سنڌ سماچار
-
سکر جي صحافين مان اختلاف ختم، نيشنل پريس ڪلب سکر پريس ڪلب ۾ ضم
سکر جي صحافين پاڻ ۾ اختلاف ختم ڪري نيشنل پريس ڪلب کي سکر پريس ڪلب ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ، ملي ڪري پريس ڪلب جي بهتري ۽ صحافين جا مسئلا حل ڪنداسون، لياقت لغاري، جان محمد مهر، زمان باجوا، خبر موجب سکر ۾ ڪجهه صحافين جي پاڻ ۾ ناراضگيءَ بعد 2 سال اڳ سکر نيشنل پريس ڪلب جو وجود عمل ۾ آيو
وڌيڪ پڙھو -
ٻه صحافي عمري جي سعادت ماڻيندا
ٽنڊو محمد خان جا ٻه خوشنصيب صحافي هن سال عمري جي سعادت ماڻڻ لاءِ مديني شريف ويندا، پريس ڪلب پاران رٿيل تقريب، ۾ ڊپٽي ڪمشنر برڪات رضوي پکا ڪڍي خوشنصيب صحافين رانا اڪبر ۽ راؤ غلام حسين جي نالن جو اعلان ڪيو، جيڪي جولاءِ ۾ عمري جي سعادت لاءِ روانا ٿيندا
وڌيڪ پڙھو -
شھدادڪوٽ: ناقص مٽيريل جو استعمال، ٺيڪيدار خلاف مظاھرو
شهدادڪوٽ ۾ نبي بخش بروهي پاڙي جي رهواسين هلندڙ ڪم دوران ناقص مٽيريل سان ٺاهيل نالين جي ٽٽي، اکڙي تباهه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ٺيڪيدار خلاف نعريبازي ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
ڪوڙا ڪيس جھڪائي نه ٿا سگھن، ن ليگ اڳواڻ
شهدادڪوٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران ضلعي صدر علي رضا چولياڻي مٿان ڪيس داخل ڪرڻ تي واره پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڪارڪنن مير عبدالحڪيم مغيري ، شعبان جمالي ، آزاد تخت راء ، امداد مگسي ،۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ (ن)ليگ ڪارڪنن تعلقه آفيس کان احتجاجي جلوس ڪڍي ڪوٽوموٽو چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو
وڌيڪ پڙھو -
پيپلز پارٽي وارن جا ڏينھن ٿورا بچيا آھن، مير غيبي خان مغيري
پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻ مير غيبي خان مغيري چيو آهي ته پيپلز پارٽي وارا انتقامي ڪاروايون ڪري وٺن، ڇاڪاڻ ته سندن حڪومت وڃڻ ۾ ڪجهه ڏينهن وڃي بچيا آهن،شهدادڪوٽ جي غريب آباد پاڙي ۾ هيسباڻي برادري پاران ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي غيبي خان مغيري وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ناڻي لُٽيندڙن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن
وڌيڪ پڙھو -
تعليم جي بهتريءَ جي لاءِ والدين۽ ڪميونٽي جي گڏيل تعاون سان هڪ موثر ڪردار ادا ڪرڻو آهي، مهتاب اڪبر راشدي
چيف آف پارٽي ٽيچرس ريسورس سينٽر سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام محترمه مهتاب اڪبر راشدي چيو آهي ته سنڌ جي 8 مختلف ضلعن ۾ تعليم جي بهتري ءَ جي لاءِ سنڌايجوڪيشن پروگرام جي شروعات سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ تحفو آهي
وڌيڪ پڙھو -
مڙسن جي ظلمن کان تنگ عورتون وومين هيلپ سينٽر سکر پهچي ويون
مڙسن جي ظلمن کان تنگ عورتون وومين هيلپ سينٽر سکر پهچي ويون، طلاق وٺي ڪري دارالامان موڪليو وڃي، عورتن جي اپيل، سکر جي علائقي نيوپنڊ جي رهواسي عورت مسمات شاهده جان بچائي ڪري وومين سينٽر پهچي ويئي
وڌيڪ پڙھو -
شهدادڪوٽ: هڪ ڏينهن اڳ اغواٿي ويل سونارو اڃان بازياب نه ٿيو
شهدادڪوٽ مان هڪ ڏينهن اڳ اغواٿي ويل سوناري کي پوليس بازياب ناهي ڪرائي سگهي، مغوي نوجوان جي گهر ۾ سندس بازيابي لاءِ قرآن پاڪ جي ورد ۽ درود صلواتن جو سلسلو جاري آهي
وڌيڪ پڙھو -
چونڊيل نمائندا انسان ئي نه ٿا سمجھن، معذور جي دانھن
معذورن جي بک هڙتال اٺين ڏينهن به جاري، ڪو به چونڊيل نمائندو يا ضلعي عملدار لڙي نه آيو، تفصيل موجب صوبائي سرڪار پاران نوڪرين ۾ معذورن جي ڪوٽا تي عمل نه ڪرڻ ۽ ضلعي انتظاميه پاران معذورن کي امداد نه ڏيڻ خلاف معذور ايڪشن ڪاميٽي پاران مسلسل 08هين ڏينهن به جاري رھي
وڌيڪ پڙھو -
ممتاز ڀٽو جا ٽنڊو محمد خان جي ميرن سان رابطا، ن ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت
ممتاز ڀٽو جا ٽنڊو محمد خان جي ميرن سان رابطا، امير بخش ڀٽو پيغام کڻي مير عنايت ٽالپر وٽ پهچي ويو، مسلم ليگ ”ن“ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت، ميدان صلاح مشوري لاءِ وقت گهري ورتو، مير گروپ ۾ ٻه لاياب، پ پ يا نواز ليگ ، فيصلو خاندان جا وڏا ڪندا
وڌيڪ پڙھو