شڪارپور

  • خيرپور پوليس پاران ڌاڙيل ڄاڻائي ماريل ڳوٺ جو چڱو مڙس نڪتو، احتجاج

    لکي غلام شاهه لڳ ڳوٺ نهال خان جي رهواسي عبدالحق عرف راڻو جاگيراڻي کي ڏينهن اڳ خيرپور پوليس ڌاڙيل قرار ڏئي ماري ڇڏيو هو، جنهن جو لاش لکي لڳ ڳوٺ نهال خان جاگيراڻي ۾ دفنايو ويو، جاگيراڻي، مغيم خان، منٺار علي، ضمير احمد، غلام نبي، گلشير احمد ۽ سوين برادري جي ماڻهن جيئي سنڌ تحريڪ جي ضلعي سکر جي صدر محمد عيدن جاگيراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نٽهڻ اُس ۾ خيرپور پوليس خلاف ڌرڻو هنيو، عيدن جاگيراڻي منظور احمد خطاب ڪندي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ خيرپور پوليس ڳوٺ جي چڱي مڙس عبدالحق عرف راڻو جاگيراڻي کي ڌاڙيل قرار ڏئي ڇڏيو، مقابلي ۾ قتل ڪيو آهي، هنن آءِ جي سنڌ کان گهر ڪئي ته ڳوٺ نهال خان جاگيراڻي جي چڱي مڙس عبدالحق عرف راڻو جاگيراڻي جي قتل جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف لکي ٿاڻي تي رابطو ڪيو ويو ته ٿاڻي جي وڏي منشي ٻڌايو ته عبدالحق عرف راڻو جاگيراڻي مٿان لکي ٿاڻي تي ڪوبه ڪيس داخل نه آهي، هوڏانهن خيرپور پوليس 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪوبه ڪيس داخل نه ڏيکاري سگهي آهي.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button