سنڌ سماچار
-
خيرپور ضلعي جي برسات متاثرن جي سارسنڀال لاءِ ڪوششون جاري آھن، محمد عباس بلوچ
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ چيو آهي ته برسات متاثرن جي سار سنڀال لاءِ ضلعي انتظاميه پاران هر ممڪن ڪوشش ورتي پئي وڃي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي ن سکر ۽ ڀرپاسي ۾ سنڌ دشمن آرڊيننس خلاف ھڙتال ۽ ڌرڻا
سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي سنڌ جي ٻين شهرين جيان سکر ۽ ڀرپاسي به سنڌ دشمن آرڊيننس جي خلاف قوم پرست پارٽين پاران روڊن تي ڌرڻا هڻي روڊن کي بند ڪيو ويو جنهن ڪري سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور بند ٿي وئي
وڌيڪ پڙھو -
نساسڪ آفيسرن جي غفلت سبب سکر ضلعو مڇرن ۽ مکين جي لپيٽ ۾ اچي ويو
صحت کاتي جي نساسڪ آفيسرن جي غفلت ۽ لاپرواهيءَ ڪري سکر ضلعو مڇرن ۽ مکين جي لپيٽ ۾ اچي ويو ۽ ضلعي جي ڀر پاسي جي علائقن روهڙي، ڪنڌره، صالح پٽ، پنو عاقل، مختلف بيماريون ڦهلجڻ جو خدشو
وڌيڪ پڙھو -
ٽي وي چينل جي ڪارڪن جي قتل خلاف احتجاج
پشاور ۾ نجي ٽي وي چئنل جي جي ڪارڪن محمد عامر جي قتل خلاف سکر جي صحافين سنيئر صحافي لا لا اسد پٺاڻ ۽ سکر يونين آف جرنلسٽ صدر نصرالله وسير جي اڳواڻي ۾ ٻاهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
8 کان 10 هزار وڌيڪ نوان ماستر ڀرتي پڻ ڪيا ويندا،وڏو وزير
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي آصف علي زرداري جي قيادت ۾ صبر، تحمل ۽ سياڻپ سان چئن سالن کان وڌيڪ حڪومت ڪري رهي آهي
وڌيڪ پڙھو -
سکر ۾ القدس ريلي، مظلوم فلسطيني مسلمانن جي حمايت جو اعلان
هر سال وانگر ڪالهه به سکر ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل ، شيعا ايڪشن ڪاميٽي، اماميه اسٽوڊنٽس فيڊريشن، اصغريه آرگنائيزيشن پاڪستان پاران جمعي جي نماز بعد حيدري مسجد پراڻي سکر کان يوم القدس ريلي ڪڍي ويئي.
وڌيڪ پڙھو -
سي اين جي رڪشا ڊرائيورن جو سوزوڪي ڊرائيورن ۽ اسٽارٽرن خلاف مظاھرو
سکر جي سوزوڪي ڊرائيورن ۽ اسٽارٽرن جي ڏاڍائين خلاف سي اين جي رڪشا ڊرائيورن پاران رڪشائون روڊ تي بيهاري سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
مڙس مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪياپيا وڃن، تحفظ فراهم ڪيو وڃي، مهوش
جيڪب باد جي رهائشي هنڌو نوجوان ڇوڪري منيشا کي سخت سيڪورٽيءَ جي پهري هيٺ سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ۾ پيش ڪيو ويو، ناري عدالت آڏو بيان ڏيندي چيو ته اسلام کان متاثر ٿي ڪري مسلمان ٿي ڪري شادي ڪئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
پير جو ڳوٺ : ڪچي ۾ نامعلوم هٿياربندن جي ڳوٺ کي باهه
پيرڳوٺ لڳ ڪچي ۾ نامعلوم هٿياربندن جي ڳوٺ کي باهه، 3 گهر ۽ اوطاق سڙي رک، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ ڪچي جي ڳوٺ سومر ملاح ۾ نامعلوم هٿياربندن ڳوٺ کي باهه ڏئي ڇڏي
وڌيڪ پڙھو -
عورتن کي معاشي طور تي سگهارو بڻايو وڃي ، وڏو وزير
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت جو عزم آهي ته عورتن کي معاشي طور تي سگهارو بڻايو وڃي ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت 70 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين 7 هزار غريب عورتن ۾ تقسيم ڪري چُڪي آهي.
وڌيڪ پڙھو