شڪارپور

  • ٺري ميرواھ جو اڳوڻو ڊي ايس پي لطيف شر شڪارپور ۾ قتل

    اڳوڻو ڊي ايس پي لطيف شر ڪورٽ سڳوري کان موٽندي مسلح هٿيار بندن هٿان قتل ، قاتل فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب . تفصيل موجب اڳوڻو ڊي ايس پي لطيف شر پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٺري مير واه کان ڪورٽ سڳوري ۾ حاضري کان جيئن ئي موٽي رهيو هيو ته سني پيٽرول پمپ شڪارپور با۽ پاس تي لڳل اسپيڊ بريڪر سبب جيئن ئي گاڏي آهستي ڪئي ته لڪيل هٿيار بندن مٿس فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته سندس ڊرائيورخدا بخش گوپانگ شديد زخمي ٿئي پيو علائقي جي ماڻهن کين سول اسپتال شڪارپور پهچايو جتي سندس زخمي ڊرائيور کي فرسٽ ايڊ ڏئي ڪري سول اسپتال لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو ۽ اڳوڻو ڊي ايس پي لطيف شر جي لاش کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان پو۽ سندس لاش شڪارپور پوليس جي هڪ اهلڪار منٺار شر وصول ڪيو

    وڌيڪ پڙھو
  • شھيد پوليس اھلڪار جو قاتل گرفتار

    گواز واه تي پوليس چوڪي تي حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار اقبال احمد ڀٽو جا قاتل گرفتار ايس ايس پي جنيد احمد شيخ جي پريس ڪانفرنس تفصيل موجب هڪ هفتو اڳ گواز واه چوڪي تي ٿيل حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار اقبال احمد ڀٽو ۽ سخت زخمي ٿلي پوليس اهلڪار علي گوهر دايو جا قاتل پڪڙڻ لا۽ ايس ايس پي جنيد احمد شيخ اسپيشل ٽيمون جوڙيون هنيون جنهن ۾ نيو فوجداري ٿاڻي جو ايس ايڇ او اياز خان پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ ڳڙهي ياسين جي لڳ ڳوٺن ۾ سرچ آپريشن ڪري جوابدار ضمير لوهر ۽ انبي خروس کي جديد اسلحي سميت گرفتار ڪري ورتو ۽ انهي چيڪنگ دوران ڳڙهي ياسين لڳ ياسين واه تي ذوالفقار تڙت ۽ حبدار تڙت کي پڻ جديد اسلحي سميت گرفتار ڪيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • شڪارپور ۾ ٻئي ڏينهن به جيئي سنڌ قومي محاذ جي طرفان ڪيل هڙتال

    شڪارپور ۾ ٻئي ڏينهن به جيئي سنڌ قومي محاذ جي طرفان ڪيل هڙتال جي سڏ تي جيئي سنڌ قومي محاذ جي چئرمين بشير خان قريشي کي ڪراچي ۾ رينجرس جي هٿان گرفتاري تي شڪارپور ۾ مڪمل هڙتال رهي هڙتال سبب سرڪاري آفيسن ۾ حاضري گهٽ رهي پيٽرول پمپ ، دڪان ، پرائيوٽ اسڪول ۽ کاڌي پيتي جي شين جا دڪان پڻ بند رهيا جڏهن ته جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڪارڪنن شڪارپور ۾ ڪارڪن جي گرفتاري خلاف پڻ ريلي ڪڍي ۽ شهر جي مک چوراهن لکي در ، هزاري در ، هاٿي در ، رستم چوڪ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي انهن جو چوڻ هنيو ته حڪومت بلا جواز ڪنهن جي چوڻ تي پرامن سنڌي شهرين کي گرفتار ڪري ڊرامو ڪري رهي آهي حڪومت کي خبر آهي ته ڪراچي ۾ ڪير دهشتگردي ۾ ملوث آهي باقي حڪومت سنڌي قوم سان ڇيڙ خاني ڪري بلا وجه پرسڪون ماحول خراب ڪري رهي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • جسقم چئرمين جي گرفتاري خلاف شڪارپور ۾ ريليون، ڪاروبار بند، مختلف پارٽين طرفان نندا

    جيئي سنڌ قومي محاذ جي چئرمين بشير خان قريشي کي ڪراچي مان گرفتار ڪرڻ کان پو۽ شڪارپور ضلعي جي چئني تعلقن خانپور ، ڳڙهي ياسين ، لکي غلام شاه ۾ ريليون ڪڍيون ويون ۽ ڪاروباري مرڪزن کي بند ڪرايو ويو جڏهن ته شڪارپور شهر ۾ عبدالسمي بلالي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جسقم جي ڪارڪنن شهر جا دوڪان ، هوٽل ، اناج منڊي ۽ سبزي مارڪيٽ، بازارن کي پڻ بند ڪرايو بعد ۾ جسقم ڪارڪنن چئني صوبن ڏي ويندڙ نيشنل ها۽ وي بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب مسافرن کي تڪليف جو منهن ڏسڻو پئجي ويو ان موقعي ته سميع بلالي صافين کي ٻڌايو ته بشير خان قريشي کي گرفتار ڪرڻ هڪ غير قانوني غير جهموري عمل آهي جنهن جي اسان مذمت ڪريون ٿا جيڪڏهن بشير خان قريشي کي آزاد نه ڪيو ويو ته سڀاڻي کان اسان پنهنجي احتجاج جو دائرو وڌائينداسين ان کان علاوه پ پ ش ڀ ، جسمم ، ۽ ٻين سياسي تنظيمن پڻ جسقم چئرمين بشير خان قريشي جي گرفتاري کي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • شڪار جي ھندو واپاري تي ھٿياربندن جو تشدد

    شڪارپور ڀٽائي بازار جي هندو واپاري دليپ ڪمار کي نامعلوم هٿياربندن معمولي ڳالهه تي سخت تشدد جو نشانو بنايو واپاري برادري پاران دڪان بند ڪري لکي در ٿاڻي تي سخت احتجاج، ڌهرڻو ملزم گرفتار ڪرڻ جو مطالبو . تفصيل موجب: شڪاپور جي ڀٽائي بازار جي هندو واپاري دليپ ڪمار کي نامعلوم هٿيار بندن اسلحي جي زور تي سخت مارڪٽ ڪئي ۽ تشدد جو نشانو بنايو ماڻهن وچ ۾ اچي ڪري کيس بچايو اها خبر جڏهن ڀٽائي بازار جي صدر سيٺ افضل آرائين کي پئي ته ڀٽائي بازار بند ڪري لکي در ٿاڻي تي ملزمن کي گرفتار ڪرڻ لا۽ سخت احتجاج ۽ ڌهرڻو هنيو

    وڌيڪ پڙھو
  • شڪارپور ۾ مليريا ، ڊائريا ۽ ڊينگي وائرس کان بچڻ لا۽ اسپري ڪرائڻ جو فيصلو

    شڪارپور ۾ مليريا ، ڊائريا ۽ ڊينگي وائرس کان بچڻ لا۽ اسپري ڪرائڻ جو فيصلو . تفصيل موجب : تازو سنڌ ۾ برساتن کان پو۽ ڦهلجندڙ بيمارين مليريا ، ڊائريا ، ڊينگي وائرس کان بچڻ لا۽ اڄ اي ڊي او آفيس ۾ اي ڊي او هيلٿ شڪارپور ڊاڪٽر خليل احمد ڪٽپر جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ شڪارپور ضلعي جي ڊاڪٽرن حصو ورتو ان اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته شڪارپور ضلعي جي چئني تعلقن جنهن ۾ لکي غلام شاه ، ڳڙهي ياسين ، خانپور ۽ ننڍن ننڍن علائقن جنهن ۾ همايون ، مدئجي ، ڳاهيجا ، رڪ ، جهلي ڪلواڙي ، ميان صاحب ، رستم ، ڳوٺ ڦلپوٽا ، مريد ڳوٺ ، ڪرن شريف ۾ پيل تازين برساتن کان پو۽ ڦهلجندڙ بيماريون جنهن ۾ مليريا ، ڊائريا ، ڊينگي وائرس کان بچا۽ لا۽ اسپري ڪرائي ويندي ۽ چار ٽيمون جوڙيون ويون آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • شڪار پور ۾ بارش، 2 کان 3 فٽ پاڻي بيھي رھجي، مواصلاتي نظام درھم برھم

    اڄ صبح کان شڪارپور ضلعي ۾ برسات ۽ بادلن جي گجگوڙن وقفي وقفي سان وڏي اسپيڊ سان برسات جاري شهر جي مختلف چوراهن تي پاڻي 2 کان 3 فٽ بيهجي ويو اسڪولن، ڪاليجن ۽ آفيسن ۾ حاضري گهٽ رهي . تفصيل موجب : اڄ صبح کان شڪارپور ضلعي ۾ برسات ، کوڙن جا گجگوڙ برسات شڪارپور شهر ، لکي غلام شاه ، خانپور ، ڳڙهي ياسين ، مدئجي ، همايون ، رڪ ، جهلي ڪلواڙي ، ڳاهيجا ۾ تباهي مچائي ڇڏي برسات وقفي وقفي سان جاري جڏهن ته شهر جي مک چوراهن جنهن ۾ هزاري در ، هاٿي در ، جماڻي هال، پوليس 15 چوڪ، پريس ڪلب ، لکي در گهنٽاگهر ، حاجي لطيف شاه روڊ ، سرڪيولر روڊ تي ٻه کان ٽئي فوٽ پاڻي بيهجي ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • سکر جو رھواسي قتل، 6 مبينه جوابدارن مٿان ڪيس داخل

    پراڻي تڪرار تي سکر جو رهواسي گلزار شاه کي پنهنجي مائٽن گوليون هڻي شڪارپور منڊي ڦاٽڪ وٽ قتل ڪري ڇڏيو سندس لاش اڌ ڪلاڪ اس ۾ پيو رهيو سندس لاش ايڌي وارن کڻائي سول اسپتال پهچايو . تفصيل موجب : شڪارپور شهر جي منڊي ڦاٽڪ وٽان سيد گلزار شاه پٽ بهار شاه عمر 45 سال وڃي رهيو هو ته سندس مائٽن کيس گولين جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ٻڌايو پيو وڃي ته گلزار شاه اصل گوسڙجي جو رهواسي آهي گلزار شاه زخمن جا سور نه سهندي تڏي ته فوت ٿئي ويو جڏهن ته فوتي جو لاش منڊي ڦاٽڪ وٽ اٽڪل اڌ ڪلاڪ پيو رهيو سندس لاش کي مشهور فلاحي تنظيم ايدهي وارن کڻائي سول اسپتال پهچايو سول اسپتال جي عملي پاران فوتي جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • ٽوڙي بند ٽٽڻ جا ذميوار خورشيد شاهه ۽ آبپاشي کاتو آهن: عابد سندراڻي

    دڙي شهر جي رهواسي ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي ھڪ سنڌي اخبار جي ٽيم سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ٽوڙي بند ٽٽڻ جو ذميوار وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ۽ ايريگيشن کاتو آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو توڙي انگريز سرڪار لکت ۾ ڏئي ويا آهن جڏهن به ڪا مها ٻوڏ اچي ته ليفٽ سائيڊ کان عيلواهڻ وٽان درياهه کي ڪٽ هنيو وڃي ڇو ته درياهه جي پاڻيءَ جو سدائين زور ساڄي پاسي هوندو آهي هن چيو ته اتي موجود ماڻهن ٻڌايو آهي ته ٽوڙي بند ٽٽڻ کانپوءِ درياهه جي سيڪنڊ لائين تي ڌماڪو ٿيو ۽ پاڻي شهرن ڳوٺن ۽ آباد زمين ۾ داخل ٿيو. هن چيو ته دڙي شهر مڪمل ختم ٿي ويو. اسان جي سرڪار کان وڌيڪ سماجي تنظيمن مدد ڪئي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • شڪارپور ۾ٻن سپاهي ڀائرن هٿان 2 سڳا ڀائر فائرنگ ڪري قتل، هڪ نوجوان کي ٿاڻي آڏو گوليون هنيون ويون

    شڪارپور ۾ ٻن سپاهي ڀائرن پاران ٻن سڳن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو، هڪ ڀاءُ کي شڪارپور وچ شهر ۾ ٿاڻي آڏو جڏهن ته ٻئي ڀاءُ کي ڊکڻ لڳ قتل ڪيو ويو، جوابدار وچ شهر ۾ ڪارروائي ڪرڻ بعد آساني سان فرار، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، سندن گهر ۾ ماتم، روڄ راڙو. تفصيل موجب گذريل ڏينهن شڪارپور وچ شهر ۾ لکيدر ٿاڻي آڏو چؤڪ تي ڊکڻ لڳ ڳوٺ فقير جو رهواسي 32 سالا نوجوان عيوض پٽ وزير ککراڻي ڪنهن ڪم سانگي شهر آيل هو ۽ لکيدر چؤڪ تي هوٽل ٻاهران بيٺو هو ته موٽرسائيڪل سوار هڪ جوابدار مٿس سڌا فائر ڪري ٿڏي تي ئي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ جي آواز تي وڏي انگ ۾ شهري واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويا جڏهن ته سامهون لکيدر ٿاڻو هئڻ باوجود پوليس بروقت نه پهتي ۽ جوابدار آساني سان فرار ٿي ويو، ٻڌايو وڃي پيو ته جوابدار جي سڃاڻپ علي حسن ککراڻي طور ٿي جيڪو نيوفوجداري ٿاڻي تي سپاهي آهي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button