ڏيڻيون پون ڏينداسين اڳواڻن چيو ته پ پ حڪومت عوام جي ڀلي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ ڪندي رهندي بعد ۾ نعمان شيخ جي صدارت هيٺ سکر هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪارڪنن جي وڏي انگ صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
سکر غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان وائيس چانسلر ۽ ڪاليج انتظاميا خلاف مظاھرو
سکر غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وائيس چانسلر ۽ ڪاليج انتظاميا خلاف سکر ريلوي اسٽيشن ڀرسان روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪئي ۽ ٽائرن کي باهه ڏني ان موقعي تي سندن چوڻ هو ته 4 سال گذري ويا آهن پر اڃان تائين ڪاليج جو ايفيليشن لمس ڪاليج ،سان آهي باقي هڪ سال رهجي ويو آهي اسان جي ڪاليج جو ايفيليشن شهيد بينظير يونيورسٽي ڪراچي سان ڪري مايوسي ختم ڪئي وڃي،بعد ۾ پوليس پهچي روڊ کولرائي ورتو.
وڌيڪ پڙھو -
صدرآصف علي زرداري جي آزادي لاءِ پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندڙ جيالي ڌڻي بخش ميمڻ جي وارثن جو مالي سھائتا لاءِ احتجاج
صدرآصف علي زرداري جي آزادي لاءِ پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندڙ ڳڙي ياسين جي جيالي ڌڻي بخش ميمڻ جي وارثن سکر ۾ سعيد سرهندي روڊ تي ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف زرداري ک اپيل ڪئي ته سندن مالي مدد ڪئي وڃي هو فاقه ڪشي جي زندگي گذاري رهيا آهن احتجاج ڪندڙ ذوالفقار، ديدار ميمڻ ۽ ٻين چيو ته پ پ اڳواڻن واعدا ڪيا هئا پر هاڻي هو واعدا وساري ويٺا آهناسان قرض وٺي تنگ ٿي پيا آهيون هاڻي ته قرضي به تنگ پيا ڪن انڪري سندن مالي ساهتا ڪئي وڃي.
وڌيڪ پڙھو