سنڌ سماچار
-
هٿياربندن اوطاق تي ويٺل هندو نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
شهدادڪوٽ ۾ هٿيار بندن هندو نوجوان کي قتل ڪري فرار ٿي ويا ، واقعو مبهم بڻيل ، شهر جي (بي) سيڪشن ٿاڻي جي حد آدماڻي ڦاٽڪ ويجھو يتيم آباد پاڙي ۾ اڻ ڄاتل هٿيار اوطاق تي ويٺل هندو نوجواڻ اجيت ڪمار پٽ چيٽو مل کي مٿي ۾ فائر ڪري زخمي ڪري ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
احمدپور واسي فوجي جوان اسڪردو لڳ جهاز حادثي ۾فوت
اسڪردو لڳ جهاز حادثي ۾ زخمي ٿيل احمدپور واسي فوجي جوان فوت، مڙهه اباڻي ڳوٺ آندو ويو ڳوٺ ۾ سوڳ، فوجي سلامي سان تدفين
وڌيڪ پڙھو -
وڪري الزام هيٺ هٿ ڪيل 3 عورتون ۽ 2 مرد پيرڳوٺ جي عدالت ۾ پيش
ٻٻرلوءِ پوليس هٿان وڪري الزام هيٺ هٿ ڪيل 3 عورتون ۽ 2 مرد پيرڳوٺ جي عدالت ۾ پيش، عورتون جيل حوالي، مرد رمانڊ تي پوليس حوالي، عورتون پاران عدالت ٻاهران پوليس خلاف دانهون، انصاف جي گهر
وڌيڪ پڙھو -
مستونگ ۾ مارجي ويل شيعه نوجوان جو لاش گهر پهتو
شهدادڪوٽ جي ڪالهه مستونگ ۾ مارجي ويل شيعه نوجوان جو لاش گهر پهتو ، ڪهرام برپا سندس آخري رسمن ۾ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
صدرجي ڀٽيون ۾ قرآن پاڪ پرواز ڪري لٿو
پيرڳوٺ لڳ صدرجي ڀٽيون ۾ مشهور درگاهه شهيد بادشاهه تي قدرتي معجزي طور قرآن پاڪ پرواز ڪري لٿو، سوين ماڻهن زيارت لاءِ پهتل، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ صدرجي ڀٽيون شهر ۾ مشهور درگاهه شهيد بادشاهه تي قدري معجزي طور شهيد ٿيل قرآن پاڪ پرواز ڪري لٿو
وڌيڪ پڙھو -
امڪاني برسات ۽ ٻوڏ جي حوالي سان خيرپور ضلعي جي ڪچي واري علائقن ۾ انتظاميه جو دورو
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ، رينجرز جي ميجر شهباز، آبپاشي کاتي جي ايگزيڪيٽوِ انجنيئر بهادر خان اڄڻ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن سانوڻي جي امڪاني برسات ۽ ٻوڏ جي حوالي سان خيرپور ضلعي جي ڪچي واري علائقن ۾ مختلف بچاءُ بندن جو معائنو ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
نادرا جون ٽيمون مختلف علائقن جو دورو ڪنديون
ڊپٽي ڊائريڪٽر (ايم آر ويز) نادرا ريجنل هيڊ ڪوارٽر سکر، خيرپور ضلعي جي مختلف يونين ڪائونسلن اندر ماڻهن کي سندن علائقن ۾ قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ نادرا جي موبائيل وينز جو شيڊيول پڌرو ڪندي ڄاڻايو آهي
وڌيڪ پڙھو -
ڦليلي واهه جي کاٻي ڪپ کي لڳندڙ گھاري جي مرمت نه ٿي سگھي
ٽنڊو محمد خان جي گلشن فيض ڪالوني جي سوين رهواسين جو ڦليلي واهه جي کاٻي ڪپ کي لڳندڙ کاد جي مرمت نه ڪرڻ ۽ مٽي جي ڀراءُ نه ڪرڻ خلاف ايوب سومرو، عارب رند، علي نواز شاهه، سلمان بالادي، اسحاق سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو
وڌيڪ پڙھو -
فنڪشنل ليگ جي قيادت بي باڪ آهي،مير اعجاز علي ٽالپر
ٽنڊو محمد خان جي مير گروپ ۽ سندن حمايتين جو گڏيل اجلاس ڪوٺايو ويو. جنهن کي اڳوڻي صوبائي وزير مير اعجاز علي ٽالپر جي خطاب ڪندي چيو ته ملڪي موجوده حالتن ۾ فنڪشنل ليگ ملڪ جي واحد سياسي پارٽي آهي
وڌيڪ پڙھو -
شهدادڪوٽ: پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو
شهدادڪوٽ ويجھو آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ، احتجاج ڪندڙن ۾ پ پ اڳواڻ رئيس بخشل علي مگسي ، صفدر مگسي ، علي حسن پتوجو ، فدا چنه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حاڪم شاه پل وٽ لاڙڪاڻي مين روڊ تي ڌرڻو هنيو
وڌيڪ پڙھو