سنڌ سماچار
-
12 سالن جي نينگر تي تيزاب ھاريو ويو
سکر اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گرم گودي واري علائقي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار نوجوانن مائٽن جي گهر ٻاهران بيٺل 12 سالن جي اويس پٽ شوڪت آرائين مٿان تيزاب هاري وڌو جنهن سبب هو معجزاڻي نموني معمولي زخمي ٿي پيو
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ کي ڪو به لهر لوڏو ناهي, اسين سجاڳ آھيون; وڏو وزير
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ مضبوط هٿن ۾ آهي سنڌ کي ڪو به لهر لوڏو ناهي. هن چيو ته اسين سُجاڳ آهيون ۽ سياست کان چڱي طرح واقف آهيون. هن اهڙو اظهار راڻيپور لڳ ڳوٺ سرائي پيارو خان خاصخيلي ۾ اڳوڻي چيف ايڪنامسٽ ۽ سيڪريٽري مرحوم سرائي محمد علي خاصخيلي جي پوئنرن سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيند ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
اسلام امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو: قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته اسلام امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو ۽ سڀ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن جڏهن ته اسلام تي يقين رکندڙ هر مسلمان کي پنهنجي شهر ۽ ڳوٺ ۾ امن امان ۽ ايڪي سان رهڻ گهرجي ۽ پنهنجي پاڙيسرين سان سٺو سلوڪ ڪرڻ گهرجي. وزير اعلى سنڌ اهڙو اظهار سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ شهر جي امن ڪاميٽي جي اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪندي ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
سوئي سدرن گئس ڪمپني پاران گئس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون
سکر ۾ سوئي سدرن گئس ڪمپني پاران گئس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪندي هڪ اسپتال، ۽ ڪارخانن سوڌو ڪيترن ئي گهرن جا گئس ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا آهن ڪالهه سي آر ڊي چيف سکر ضمير حسين وساڻ جي اڳواڻي ۾ هڪ ٽيم محمد بن قاسم پارڪ ويجهو هڪ نجي اسپتال ۾ گهريلو گئس ڪنيڪشن مان اسپتال جو هيوي جرنيٽر هلندي پڪڙي ورتو جيڪو ڪمرشل طور غير قانوني استعمال ٻڌايو پيو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
گهوٽڪي شهر ۾ شراب جو گتو کولڻ خلاف جمعيت علماءِ اسلام جو احتجاج
گهوٽڪي شهر ۾ شراب جو گتو کولڻ خلاف جمعيت علماءِ اسلام سکر ۽ شهري اتحاد جي اڳواڻن ايڪسائيز آفيس ۽ سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن جي اڳواڻي مولانا عبيدالله ڀٽو، مولانا غلام رسول ڪلهوڙو، سيد عمران علي، زبير احمد نقشبندي ۽ مولانا عبدالحليم سيلرو ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
گهوٽڪي شهر ۾ شراب جو گتو کولڻ خلاف جمعيت علماءِ اسلام جو احتجاج
گهوٽڪي شهر ۾ شراب جو گتو کولڻ خلاف جمعيت علماءِ اسلام سکر ۽ شهري اتحاد جي اڳواڻن ايڪسائيز آفيس ۽ سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن جي اڳواڻي مولانا عبيدالله ڀٽو، مولانا غلام رسول ڪلهوڙو، سيد عمران علي، زبير احمد نقشبندي ۽ مولانا عبدالحليم سيلرو ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
سائيٽ ايريا ۾ گھرن ۾ ڪاھ
سکر جي سائيٽ ايريا جي ڳوٺ نهال خان کوسو جي رهواسين عبدالرحمان ۽ علي رضا کوسو جي اڳواڻي ۾ پلاٽ جي معامري تي مخالف ڌر جي چوڻ تي گهرن ۾ ڪاهه،6 گهر ڊاهڻ ۽ کاڌخوراڪ جي سامان،سون سميت قيمتي گهريلو سامان کڻي وڃڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
هاڻ عوام جون سوچون تبديل ٿي چڪيون آهن: سيد محمد راشد شاهه راشدي
حرن جماعت جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه پير پاڳاري جي وڏي صاحبزادي فنڪشنل ليگ سنڌ جي صوبائي نائب صدر سيد محمد راشد شاهه راشدي چيو آهي ته هاڻ عوام جون سوچون تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ عوام پير پاڳاري جي حق ۽ سچ واري ڏنل پيغام تي فنڪشنل مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي گڏ ٿي رهيو آهي ۽ جلد اهڙي عوامي طاقت سان ملڪ ۽ قوم وڌيڪ منظم ۽ مضبوط ٿيندي، هن اهڙو اظهار ڪارڪنن توڙي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
جانين کي سخت خطرو آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي، عورت جي دانھن
چوري جا جوابدار مڙس ۽ معصوم ٻارڙن سميت قتل ڪرڻ چاهين ٿا، جانين کي سخت خطرو آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي، عورت جون معصوم ٻارڙن سميت پيرڳوٺ ۾ صحافين آڏو دانهون، رپورٽ موجب، ٺري مير واهه جي ڳوٺ ڍيڍاڻو جي رهواسڻ عورت مسمات نورجهان زال نبي بخش شيخ پنهنجي معصوم ٻارڙن منتظر مهدي، حيدر مهدي ۽ شائله نور سميت پيرڳوٺ ۾ صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته 7 اپريل 2012 تي رات جو سندس ڏير محمد يونس شيخ، غلام مصطفيٰ ، ذوالفقار علي ۽ ٻين هٿياربندن ساڻ ڪري گهر ۾ داخل ٿي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ٻين صوبن کان بهترين زرعي پيدوار ڏئي رهيو آهي، عبدالقادر مغل
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته سنڌ صوبو، ملڪ جي ٻين صوبن کان بهترين زرعي پيدوار ڏئي رهيو آهي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جا زرعي ماهر عملي ڪم ۾ سڀ کان اڳ آهن، اها ڳالهه هن سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي چئي
وڌيڪ پڙھو