سنڌ سماچار

  • سنڌ ٻين صوبن کان بهترين زرعي پيدوار ڏئي رهيو آهي، عبدالقادر مغل

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته سنڌ صوبو، ملڪ جي ٻين صوبن کان بهترين زرعي پيدوار ڏئي رهيو آهي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جا زرعي ماهر عملي ڪم ۾ سڀ کان اڳ آهن، اها ڳالهه هن سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي چئي

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ ڪو ڪيڪ ناهي جنهن کي ٽڪر ڪيو وڃي

    سنڌ ڪو ڪيڪ ناهي جنهن کي ٽڪر ڪري الڳ الڳ ڪري ڇڏجي، پوسٽر لڳائڻ، مظاهرا ڪرڻ ۽ چاڪنگ ڪرڻ سان صوبا نه ٺهندا آهن، نئين صوبي لاءِ لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي جي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان بل جي منظوري کانسواءِ نئون صوبو نٿو ٺهي سگهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • مڙس جي تشدد کان تنگ ناري دارالامان حوالي

    ) احمدپور ٿاڻي تي مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي پناهه لاءِ پهتل ناري عدالت ۾ پيش، دارالامان حوالي، رپورٽ موجب، 2ڏينهن اڳ مڙس جي تشدد کان تنگ اچي احمدپور ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهتل ڳوٺ ميان خان واسڻ نوجوان ناري عارفه زال گلشير سهتو کي ڪالهه احمدپور پوليس سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش ڪيو جتي عدالت ناري جو بيان ٻڌڻ بعد کيس مرضي موجب سکر دارالامان موڪلڻ جو حڪم ڏنو

    وڌيڪ پڙھو
  • نواز شريف اگر اسلام آباد ڏانھن مارچ ڪندو ته پي پي تخت لاھور ڏانھن مارچ ڪندي، قائم علي شاھ جو ڌرڻي کي خطاب

    سنڌ پنجاب بارڊر ڪمون شهيد ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي وزير اعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف جمهوريت خلاف اسلام آباد طرف مارچ ڪندو ته سنڌ جا 40 لک باشعور ماڻهو جمهوريت جي حفاظت لاءِ تخت لاهور ڏانهن مارچ ڪندا پوءِ شريف ڀائر ڳوليا به نه لڀندا.

    وڌيڪ پڙھو
  • وفاقي وزير جو پوليس آفيسر ۽ صحافي تي تشدد، چيف جسٽس کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل

    سکر ۾ وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه باءِ پاس تي پروٽوڪول ڏيندڙ ايس ايڇ او کي چماٽون وهائي ڪڍڻ بعد ٽي وي چئنل جي رپورٽر۽ڪيمرائين کي به چماٽو هڻڻ بعد ڪيسيٽ کسي ڇڏي ،واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن ڪمون شهيد جي ڌرڻي جي تيارين جي سلسلي ۾صبح جو قافلن جي روانگي بابت وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه سکر باءِ پاس تي پهچي بيٺل ڪارڪنن سان ملاقاتون ڪري رهيو هو

    وڌيڪ پڙھو
  • بشير خان قريشي جي پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ خلاف جسقم جو ڌرڻو سکر ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ھنيو ويندو: غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو

    جيئي سنڌ قومي محاذ پاران بشير خان قريشيءَ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ صحيح نموني نه ڪرائڻ خلاف اڄ سکرٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان هزارين ماڻهو شرڪت ڪندا، ان ڏس ۾ سکر جي ضلعي صدر غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته بشير خان قريشيءَ جي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ به ٻين شهيد ٿيندڙ اڳواڻن جي رپورٽن جيان ظاهر نه ڪري فائيلن ۾ بند ڪيون ويون آهن ساڳي ريت بشير خان قريشي جي به پوسٽ مارٽم رپورٽ حڪومت فائيلن ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هن چيو ته اسان حڪومت کي هر گز ائين ڪرڻ نه ڏينداسين، بشير خان قريشيءَ جي پوسٽ مارٽم صحيح نموني ڪرائي ۽ رپورٽ کي منظر عام تي آندو وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • پيرڳوٺ ڊگري ڪاليج 10 شاگرد ڪاپي ڪيس، موبائل فون جو عام استعمال

    پيرڳوٺ ڊگري ڪاليج سينٽر ۾ سکر بورڊ آفيس جواوچتو دورو، 10 شاگرد ڪاپي ڪيس، بورڊ انتظاميه شاگردن جا سوين موبائيل فون کسي کڻي وئي، شاگردن جو ڪاليج آڏو ڌرڻو، پرنسپال جو گهيراءُ، ڪار کي سخت نقصان، پيپر جي بائيڪاٽ جو چتاءُ، رپورٽ موجب، اڄ جئين ڊگري ڪاليج پيرڳوٺ امتحاني سينٽر ۾ مئٿ جو پرچو شروع ٿيو ته اوچتو سکر بورڊ جي ٽيم پهچي وئي جنهن سينٽر تي 10 شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪرڻ بعد سينٽر ۾ موبائيل فون آڻيندڙ ڪيترن ئي شاگردن کان موبائيل فون کسي پنهنجي تحويل ۾ وٺي بورڊ ٽيم ساڻ کڻي وئي جنهن تان جيئن پيپر ختم ٿيو ته شاگردن بورڊ انتظاميه جي خلاف پرنسپال آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي شاگردن ڪاليج انتظاميه کان موبائيل فون واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي پرنسپال کين اهو چيو ته موبائيل فون اسان وٽ نه آهن بورڊ انتظاميه پاڻ کڻي وئي آهي جنهن تي شاگردن احتجاج ڪندي پرنسپال جو گهيراءُ ڪري ورتو

    وڌيڪ پڙھو
  • وزيراعظم گيلاني ۽ سندس پارٽي عدالت جو مذاق اڏائي رهيا آهن، ميان نواز شريف

    مسلم ليگ نواز جي سربراه ميان محمد نواز شريف چيو آهي ته موجوده حڪومت ۾ نفرت کانسواءِ ڪجهه به نظر نٿو اچي، سنڌ جي سياستدانن مسلم ليگ نواز ۾ اچڻ چاهيو پئي انهن کي دٻاءَ ۾ آڻي پ پ ۾ شموليت جا اعلان ڪرايا پيا وڃن، وزيراعظم گيلاني ۽ سندس پارٽي عدالت جو مذاق اڏائي رهيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهارهن لاهور وڃڻ کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته عدليه جي دفاع لاءِ ڀرپور تحريڪ جو آغاز ڪيو ويو آهي جنهن تحت پنجاب، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير ۾ عوامي جلسا ڪيا ويندا، هن چيو ته ان حوالي سان سنڌ جي قومپرستن سان رابطا ٿيا آهن، جنهن مان جلال محمود شاه، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ اياز لطيف پليجو عدليه جي وقار خاطر مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو آهي، هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ گڏجي حصو وٺڻ لاءِ سنڌ جي قومپرستن سان ڳالهيون ٿيون آهن، وزيراعظم گيلاني ۽ سندس پارٽي عدليه جو مذاق اڏائي رهيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • پير ڳوٺ امتحاني مرڪزن تي ڪاپي جي ڌم

    پيرڳوٺ امتحاني سينٽرن تي ڪاپي جي ڌم متل، ڪمشنر سکر ڊويزن ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور پاران پيرڳوٺ ۽ پريالوءِ امتحاني سينٽر جو اوچتو دورو، اسسٽنٽ مختيارڪار ڪنگري سميت 2 استاد معطل، 23 شاگرد ڪاپي ڪيس، امتحاني سينٽر تي عملي ۾ ٿرٿلو، رپورٽ موجب، ڪمشنر سکر ڊويزن انعام الله خان ڌاريجو ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ سکر تعليمي بورڊ جي نگراني هيٺ هلندڙ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن لاءِ امتحاني سينٽر گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول پريالوءِ ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج پيرڳوٺ ۾ اوچتو ڇاپا هنيا ان موقعي ڪمشنر سکر ڊيوٽي ۾ غفلت ڪرڻ تي اسسٽنٽ مختيارڪار ڪنگري عبدالحميد ڪانڌڙو کي ڦوري طور معطل ڪرڻ سان گڏ پريالوءِ سينٽر تي ڪاپي ڪرائڻ تي استاد عبدالحميد ڦلپوٽو کي پڻ معطل ڪري ڇڏيو ۽ 07 شاگردن کي پڻ ڪاپي ڪيس ڪيو

    وڌيڪ پڙھو
  • 12 مئي تي 10 لک کان مٿي ماڻھو شرڪت ڪندا، پي پي جي دعويٰ

    مسلم ليگ کي ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ 12 مئي تي سنڌ، پنجاب بارڊر ڪمون شهيد واري هنڌ تي 10 لکن کان وڌيڪ ماڻهو جلسي عام ۾ شرڪت ڪندا ۽ پ پ سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن کانپوءِ پيپلز پارٽي جي قيادت جلسي لاءِ تياريون زور و شور سان شروع ڪري ڏنيون، ان سلسلي ۾ هڪ اهم اجلاس سکر هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه، ريلوي جو پارليماني سيڪريٽري نعمان اسلام شيخ، سکر سٽيءَ جي صدر مشتاق سرهيو، ڊاڪٽر ارشد مغل ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت، ڪئي اجلاس ۾ 2 1 مئي تي ٿيندڙ جلسي عام جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا، اجلاس بعد ڪارڪنن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه، ريلوي جي پارليماني سيڪريٽري نعمان اسلام شيخ چيو ته مسلم ليگ ن جي لانگ مارچ کان اسان ڊڄڻ وارا ناهيون، وفاقي حڪومت کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڳالهه خطرناڪ آهي، پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي عوامي قوت رکندڙ پارٽي آهي، هاڻي پيپلزپارٽي جي قيادت فيصلو ڪيو آهي ته مسلم ليگ ن کي ڀرپور جواب ڏيندي، هنن چيو ته مسلم ليگ ن جو لانگ مارچ لاهور تائين محدود رهندو، اگر انهن کي لانگ مارچ ڪرڻ جو…

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button