ٿرپارڪر
ننگرپارڪر ۾ لوڻ کاڻ ڪمپني مقامي ماڻهن کي ڪڍي ڌاريا ڀرتي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا
17 مارچ ، 2013
ننگرپارڪر ۾ لوڻ کاڻ ڪمپني مقامي ماڻهن کي ڪڍي ڌاريا ڀرتي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا
ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ننگرپارڪر جي رڻ واري ڳوٺ موکئي ۾ لوڻ کاڻ مان لوڻ کڻندڙ ڪمپني انتظاميه طرفان ڳوٺاڻن سان زيادتين جي حد ڪري ڇڏي آهي، اسلام ڪوٽ ۽ مٺي جي صحافين جي هڪ ٽيم جاچ لاءِ ڄڻايل ڳوٺ پهچي کاڻ واري هنڌ جو معائنو ڪيو. حڪومت طرفان صرف 612 ايڪڙ زمين ليز تي ڏني آهي، پر هنن 1200 ايڪڙن تي زبردستي قبضو ڪري لوڻ کنيو پيو وڃي ۽ اسان جي سروي زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي. شروع ۾ ڪمپني معاهدو ڪيو ته زمين جو معاضو ڏنو ويندو. پر ڪمپني ڦري وئي، ان کانسواءِ هتي جيڪي به مزدور ڪم ڪن پيا، اهي مقامي بجاءِ ڪراچي ۽ پنجاب جا رهاڪو ڪم ڪري رهيا آهن. مقامي ڳوٺاڻن کي گهٽ مزدوري جو چئي روزگار ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڪمپني طرفان شروع ۾ مزدورن کي في ريڙهي 15 روپيا ڏني ويندي ۽ هن وقت 6 کان 8 رپيا في ريڙهي ڏني وڃي ٿي. جڏهن ته مقامي ڳوٺن ۾ ٽريڪٽر موجود هجڻ باوجود ٺيڪيدار ڪراچي کان ٽريڪٽر ۽ ڊرائيور گهرائي ورتا آهن.